سبق ٻيون: ڪورل ڊرا ۾ آبجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ

'ڪورل ڊرا' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏6 نومبر 2009۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سبق ٻيون: ڪورل ڊرا ۾ آبجيڪٽ ابتدائي ڪم ڪرڻ
    آبجيڪٽ تي ڪم..
    ڪورل ڊرا جي جيڪا سڀني کان وڏي خوبي آهي، اُها اِهاآهي ته توهان هڪ آبجيڪٽ کي x ۽ y ايڪسز تي آرام سان گُهمائي سگهو ٿا.اُنهن جي پوزيشن، ڊيگهه ويڪر پنهنجي مرضي سان سليڪٽ ڪري سگهو ٿا.. ڏسڻ چاهيو ٿا ڪيئن؟
    ڪورل ڊرا ۾ نئين فائل اوپن ڪريو، ان لاءِ فائل مينيو مان نيو فائل سليڪٽ ڪريو، يا [​IMG] آئڪان تي ڪلڪ ڪريو يا وري ڪنٽرول + N جو بٽڻ دٻايو..
    ٽيڪسٽ ٽول کي سليڪٽ ڪريو. [​IMG]
    هاڻي ڪي بورڊ سان ڪي ٻه لفظ ٽائپ ڪريو.. مان سنڌ سلامت لکيو آهي.
    [​IMG]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    آبجيڪٽ کي سليڪٽ ڪرڻ :

    [​IMG]هي ٽول جنهن کي pick يا arrow ٽول چئبو آهي، سليڪٽ ڪرڻ جي ڪم ايندو آهي،
    هن سان آبجيڪٽ جي مٿان هڪ ڪلڪ ڪرڻ سان آبجيڪٽ سليڪٽ ٿي ويندو
    ٽيڪسٽ تي ڪلڪ ڪري اُن کي سليڪٽ ڪريو. .
    [​IMG]
    ٽيڪسٽ هن طرح نظر ايندو.
    [​IMG].
    سائز تبديل ڪرڻ :
    هاڻي مائوس جي ذريعي ڪنهن هڪ پوائنٽ کي پڪڙي ڇڪ ڏيڻ سان ٽيڪسٽ جي سائز تبديل ٿي ويندي.
    اهڙي طرح توهان ويڪر ۽ ڊيگهه کي تبديل ڪري سگهو ٿا.
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    آبجيڪٽ کي ڊگريز تي ڦيرائڻ:
    هاڻي ٽيڪسٽ تي وري آهستگي سان ڊبل ڪلڪ ڪريو،
    جڏهن آبجيڪٽ جي ڪنڊن تي [​IMG] نشان بڻجي اچي ته ،
    ڪنڊ کان جهلي مائوس کي ڦيرائڻ سان اکر ڦري ويندا..

    [​IMG]
    ان ڪم کي توهان پراپرٽي بار مان به انجام ڏئي سگهو ٿا، پنهنجي مرضيءَ جي ڊگري ويليو تي ڦيرائي سگهو ٿا.
    [​IMG]
    توهان آبجيڪٽ کي هاريزينٽل ۽ ورٽيڪل طور تي ڦيرائي ( فِلپ ) ڪري سگهو ٿا.
    ان لاءِ پراپرٽي بار ۾ هيٺيان آئڪان موجود آهن۔
    [​IMG]
    باقي ٽيڪسٽ جي فونٽ ۽ فونٽ سائز کي تبديل ڪرڻ بلڪل آسان آهي،
    آبجيڪٽ کي رنگ ڏيڻ.
    آبجيڪٽ يا ٽيڪسٽ سليڪٽ هُجڻ جي صورت ۾ توهان ورڪ اسپيس جي ساڄي پاس موجود هن ڪلر بار مان ڪنهن به ڪلر تي ڪلڪ ڪندا ته آبجيڪٽ جو رنگ اُهو ٿي ويندو.
    ڪلر بار۔۔[​IMG]
    مان ڳاڙهو رنگ سليڪٽ ڪيو آهي، (ڇو ته اسان جي سنڌ سلامت به ڳاڙهي گُل جيان آهي)
    [​IMG]
    هي هُيو اسان جو اڄ جو سبق . اُميد آهي ته توهان دوستن کي سمجهه ۾ آيو هوندو..
    مان گوسڙو اُستاد نه آهيان، باقي ڪم ڪار جي صورت ۾ ڪجهه دير ٿي وڃي ڪلاس ۾ ته معاف ڪندا...
     
  4. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    لاجواب، بهترين..... جاري رکو...

    مون ڪجهه عرصو اڳ ۾ ڪورل ڊرا فارميٽ ۾ ڪافي سارا بارڊر ۽ قرآني آيتون هن فورم تي شيئر ڪيون هيون، جيڪي يقينا توهان لاءِ قيمتي هونديون ۽ ضرور پسند اينديون ۽ ممڪن آهي ته ڪورل ڊرا جي سبقن دوران ڪا سمجهاڻي ڏيندي، ڪو هڪڙو فائل توهان جي ڪم اچي وڃي. ”سنڌ سلامت ڊائونلوڊر“ ۾ اهي شيئرنگس موجود آهن. جن ۾ زخاريف وارن جا بارڊر پڻ آهن.
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    تعريف ڪرڻ تي لَک قُربَ سائين۔۔۔
    بس انشاءَ الله توهان دوستن جي مدد سان هن سلسلي کي جاري رکبو،
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب ادا اسد
    توهان جي شيئرنگس جي جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ ٿيندي اميد آهي ته توهان ان سلسلي کي چڄاڻي تي پهچائيندو

    توهان جي ان ڪوشش تي توهان جس لهڻو

    مهرباني ادا اسد
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    انشاءَ الله چڄاڻي تي نه پر پڄاڻي تي پڄائبو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو