1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

غزل ۾ جديد لاڙا

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ مظهر شاه طرفان آندل موضوعَ ‏12 ڊسمبر 2012۔

  1. مظهر شاه

    مظهر شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 مئي 2011
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    35
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    1
    غزل
    عشق محبت انسان جي خمير م سمايل آهي جتي به انسان هجي اهو بر هجي يان بحر ،گلستان هجي يان بيابان آبادي هجي يا ويراني اتي عشق پنهنجي ڪرشمه سازي ڏيکاري ٿو .جيئن ته دنيا جي ڪا به قوم ۽ ملڪ شاعري کان خالي نه آهي ۽ عشق شاعري جو وڏو محرڪ آهي .تنهن ڪري ڪا به قوم ۽ ملڪ عشقيا شاعري کان به خالي ن آهي.
    سنڌ عشقي رومان جو اهو ديس آهي.جتي سسئي پنهون،سهڻي ميهار،مومل راڻو ،ليلا چنيسر ۽ عمر مارئي جي داستانن جنم ورتو ۽ پنهنجي عشق ۽ محبت جي ڪارنامن سان متاسر ڪيو هن عشق ۽ محبت جي سرزمين تي جڏهن غزل ايران مان ڪهي اچي قدم رکيو ته هن ڏرتي جي حساسن شاعرن ان جو کلي دل سان استقبال ڪيو شرو ۾ فارسي دانن شاعرن ان ۾ نغمه سرائي ڪئيپر وقت گذرڻ سان ان فارسي جامو مٽائي سنڌي ٻولي جو لباس زيب تن ڪيو هن وقت غزل پنهنجي موسيقي ۽ ترنم مزي ۽ ميٺاج،نازڪ ۽ لند خيالي سبب سنڌي شاعري ۾ هڪ مظبوط ۽ بلند مقام ڪري چڪو آهي .ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته غزل سنڌ جي مقبول ترين مقامي صنفن ڪافي ۽ بيت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايو وييٺوآهي
    غزل جي ابتدا
    توريت جي انبياءُ واري صحيفي حضرت دائود ۽ حضرت سليمان جو صحيفو زبور آهي .جنهن جي مضمون کي “غزل الغزليات”ڪوٺيو ويو آهي.پنهنجي اصلي زبان ۾ اهي سڀ مو ضون غزل آهن.جن کي اهي پيغمبر پهاڙن تي آلاپيندا آهن،جو انسان ،جن پکي جانور سڀ وجد ۾ اچي ويندا هئا.آسماني صحيفي جي انهن آيتن يان ٻين لظن ۾ انهن غزلن ۾ هو پنهنجي جذبي وچان ايتري قدر چئي ويا آهن ته اي منهنجا محبوب جيڪڏهن تون مون وٽ پير ڀري اچين ته مان ( مان ان جي لائڪ نه آهيان) گرم پاڻي ڪري انهن سان تنهنجا پير ڌوئان تنهنجي وارم ۾ تيل مليان ۽ تنهنجي لاءِ نرم هند وڇايان .
    زبور جي انهن آيتن تي ويچار ڪرڻ کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو غزل جو ڪم ازل کان وٺي حسن پرستي تي مقرر ڪيو ويو آهي هن شاعري جي وصف عاشقانه مزاج سان هن دنيا ۾ آئي .
    غزل جي تشريح 2
    عام طرح ايئن سمجهيو ويندو آهي ته غزل جي معنيٰ آهي عورت سان عشق ۽ محبت جون ڳالهيون ڪرڻ ڪيتريون ئي لغتون ۽ اديب ان خيال جي تائيد ڪن ٿا .
    عربي لغت جو امام مجدالدين محمد فيروز آبادي پنهنجي جڳ مشهور لغت “القاموس المحيط” ۾ فرمائي ٿو مغاز لهه النسادمحاد ٽثحن الا اسم الغزل محرڪ” مطلب مغاز له جو مطلب آهي عورت سان ڳالهيون ڪرڻ هن مان اسم غزل ٽنهين حرفن جي حرڪت سان آهي.
    خواجه الطاف حسين حالي غزل جي تشريح هن لفظن ۾ ڪئي آهي . غزل جي معناٰ لغت ۾ عشق بازي ڪرڻ ۽ عورتن سان مخاتب ٿيڻ آهي. عربي ۾ چوندا آهن “زيد اغزل من عمرو” يعنيٰ زيد عشق جا مضمون عمرو کان وڌيڪ بيان ڪري ٿو يان زيد عمرو کان وڌيڪ عشق باز آهي .
    علامه شبلي نعماني “شعر العجم” ۾ ايران جي عشقيه شاعري تي بحث ڪندي غزل بابت فرمائي ٿو.قصيدي ۾ ممدوح جي تعريف ٿيندي آهي .غزل ۾ معشوق جي ......۽ غزل ۾ محبوب جي حسن و جمال ناز و ادا جور وجفا جو بيان ٿينددو آهي .
    غزل عربي زبان جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي عشق جون ڳالهيونن ڪرڻ خاص ڪري سهڻن سان ڪن ماڻهن جو اهو خيال آهي غزل “غزالا مان ورتو ويو آهي جنهن جي معنا آهي ڪتڻ يان وٽڻ .بيان ڪيل غزل جي تشريحن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته غزل جي معنيٰ آهي محبوب يان ڪنهن سهڻي سان عشق جون ڳالهيون ڪرڻ ۽ هن صنف جو بنيادي موضوع عشق ۽ ان جي معاملن جي مختلف ڪيفيتن جي ترجماني ڪرڻ
    غزل جا اصول
    پروفيسر سيد عابد علي چوي ٿو ته غزل جي بيان ڪيل لغوي مفهوم ۾ کي ڌيان م رکي عام طرح غزل چوڻ آهي هي اصول مقرر ڪيا ويا آهن
    1 غزل کي ناز ۽ نياز جي ڪيفيتن ۽ حسن سان سينگاريل هئڻ گهرجي
    2 ٻولي جيتري ٿي سگهي نرم ۽ شيرين ۽ بيان دلڪش ۽ دل پذير هئڻ گهرجي
    3 غزل کي ابتذال ۽ هلڪڙائپ کان پاڪ هئڻ گهرجي
    4 محبوب ساب ختاب جو انداز ۽ اسلوب نيازمندنه هئڻ گهرجي
    5 جيتري قدر ٿي سگهي ڪلام کي صنعتن کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيئن خيال پيچدار نه ٿئي .
    غزل ۾ جديد لاڙا
    بنيادي طور غزل فارسي ٻولي جي معرفت سنڌي ٻولي کي مليو آهي. غزل شاعري جي اها نفيس صنف آهي جنهن ۾ محبوب جي ثنا، سونهن جي واکاڻ ۽ عشق جي قصن جي اپٽار ڏني پئي وئي آهي. پر ارتقا جا مختلف مرحلا طئي ڪري غزل پنهنجي پاڻ ۾ مختلف موضوع سهيڙيا، سميٽيا ۽ شامل ڪيا آهن. جن ۾ وطن دوستي، وطن پرستي، انقلاب، بک، بدحالي، قومي جاڳرتا، سماجي شعور، ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا موضوع شامل آهن جن ۾ توڙي جو غزل جو روايتي رومان نه آهي پر پوءِ به غزل انهن موضوعن ۾ پاڻ موکيو ۽ مڃايو آهي.
    “محمد خان غني جي “سنڌ جي جديد شاعري” (1936) مطابق سنڌ جي پهرئين غزل گو شاعر سدا حيات نورمحمد ٽکڙائي “خسته”( 18 صدي شروعاتي ڏهاڪن ۾) کان وٺي اڄ تائين سنڌي غزل زري گهٽ ٽي صديون پختي پير سفر ڪيوآهي. پختي پير ان ڪري چئي ٿو سگهجي جوشروع کان اڄ تائين وقت گذرڻ سان، ان سان جڙندڙ شاعرن جو انداز هر صدي هر ڏهاڪي وڌندو ئي رهيو آهي .غزل ڪڏهن ڪمزور نه ٿيو آهي . نه صرف ايترو پر مواد ۽ ٻولي جي لحاظ کان به ان پرڏيهي يعني ايراني/ اردو انداز ۽ ويس تياڳي ڏيهي فضا ۾ ساه کڻڻ شروع ڪيو ۽ سنڌ جي مٽي سان واسجي ڏيهي موضوع ۽ سولڻي سنڌي اختيار ڪئي.” [1]
    گذريل ڏهاڪي جي سنڌي غزل تي نظر وجهبي ته اهو ڪافي حدد تائين بدليل نظر ايندو.عربيت پارسيت دور جي شي لڳندي سواءِ ڪن ٿورن مثالن جي جن جو زڪر اڳتي ٿيل آهي .غزل پاڻ کي پوري طرح ڏيهي رنگ ۾ ۾رڱيو آهي .مواد توڙي اظهار۾ مڪمل طور خيال ونڊينداسون ڪوشش ڪري هند ۽ سنڌ جي عزل کي گڏوگڏ ڏسندا وينداسين جيئن سنڌي غزل جي صاف تصوير اڀري آڏو اچي
    غزل جا روايتي لاڙا
    غزل اصل ۾ رومان ۽ عشق جي صنف آهي. پيار، محبت، عشق، وڇوڙو ۽ وصل ان جو روح آهي. روايتي غزل پنهنجي پيڪر ۾ رومان نرالو رکي ٿو. جيئن اردو غزل رقيب ۽ قريب جي جفا ۽ وفا جي گرد گهمي ٿو، ايئن ئي سنڌي غزل پڻ پنهنجي روايتي تصوير ۾ ان وايو مڊل کان مختلف نه هو. وصل_ هجر _وفا_ جفا، انڪار، اقرار، بيقراري ۽ زلفن جي اسيري غزل جا روايتي لاڙا ۽ موضوع رهيا آهن. غزل جي شروعاتي توڙي ٿورو پوءِ وارن شاعرن غزل جو روايتي لاڙو ۽ گهاڙيٽو اپنايو.
    شريڪِ غم نه آهي ڪو ته عشقِ غم کي ڇا ڪريان؟
    طبيعت هاڻ بشاش آهي، چشم نم کي ڇا ڪريان؟
    هجوم غم شب مهتاب يا يار گڏ آهن
    ضرورت ڪا نه باقي آهه ،ٻئي محرم کي ڇاڪريان
    اي قاصد ،هاڻ پنهنجي حال تي مون کي ڇڏي ڏي تون
    اکين تي ٿو رکان ۽ صبر کان وٺڻو پوي ٿپ ڪم،
    ٻڌايو،همنوا، ٻيو رنجش پيهم کي ڇا ڪريان ؟
    راه الفت ۾ هلندي وات تي جيڪو پوي ٿڪجي
    اهو ڇڏڻو اتي ئي پيو،انهيءَ بيدم کي ڇاڪريان؟
    جواب جاهلان باشد خموشي، تي عمل آهي
    ڀلا بيدرد هڪڙي واعظ بيغم کي ڇاڪريان ؟
    دل مجروح ورا زخم توتي خنده زن آهن،
    نه ته هاڻي همدردي ٿي کپي ،مرحم کي ڇاڪريان؟
    فقيراڻو هي بس ڪشڪول آهي طالب الموليٰ
    ملي جيڪر ته اڇلايان،مان جام جم کي ڇاڪريان؟
    (طالب الموليٰ)
    اچ ته بلبل!اشڪ خون مان گلستان پيدا ڪريون
    برق ديده آشيان کان آشيان پيدا ڪريون.
    ڇو رهون، ڇالاءِ رهون،منت ڪش باد بهار ؟
    آشيان جي خاڪ مان پنهنجو جهان پيدا ڪريون
    باغ هستي ۾ جي گل ناهن ته ڪنڊا به چڱا،
    خون دل تن کي پياري، بوستان پيا ڪريو
    راس ناهي پاڻ کي همدم پراڻي ڪائنات
    نئين زمين پيدا ڪريون، نئون آسمان پيدا ڪريون
    گردش افلاڪ وانجم جا ستايل!سڀ اچو،
    هي جهان ڊاهي، نئون دور زمان پيدا ڪريون.
    ڪوشش ضبط فغان آهي عبث،اي عند ليب!
    بيڪسي پنهنجي ٻڌائي مهرابان پيدا ڪريون.
    همتون موجوده جي دل ۾ اٿئي، “جوهر” ته اچ،
    خار و خس مان ئي کڻي تيغ و سنان پيدا ڪريو
    (محمد علي جوهر)
    هو ڪٿي ۽ مان آ گل ڪٿي بلبل ڪٿي
    حسن جو دريا ڪٿي ۽ عشق جو ساحل ڪٿي
    هو ته آبي پير ليڪن هي عقيدت جو ڌڻي
    هي آ ڪامل سرور ۽ هو سراپا سور آهه
    حسن جو دريا ڪٿي ۽ عشق جو ساحل ڪٿي
    روءِ زيبه زلف سيه کي ڏسي زاهد چيو
    حق جي وسعت ڪٿي ۽ ٿي حد باطل ڪٿي
    تنهن جي مئخاني مان جي گذري ويا مئخوار رند
    سي ڏٺا ڪڏهن اکين مون غافل ڪٿي
    هي چوي قهار آهي هو هو چوي بيحد ڪريم
    نقته عاقل ڪٿي ٿيو گفته جاهل ڪٿي
    نه آهي واجب پيار ۾ ليکوڪرڻ ليکو نه ڪر
    عشق جي واپار ۾ مظهر جمع واصل ڪٿي
    مظهر سيوهاڻي
    مٿين روايتي غزلن ۾ موضوع پڻ روايتي آهن.جن ۾ وفا، جفا، پروانو، بلبل، گلستان، بوءِ، زلف، رخسار، باه، عشق، محبت، اشق، آشيان، باغ، افلاڪ، خار و خس، اندليب، عبس، بوستان، مبدل، شريڪ غم ، چشم نم، بيغم، خمده زن وغيره شامل آهن اهي لفظ ۽ استعارا گهڻو ڪري فارسي زبان تان ورتا ويا آهن. روايتي غزل جي اها سڃاڻ رهي آهي ته ان ۾ فارسي ٻولي جو تمام گهنو استعمال ٿيندو رهيو آهي. روايتي غزل جي هڪ ٻي سڃاڻ اها آهي ته هن ۾ زير اضافت ۽ “و” جو استعمال تمام گهڻو ٿيندو هئو.هڪ ٻي شناخت روايتي غزل جي اها به رهي آهي ته ان ۾ محبوب کي هميشه مذڪر ڪري پيش ڪيو ويندو هئو.
    ان جي ابتڙ غزل جي جديد لاڙن ۽ گهاڙيٽن ۾ هڪ پاسي نج سنڌي ٻولي شامل ڪئي وئي ته ٻئي پاسي موضوع جي لحاظ سان غزل کي لب و رخسار،بلبل و گل، خار و خس، شمع و پرواني مان نڪري جديد اصطلاحن ۾ داخل ٿيو. جڏهن ته محبوب جو تصور پڻ مذڪر کان نڪري مونث طرف اچي ويو. انداز بيان ۾ وڏو فرق موجوده آهي قديم غزل ۾ جديد غزل جي لحاظ کان

    غزل جا جديد لاڙا
    جديد غزل جي لاڙن ۾ جيڪي اهم نڪتا آهن انهن ۾ جماليات، سنڌ دوستي، سماجي شعور، نوان احساس ۽ احساسن کي مليل نئون اظهار شامل آهي. انهن لاڙن کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته لاڙن جي بنيادي عنصرن جو مختصر ڇيد پيش ڪجي.
    جماليات
    جماليات رومان سان ئي جڙيل آهي. شعر جي گهاڙيٽي ۽ فني سونهن کي جماليات سان جوڙيو وڃي ٿو. جماليات شاعري جو اهڙو جزو آهي جنهن سان جيڪر ڪنهن دور کي نه جوڙيو وڃي ته هوند بهتر ٿئي. روايتي دور جي شاعرن کانپوء جديد شاعرن وٽ جماليات جا حواسن کي جهنڪار ڏيندڙ شعر آيا آهن .شاعرن جو ملندڙ جلندڙ خيال آهي جيڪو پنهنجو پاڻ ۾ بيحد دلچسپ ۽ ڇهندڙ آهي. شعر ۾ صرف جسم ۽ وڳي جي ڳالھ ناهي ٿيندي پر شاعر جي احساسن جي ڀرپور اظهارن جو نالو پڻ جماليات آهي. هر شاعر جو انداز پنهنجو پنهنجو آهي، اهڙي طرح جماليات صرف اندر جي احساسن جو نالو نه آهي پر شاعر جيڪو ڪجه خارجي طرح سان باهر ڏسي ٿو ان منظر کي جماليات جي ڀرپور احساسن سان چٽي عيان ۽ نروار ڪري ٿو.
    مقامي تشبيهون ۽ تلميحون
    جديد غزل پاڻ کي ٻاهرين اثر کان آجو ڪندي پنهنجي ڳالهه پنهنجي مٽي پنهنجي روح جي ڪيميا کي اظهار هيٺ آندو آهي ۽ هڪ ڌاري صنف پوري طرح پنهنجي مٽي ۾ پوکيل پليل لڳي ٿي. جديد شاعرن غزل ۾ عام مروج ۽ استعمال ٿيندڙ ٻولي، اصطلاح، تشبيهون ۽ تلميحون ڪتب آنديون.
    جنهن کي پنهنجو نه ڪنهن ڪيو هوندو
    خالي گُلدانَ جيان پيو هوندو
    توسان گڏجڻَ اچي سگهيو ناهي
    ڪيڏو مجبور ٿي ويو هوندو
    ڇا روئڻَ جو سبب ٻُڌايانءِ دوستَ!؟
    اکِ ۾ ڪَکُ ڪو پيو هوندو
    توکي مونکي ئي پرکَ ڪرڻي آ
    پاڻَ کي ڪنهن بُرو چيو هوندو؟
    منهنجون ڳالهيون، عجيب ڳالهيون هِن
    پنهنجي مُنهن پڪَ تو کِليو هوندو
    هڪ هنڌَ تي اچي پُڄاڻي آ
    پيارُ توڙي جي اَڻمَيو هوندو
    *********************************************************
    توکي مان ڪيئن ٿو وِساري سگهان؟
    گهرَ واريءَ گهٽيءَ جيان آهين
    سنڌ ۽ سنڌي سان محبت
    غزل جي قديم لاڙي ۾ ڌرتيءَ جي ڳالھ شجر ممنوع سمجهي ويندي هئي. پر غزل جي جديد انداز ۾ ڌرتيءَ جي پيار کي پڻ اظهار ڏنو ويو ۽ شيخ اياز سميت ڪيترن ئي اهم شاعرن پنهنجي غزلن ۾ سنڌ ڌرتي جي ڳالھ ڪري وطن دوستي ۽ انسان دوستي جو ثبوت ڏنو. شاعرن نه صرف ڌرتي جي ڳالهه ڪئي بلڪه تشبيهي انداز ۾ ماءُ جو رتبو ڏنو.
    جي تو اڃا نه ڄاتو آ ڪير ديس واسي،
    تنهنجو جنم اجايو، تنهنجي مٽي آڻاسي.
    آيو ويو سڪندر ،سيوهڻ اڃا اتي آ،
    هو کيرٿر کڙو آ، ويندا رهيا وناسي.
    لالڻ نوا لڪن ۾ نڪتا نياڻ آهن،
    ايندا جتي لڪن ۾ پاڌيئئئڙا پياسي
    هي شام جو مياڻي هي سون رنگ پاڻي
    تڙ تي ٻه چار ڏيا نڙ تي ٻه چار لاسي
    منهنجي اڪير ڇاهي ؟ هي چٽ چيت من ۾
    مندر اداس ڏيئو اڌ رات ديوداسي
    جي وک کي وڌائين اڄ ماڳ ڏور ناهي
    ڏوگر ڏري پيو آ ساهس ته ڌار ساسي
    نوان احساس
    شعر کي روايتي يا جديد خاني ۾ رکڻ لاءِ اهو ڏسڻ بيحد ضروري هوندو آهي ته مواد ۽ ان جو نباه ڪيئن ڪيو ويو آهي .ڪهڙي ڪنڊ کان ان کي اظهاريو ويو آهي ۽ ڏسجي ته احساس کي اظهار هيٺ آڻڻ صحيح ٿو لڳي ڇاڪاڻ ته احساس پنهنجي ليکي به اهم جزو آهي ان ڪري ان کي مواد جي سري هيٺ آڻڻ واجب ٿو لڳي . جديد شاعرن تخليق جي هر گوشي ۾ نون احساسن کي جاءِ ڏني آهي ۽ پنهنجي شاعري کي تازو توانو رکيو آهيجديد غزل جي لاڙن کي سمجهڻ لاءِ جديد غزلن جا ڪجهه مثال ڏجن ٿا
    چپ چمين کي ڳولين ٿا
    وڇڙي ڪن کي ڳولن ٿا ؟
    تارا اڀري آڌيءَ جو،
    ڪهڙي ٻن کي ڳولن ٿا
    موتيا ڏئي مهڪارون ڪٿ،
    اڄ به تن کي ڳولن ٿا.
    بند ويا ٿي ميخانا،
    رند ڪڙين کي ڳولن ٿا.
    وهه نه وهاٽيو هر ڪنهن کي،
    ڪي ته وٽين کي ڳولن ٿا
    توسان کلندي جو گذري ،
    اهڙي کن کي ڳولن ٿا
    ڪالهه جيان واجهاڻ وجهي
    ڪير مڇن کي ڳولن ٿا
    ڇا تو ڳاتو گيت اياز!
    لڙڪ اکين کي ڳولن ٿا.
    (شيخ اياز)
    يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي
    ڪنهن وڇوڙي جي سال ڪم ايندئي
    هن کان پڇجانءِ گڏ هلي سگهندينءَ
    هڪڙو ننڍڙو سوال ڪم ايندئي
    راه اونده مٿان حياتي جي
    پيار ڏيئي مثال ڪم ايندئي
    (اياز گل)
    هوش نٿو ڪو هاڻ سنڀالي
    هن کي چئو سرهاڻ سنڀالي
    گل سڪي ويو آهي ته به
    رکيو اٿئي ڇا ڪاڻ سنڀالي
    هيل نه هيٺ محبت آهي
    چنڊ کي چئو چانڊاڻ سنڀالي
    شهر سڄو ٿئي اڻ ڄاڻن جو
    ڪاڏي ويندين ڄاڻ سنڀالي
    شير آ کولي پنهنجي ڪويتا
    هرڪو پنهنجو پاڻ سنڀالي
    ( شير مهراڻي )
    نه ئي گيت دوها، ڪهاڻي گهري ٿو
    بکئي پيٽ لاءِ ٻار ماني گهري ٿو.
    اڪن تي اٽن وانگي هاري پوءِ مورک،
    حڪيمن کان واپس جواني گهري ٿو
    نه ريشم جا جوڙا نه ئي محل ماڙيون
    ٿري بس خدا کان پاڻِ گهري ٿو.
    بدن هڪڙو باسي ،ٿئي ٿو ته مرشد
    وري ڪا جواني تواني گهري ٿو

    موضوع جي نواڻ جي ان ڳولها ۾، سنڌ جي شاعرن ۾ امداد حسيني ۽ قمر شهباز، ان نئين ڌارا کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر پوءِ به سنڌ ۾ غزل جي روپ پنهنجيءَ پوريءَ سنڌرتا جي باوجود حسن ۽ عشق جي ازلي جذبي کان ٻاهر نه نڪتو آهي. تنوير جي غزل جا هي ڪجهه بيت:

    ”تون جو مون ڏانهن ائين نهارين ٿو،
    مون کي ماري ٿو يا جيارين ٿو،
    ساهه سر جنهن مٿان تون وارين ٿو،
    تنهن سواءِ عمر ڪيئن گذارين ٿو،

    تون وراڻي، پڙاڏو تون، سڏ توپن،
    پاڻ کي پاڻ پڪارين ٿو.“
    غزل جا هي شعر خالص غزل جا شعر آهن، پر پوءِ به انهن ۾ موضوع کان وڌيڪ زبان جو چشڪو آهي.
    بهر حال زمانو هڪ اهڙيءَ حرڪت جو نالو آهي. جنهن کي ڪٿي به بيهاري نٿو سگهجي توايخ اها مسلسل رفتار آهي، جنهن کي ڪٿي به روڪي نٿو سگهجي ۽ زندگي هڪ اهڙو وهڪرو آهي، جنهن کي ڪنهن به ڳنڍ ۾ ٻڌي نٿو سگهجي ۽ شاعر هڪ اهو مسافر آهي، جو هر منزل ۽ حالتن مان گذرندو ٿو رهي ۽ هن کي ڪيئي منزلون طئه ڪرڻيون ٿيون پون. هر منزل تي شاعر ڪجهه نه ڪجهه پاتو آهي ۽ موٽ ۾ ڪجهه نه ڪجهه نئون ڏنو آهي ۽ ان ڪجهه نئون ڏيڻ ۾ هو گهڻو ڪجهه پٺيان به ڇڏي ويو آهي.
    هند ۽ سنڌ جي سنڌي شاعري به سنڌوءَ جون ٻه ڌارائون آهن، ڪڏهن ڪا ماٺيڻي ته ڪڏهن ڪا ڇوهي
    نتيجو
    مٿين غزلن ۾ هڪ پاسي رومان ۽ عشق جو تصور آهي ته ٻئي پاسي قدرتي منظرن ۽ مظهرن جو اظهار آهي. هڪ پاسي بک بدحالي ۽ ٻين سماجي اهنجن ۽ اوڻائين جو ذڪر آهي ته ٻئي پاسي مٽي جي محبت ۽ ٻولي سان چاهه جو اظهار آهي. هڪ پاسي جديد سنڌي غزل ٺيٺ سنڌي ٻولي کي پاڻ ۾ سمايو آهي ته ٻئي پاسي استعارا. اشارا ۽ تشبيهون پڻ نج سنڌي ۽ عام ڳالهائي ويندڙ ٻولي مان کنيل آهن .هڪ پاسي جديد غزل ۾ محبوب جو تصور مونث ڪري پيش ڪيو ويو آهي ته ٻئي پاسي ان ۾ سادگي ۽ عام فهم نفاست پڻ غزل جو حصو بڻجي وئي آهي. جديد غزل جي لاڙن ۽ گهاڙيٽن ۾ جن شاعرن پاڻ موکيو ۽ مڃايو آهي انهن ۾ شيخ اياز، استا بخاري، تاج بلوچ، تنوير عباسي. تاجل بيوس. اياز گل ، ادل سومرو، مختيار ملڪ، ج ع منگهاڻي ، ساحر راهو، حنيف عاطر، ڊاڪٽر رخسانا پريت چنڙ، سحر امدا، امداد حسيني، ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر شامل آهن جن جديد استعارا تشبيهون ڪتب آڻي سنڌي غزل کي جديد لاڙا ۽ گهاڙيٽه ڏئي خوبصورت بڻايو آهي.
    سيد مظهر شاه سيوهاڻي

    [1] واسد يو موهي، عنوان “ هند سنڌ جي غزل ۾ نوان لاڙا”، تحقيقي جرنل ڪلاچي جلد تيرهون، ايڊيٽر پروفيسر محمد سليم ميمڻ، شاه عبدالطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يوني ورسٽي، صفحو 94
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,759
    ورتل پسنديدگيون:
    27,182
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نهايت ئي ڪارائتو موضوع آهي۔ شاعرن ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ وارن کي پڙهڻ گهرجي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو