تون جو مون وٽ نه آهين !

منصور ميراڻي

سينيئر رڪن
تون جو مون وٽ نه آهين !
ڏس! اداسي منهنجو هيان ٿي ڦاڙي،​
تون جو مون وٽ نه آهين۔​
ڏس! منهنجو منهن به لهي ويو آهي،​
تون جي مون وٽ نه آهين!​
ڏس! مان ڪيڏو نه ڪمزو ٿي پيو آهيان!​
تون جو مون وٽ نه آهين!​
ڏس! اڪيلائي ٿي مون کي ڏيڄاري،​
تون جو مو وٽ نه آهين!​
ڏس! منهنجون اکيوتنهنجي انتظار ۾ ٿڪجي چور ٿي پيون آهن،​
تون جو مون وٽ نه آهين!​
ڏس! منهنجا ڳل لڙڪن ۾ ڌپجي پيا هن!​
تون جو موٽ نه آهين!​
ڏس! مان ڪيڏ نه بيوس ٿي پيو آهيان،​
تون جو مون وٽ نه آهين!ٌ​
ڏس! هي شهر وارا مونکي چريو ٿا سڏين،​
تون جو مون وٽ نه آهين!​
منصور ميراڻي​
 
ڏس! منهنجون اکيون تنهنجي انتظار ۾ ٿڪجي چور ٿي پيون آهن،​
تون جو مون وٽ نه آهين!​
بهترين شاعري۔ لاجواب ونڊ. هر هڪ سٽ ۾ انتظار ۽ اوسيئڙو.​
 
Back
Top