سيد رکيل شاه جي شاعري ۾ عشق جو فلسفو سيد مظهر شاه سيوهاڻي

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ مظهر شاه طرفان آندل موضوعَ ‏12 ڊسمبر 2012۔

  1. مظهر شاه

    مظهر شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 مئي 2011
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    35
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0


    سيد رکيل شاه جي شاعري ۾ عشق




    عشق عربي زبان جو لفظ آهي محبت جو بلند درجي کي عشق سڏيو ويندو آهي عشق ممڪن کي ناممڪن ڪندو آهي اهو عشق جنهن سسئي کي جبلن ۾ اڪيلو گهمايو اهو عشق آهي جنهن سهڻي کي ڪچي گهڙي تي درياءُ ۾ گهيڙايو اهو عشق آهي هر انسان جو پنهنجي سوچ پنهنجو فڪر آهي آهي ڪو مجازي عشق ۾ ٻڏل آهي ته ڪو وري حقيقي عشق ۾ مبتلا آهي اسان جي ڌرتي جي صوفي شاعرن جو عشق خاص مضمون آهي جنهن تي هر صوفي شاعر زور ڏنو آهي شاه سائين هجي سچل سرمست هجي خواجه زمان هجي يان صوفي رکيل شاه هجي
    صوفين عشق جون ست ولايتون مڃيون آهن ۽ اتي پهچڻ لاءِ مختلف مرحلن طئي ڪرڻ جي اپٽار پڻ ڪئي آهي. رومي چوي ٿو ”عطار عشق جون ست ئي ولايتون گهميل هو. پر اسان اڃا هڪ گهٽيءَ جي وڪڙ ۾ پيا آهيون.“
    عشق جي پهرين منزل مجاز آهي. عام طور ان کي پُل چيو وڃي ٿو، جنهن جي وسيلي محبوب تائين پهچي سگهجي ٿو. شيرين مقال مولانا جامي چوي ٿو ته ” اها حقيقت جي پل آهي. اي رب! جيسين تنهنجي حسن جو ظهور ليليٰ جي روپ ۾ نروار نه ٿيو هو، تيسين مجنون کي عشق جي آتش نه ورتو هو. جيسين تو عذرا کي چانديءَ جهڙا ڳل عطا نه ڪيا هئا، تيسين وامق جي اکين مان پاري جهڙا ڳوڙها ڪو نه ڪريا هئا. عشق ۽ حسن جو وستار تنهنجي ڪري ئي هلي ٿو؛ تو کان سواءِ نه آهي عاشق، نه معشوق. حسينن جو حسن تو آڏو هڪ پردو آهي، تو انهيءَ پردي پٺيان پنهنجو جمال لڪايو آهي.“
    حضرت سيد رکيل شاه جي شاعري ۾ اسان کي عشق جون سوين وارداتون عشق الاهي جا رنگ مختلف روپن ۾ نظر اچن ٿا سائين جن جي شاعري جو جائزي مان معلوم ٿئي ٿو ته سائين جن عشق ۾ ڪيتريون تڪليفون ڏک برداش ڪيا ڪيئن عشق جي منزل تي رسيا
    تنهنجي عشق جي تابش تيز ،عاشقن جو ٿي اندر جلائي
    ابر باران جيئن چمڪي بجلي، ڪوه تور جلايو تنهجي تجي
    هن ڪافي ۾ سائين رکيل شاه عشق الاهي جي ورداته بيان ڪئي آهي ۽ ٻڌايون آهي ته عشق الاهي ايترو سولو نه انهيءَ عشق جي تابش ايتري تيز آهي جو اندر جلي ٿو وڃي جنهن جي تجلي سان ڪوهءِ تور جلي ان جي تجلي انسان لاءِ ڇا هوندي.
    وري اڳتي اسان ڏسنداسيم ته اسان سيد رکيل شاه جي شاعري ۾ عشق تي هزارين شعر نظر ايندا جيئن هي
    آهي عام کي ڪهڙي خبر ري عشق اسرار جي
    جن کي لڳي سي ٿا ڄاڻن جيءَ جسي جنگ جان جي
    اسري ويم زير زبر ،هڪ الف ڪيم اظهار جي
    قلاب سان سي ئي ڪڙهيا، عشق جي چاڙي چڙهيا.
    هتي صوفي رکيل شاه قادري فرمائي ٿو هر هڪ کي ڪهڙي خبر ته عشق ڇاهي عشق عمل ئي اهڙو آهي جنهن کي لڳندو تن کي ئي معلوم هوندو ته ته هي ڇاهي جن کي لڳندو آهي انهن کان ظهري علم زيرون زبرون سڀ وسري وينديون آهن ڇو ته انهن جي مٿا اهو راض افشان ٿي چڪو هوندو آهي انهن کي صرف هڪ ذات ٿاد هوندي آهي صوفي رکيل شاه جي نظر ۾ اهو عشق آهي جيڪو هر مذهب هر رسم هر رشتي هر ظاهري علم کان
    انسان کي آزاد ڪري حقيقت تي رسائي ٿو ڇڏي جيئن سچل سائين فرمايو هئو ته
    عشق لڳئي ته ڪر آمين
    ڇو ته اصل ڪم ئي ان حقيقي ذات کي راضي ڪرڻو آهي انهيءَ جي رضا ان سان پيار ڪرڻ ۾ آهي

    فنا جي فڪر سان ڏٺن عشق رهبر
    هستي کي هٽائي تڙيو توڙ تڪبر
    لافي کي لڏائي برح ٿو ڀڄائي
    نفس نجس ماري قلعو ڀڃ خيبر
    اها عشق عادت ئسچي ڄاڻ صحبت
    رازي ره رضا تي صبر شوق صابر
    پڪم ماس ٻيرا، صبر شوق صابر
    جلن ٿا پرين ڪا ،لڳم نيهن زابر
    توڪان يار جاني ڪيم پاڻ فاني
    رکيل جي اڱڻ تي آيم دوست دلبر
    سائين رکيل شاه فرمائين ٿا ته اهو عشق آهي جيڪو پليت نفس کي ماري ٿو هر نجاست کان انسان کي پاڪ ڪري ٿو انهي عشق ۾ دل جلندي آهي تڪليف ايندي آهي ان حقيت تي پهچڻ لاءِ پاڻ کي پچائڻو پوندو اهي وڏيون تڪليفون ڪاٽڻيون پونديون اهين بره جي باه ۾ پچڻو پوندو آهي .اها حقيقي ذات انسان سان اصل کان گڏ هوندي آهي پر انهيءَ حقيقت کي پرکڻ لاءِ ظرف ۽ حوصلي جي ضروت هوندي آهي
    سائين جن فرمائن ٿا مان هن عشق جو ڪهڙو احوال اوهان کي ڏيان ڪيترا ڏک تڪليفون ملنديون آهن
    ڪهڙو حال ڏکن جو ٻڌايان پنهنجي ڪرمن ڏاهن ٿي ڀايان
    نڪو سنگت ، ناڪو ساٿي ،هيءَ هيڪل جندڙي ڦاٽي
    آيم عشق ٿيم اثباتي ،گاهي آهيان ته گاهي ناهيا
    اکيون اوجاڳي منهجه اهي آڻيان ،ٻن ساڙيان ويس وڇانڻا
    منهنجا ڪاڏهن نيڻ ڪماڻا، دل دوهون درد دکايان
    نه مان بادم نه مان خاڪي ،نه مان آتش نه مان آبي
    نه مان رهبر نان مين ساقي اين سمجه الائي ڇاهيان
    جيڪو سور رکيل سر پائي اهو سائين لوڪ سڏائي
    سک رمز وجود وڃائي ،هڪ پيچ پرين سان پايان
    سائين جن هت فرمائن ٿا عشق جي راه ۾ جڏهن جيڪو به نڪتو آهي انهيءَ سکن سان اها منزل حاصل ن ڪئي آهي انهيءَ راه ۾ نڪو سنگت هوندي نه ڪو ساٿي هوندو آهي اڪيلائي هوندو آهي اهو رستو وٺو جنهن ۾ پنهنجو پاڻ وڃايو پوءِ ان ذات جو قرب حاصل ٿيندو
    سايئ رکيل شاه عاشقن کي نصيحت ڪندي فرمائي ٿو ته

    جي عاشق هجيصن سر ڪر فدا ،جند جان جي کون ٿي جدا
    ڪين جو مسلو پڙي وڃي ڪين ۾ ڪاهي پيا

    ڪين ڄاڻج پاڻ کي ،هستي سندا ٽوڙِ ٽڳا
    ٿي ٻوڙو ڪين ٻيو ڪجه نه ٻڌ ڪنهن سان نه ڪر ڪوڙا قصا
    جي تون عاشق آهين ته سر جو نه سوچ سر فدا ڪري ڇڏ خالي سجدا ن ڪر جن مان ڪا سچائي ڪونه نه ته ڪين دوکي ۾ گهڻي ويندي پنهنجو پاڻ کي به ڪجه نه سمجه نئي وري ماڻهن سان ويٺو اجايون ڳالهيون ڪر جيڪڏهن تون عاشق آهين

    عش ۽ عقل

    عشق ۽ عقل صوفي شاعرن جو پراڻو مضمون آهي مستصوف شاعرن جي مطابق عقل مان مراد آهي عقلي دليل جنهن جي ذريعي ڪو خيال ڪو فيصلو ڪر سگهجي پر عشق مان مراد آهي باطن جذب جنهن جي ذريعي طالب انهن تع ٿيل پردن مان حقيقت ڏسي سگهي . عقل راض کي سمهجي پوءِ ان جو ادراڪ ڪري ٿو جڏهن ته عشق انهي راز کي اکين سان ڏسي سگهي ٿو ان مان مشاهدو ماڻي ٿو.عقل زمان و مڪان ۾ پابند آهي جڏهن ته عشق زمان ومقان جي پابندي مان نڪري ڪري لا محدود حد ۾ پڄي ٿو وڃي جتي حقيت بي حجاب هوندي آهي اهو معرف جو مقام هوندو آهي عشق خدا جهڙو آهي جيڪو جيڪو راه طلب ۾ عقل کي مدد ڏيندو آهي
    سائين رکيل شاه جي شاعري ۾ به اسان کي عشق ۽ عقل جو جهڙو نظر اچي ٿو
    جاٿي ڪايا عشق افسانا عقل اتي ڇاڪندو معنيٰ
    عقل ايمان ڇڏيم اوري اتي عشق کي ڏٺم توري
    ڪيم سر شوق تان گهوري پڙهان لک وار شڪرانا

    هڪ ٻئي هند سائين جن فرمائن ٿا

    عقل اجائي هي وو عمر وڃائي وو ميان عشق بنا ٻيون سڀ ڳالهيون
    عشق عقل جي وو لڳي لڙائي ميان عشق کٽي جنگ ميان عقل هارائي وو

    جيئن اسان مٿي ڳاله ڪري آيا آهيون ته عقل ظاهر تي يقين ڪري ٿو پر عشق باطن تي اهو عشق حقيت کا ظهار ڪندو آهي حقيقت ته جيڪي پرده پيل آهن انهن منهجا عشق صاف حقيقت ڏسيندو آهي






    بيڪار علم
    عشق جي حاصلات کانپوءِ علم، عقل، صرف ونحو، فلسفو ۽ دانش سڀ فنا ٿيو وڃن ٿا، ڇو ته ”جيڪي ٿئي ٿو جوش وارن سان، سو نه ٿئي هوشيارن سان“ ۽ ”عقل علم تي شرم حيا ڪون، اجئي عم نه وڃاءِ اهي علم سولا آهن جنهن سان منزل ملندي اهو ڪم ڪر ته قبول پوين بيڪار ڳالهين کي ڇڏ
    عشق بنا افراد عم اجائي ڇو ٿو ملان وڃائي
    فذ ڪروني اذڪر ڪم،آخوند اتي نا سڃاتئي

    نفس جو حرس اٿي وڏو فساد هي گم ڪر هستي نٿو جسم جلائي
    صرف نحو جو سبق سهنج اٿئي ڏکيو اٿي بره جو باب

    اوجي قلب ڪڙهين ، مئي دل جڳائين
    ڪنز ڪدوري در مختيار معلم ظاهر پڙهين ڪتاب

    علم باطوني ڏي منهن نٿو پائين
    اکي پڙهيو سينو صاف نه ٿيندئي ڪيئن ٿو سڏاين ساڌ

    ورد وظائف ڇڏ سڀئي واري ، هڪ الف جوسچو اٿئي سواد
    پوءِ انلحق چئو،تڏهن پاڻ نه ڀائين
    عشق ۽ عقل
    عشق ۽ عقل صوفي شاعرن جو هميشه موضوغ رهيوم آهي






    نتيجو سنڌ ڌرتي تي هميشه ڏاهن بزرگن صوفين جنم ورتو آهي صوفي رکيل شاه به انهن عظيم بزرگن مان هڪ آهي سائين جن شاعري ۾ وحدت الوجود جو فلسفو موجود آهي ساين پنهنجي شاعري ۾ عشق کي اتم درجي تي رسايو آهي ۽ عشق ڪرن جو طريوقو سيکاريو آهي عشق کي عقل کان اتم ڪرار ڏنو آهي عشق ۾ تڪليفن کان آگاه ڪيو آهي انسان ذات کي سڌي رستي هلڻ جي نصيحت ڪئي آهي . سائين جن پنهنجي شاعري سڀ کان وڌيڪ عشق کي ڳايو آهي ڇون ته عشق کان سوا۽ انسان اڌورو آهي . ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته( جنهن عشق نه ڪيو پنهنجي زندگي ۾ ان جي انسان هجڻ تي به شڪ آهي )
    عشق ئي آهي جيڪو انسان کي هن دنيا ۽ دنيا جي حقيقت کان آگاه ڪري ٿو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,265
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جاٿي ڪايا عشق افسانا عقل اتي ڇاڪندو معنيٰ
    عقل ايمان ڇڏيم اوري اتي عشق کي ڏٺم توري
    ڪيم سر شوق تان گهوري پڙهان لک وار شڪرانا

    عشق جو فلسفو سمجهڻ ڪو ايڏو سولو به ناهي ۔۔۔۔ سائين رکيل شاهه جون ڳالهيون دل کي وڻيون
     
  3. مظهر شاه

    مظهر شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 مئي 2011
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    35
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    آهي عام کي ڪهڙي خبر ري عشق اسرار جي
    جن کي لڳي سي ٿا ڄاڻن جيءَ جسي جنگ جان جي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو