منصور ميراڻي
سينيئر رڪن
تون جو مون وٽ نه آهين !
ڏس! اداسي منهنجو هيان ٿي ڦاڙي،
تون جو مون وٽ نه آهين۔
ڏس! منهنجو منهن به لهي ويو آهي،
تون جي مون وٽ نه آهين!
ڏس! مان ڪيڏو نه ڪمزو ٿي پيو آهيان!
تون جو مون وٽ نه آهين!
ڏس! اڪيلائي ٿي مون کي ڏيڄاري،
تون جو مو وٽ نه آهين!
ڏس! منهنجون اکيوتنهنجي انتظار ۾ ٿڪجي چور ٿي پيون آهن،
تون جو مون وٽ نه آهين!
ڏس! منهنجا ڳل لڙڪن ۾ ڌپجي پيا هن!
تون جو موٽ نه آهين!
ڏس! مان ڪيڏ نه بيوس ٿي پيو آهيان،
تون جو مون وٽ نه آهين!ٌ
ڏس! هي شهر وارا مونکي چريو ٿا سڏين،
تون جو مون وٽ نه آهين!
منصور ميراڻي