صوفي رکيل شاه جو ڪلام ۾ موجده دور ۾ انسان زات لاءِ نصيحت

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ مظهر شاه طرفان آندل موضوعَ ‏12 ڊسمبر 2012۔

  1. مظهر شاه

    مظهر شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 مئي 2011
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    35
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    صوفي رکيل شاه جو ڪلام ۾ موجده دور
    اسان جي رب العالمين انسان ذات کي اشرف المخلوقات جو درجو ڏنو آهي ان جي اجه اها آهي ته انسان خواهش رکندڙ آهي ۽ جيڪڏهن ڳنسان پنهنجي نفس تي قابو پائي ونـڃي ته انسان فرشتي جو رجو رکي ٿو پر جڏهن اهو ئي انسان حيوانيت تي لاهي اچي ته جانور کان به بدتر آهي
    دنيا ۾ جيترا به انسان آهن هر انسان جي پنهنجي سوچ آهي ۽ ان جي سوچ فڪر ڪرن جو پنهنجو طريقو آهي انهيء ڪري رابالعالمين انسان کي علم پرائڻ جي تلقين ڪئي آهي ته صحيح راح تي حلڻ سکن
    سان جي سنڌ ڌرتي امن جي ڌرتي آهي انهي تي هميشه ڏاهن ماڻهن جنم ورتو آهي انهن ۾ اسان جو صوفي رڱيل شاه به هڪ آهي سائين جن جي ڪلام مان انسان زات لاءِ چٽي نصيحت آهي اهو اڄ جو دور هجي يان يان ٻه صديون اڳه جو زمانو هجي
    انسان اصل کان پليت يان حيوان نه آهي انسان کي نفس رلايو آهي انسان جي زندگي جي سڀ کان وڏي ڪاميابي اها آهي ته اهو پنهنجي نفس تي قابو ڪري ۽ دنيا جي وهڪري م وهي ن وڃي بلڪه دنيا جنهن طرف هلي ٿي ته پاڻ ان جي ابتر هلي پوءِ ان جي قابليت جي خبر پوني سمنڊ جي لهرن ڻ هر انسان لڙهي ايندو آهي پر سمنڊ جي لهرن کي چيري هلن وارا انسان تمام گهٽ هوندا آهن.
    هلندڙ وقت تي نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي هن دنيا م ڪائنات تمام وڏي آهي اسان پنهنجي سنڌ ڌرتي جي ڳاله ڪيون ته ان تي ڪئي انسان راهن کان ڀٽڪيل دردن ۾ وڪوڙيل دولت جا ماريل خوبصورت اکڙين ۾ نفرتون ڀريل هڪ ٻئي جي ارمانن جا قتل آ اصل راه وڃايل ڪيترا ئي انسان نظر ايندا جيڪي سحيح راه ڃانيندي به اڻ ڃاڻ راهن تي هلي رهيا آهن جن راهن تي منزل نه آهي صرف اونڌه آهي انهن انسانن لاءِ اسان جي سائن صوفي رکيل شاه فرمايو آهي
    پنهنجو پاڻ سنڀار ڪير آهين ، سوئي ڪنهن کي ٿو ڳولين
    تيرٿ تڪيا گنگا جمنا مڙهيو مندر ايندئي ڪسبي ڪم
    اسان جي هن دور جي حالتن ۾ ڪي اهڙا انسان به آهن جيڪي واندا ويهي سڌون ٿا ڪن ته اسان سڌري وڃون حقيقت جي طرف وڃون پر حقيقت پرکڻ لاءِ صرف سڌ ڪافي نه آاهي جدوجهد ڏک تڪليفون برداش ڪرڻيون پونديون آهن ڇو ته انهي حقيقت کي ڃاڻڻ لاءِ نفس تي قابو ڪرڻو پوندو آهي انهن انسانن لاءِ صوفي رکيل شاه فرمائي ٿو
    ويه نه واندو ڪين وسارجهاتي اندر م پائي ڏس چولي
    لوچڻ ٻاجهون ڪين لڌائونسين سڌڙيا پيا ڪرن سدائون
    اسان مٿي به اها ڳاله ڪري آيا اهيون ته هر انسان جي پنهنجي سوچ پنهنجو فڪر آهي. ڪائنات جا هزارين راض آهن هر راض هر انسان تي ناهي کلندو .جنهن انسان کي ڪنهن عمل جي ڃاڻ نه هوندي آهي ۽ هو ڪٽر پڻي ۾ ڦاٿل هوندو آهي ته ان کي اصل عشق ۽ اصلي عاشق چريا بيوقپف لڳندا آهن هن دور م به ڪيترائي اهڙا ماڻهون آهن جيڪي پنهنجو پاڻ مان ئي متئمن ڪونهن ڪي ۽ انهن کي اهو حقيقي عشق روحاني محبت سڀ اجايو لڳندو آهي ڇو ته ظاهر تي يقين رکندا باطن گهٽ ۽ اهي انهي ڪيفيت مان انه عاشق جي هال مان واقف ئي ڪون هوندا آهن انهي تي اسان جو صوفي رکيل شاه فرمائي ٿو
    آهي عام کي ڪهڙي خبر عاشق اسرار جي
    جن کي لڳي سي ٿا ڃاڻن،جيءُ جسي جنگ جان جي
    هن دنيا جي ڊوڙ م هر انسان مرتبو ماڻڻ ٿو چاهي هر انسان پاڻ پڏائڻ ٿو چاهي دولت حاصل ڪرڻ ٿو چاهي پوءِ انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪاوڙ ٺڳيون پنهنجن پراون جي ارمانن جو قتل ڪنهن کي ڪهڙي به تڪليف پهچي پر هو انا جي جنگ ۾ انڌو هوندو آهن.پنهنجي پاڻ کا سواءِ انهن کي ڪجه به ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي ڪنهن به انسا جي اهميت ڪون هوندي آهي ان وٽ ڇو ته هن کي صرف دنيا جي بک هوندي آهي . اهڙي حالت۾ اسان جو صوفي شاعر فرمائي ٿو
    ڪافي 532
    شامل شرڪ شيطان جهليائين تاڻي
    ڏسين مال دنيا هيئن حرس هاڻي
    ادا اڄ سڀاڻي مٿي تي ڪلهوٽي
    اکين ۾ انڌارو ٿيس نفس غالب
    رکي حب دنيا جي ٿيندو ڪين طالب
    هن هلندڙ دور ۾ انسان ڀٽڪي ويو آهي .اهو ئي انسان ڀٽڪيو آهي جنهن وٽ علم جي ڪمي آهي.اسلام خدا جو دين آهي خدا خد چيو آئون اوهان کي تمام گهڻو ويجهو آهيان ان جي دين کي سمجڻ لاءِ ڪنهن ملي جو ضروت نه آهي اها حقيت اسان جي تمام گهڻو ويجهو آهي پر پوءِ به انسان هنِ هنُ جي چوڻ تي پنهنجن جو ئي رت وهائي رهيا آهيون دين اسلام محبتن جو دين آهي پر پوءِ به اهي انسان پنهجن دلين ۾ نفرتون حڪارتون پالي ويٺا آهيو ان جو سبب اهو آهي ته انسان دين کي صحيح نه ڄاتو آهي جنهن جيڪا ڳاله ٻڌائي ان تي يقين ڪيو آهي ڪڏهن به پاڻ ويهي قران دين کي سمهجڻ جي ڪو شش نه ڪئي آهي
    26ڪافي
    انهن ماڻهن جي لاءِ اسان جو صوفي درويش شاعر فرمائي ٿو ته
    ٽوڙياسين عقل جا جهڙا نه ڪنهن مزهب مليا هون
    ڏٺو سين دين دلبر جو،نه ڪنهن ملان پڙهايا هون
    خضر استاد ٿيو منهنجو ،پياريائين جام وحدت جو
    طالب مطلوب تا هڪ هئو نه ڪنهن ڀولي ڀلايا هون
    هن دنيا ۾ عام انسان هجي يان ڪو ملو بس ٺلهن سجدن تي زور آهي اصل عبادت ڏي ڌيان ئي ناهي بس ظاهر عبادتن تي زور آهي هڪ به سجدو عشق وارو ناهي ٺلها سجدا پيشانين تي ڪارا نشان ڪم اهي ئي شيطاني. ظاهري عبادت جو ڪو به فائدو ڪونهي ظاهري عبادت ڪرڻ تمام آسان آهي پر حقيقت ڄاڻڻ بنا پيشانيون ڪاريون ڪرڻ اجايون آهن
    انهي تي صوفي شاعر فرمائي ٿو
    عشق بنا افراد،عمر اجائي ملان ڇو ٿو وڃائين
    فذ ڪروني اذڪرڪم،آخوند اتي نا سڃاتائي
    صرف نهو جو سنجهو ٿي،ڏکيو آ بره جو باب
    اوجي ڪلب ڪڙهين، مئي دل کي جڳائين
    ڪنز قدوري در مختيارمعلم ظاهر پڙهن ڪتاب
    علم باطوني ڏي منهن نٿو پائين
    اکر پڙهين سينو صاف نه ٿيندئي .ڪيئن ٿو سڏائين ساڌ
    وائظ ڪيو ٿو ٻين کي ٻڌائين
    ورد وظائف ڇڏ سڀئي واري،هڪ الف جو سچو اٿئي سواد
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين رکيل شاهه سنڌي ڪافي جو وڏو شاعر آهي۔

    اوهان جي شيئرنگ وڻي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو