رضا علي عابدي جي مشهور ڪتاب ”شير درياه“ ۾ حيدرآباد جي مختصر ۽ جامع تاريخ

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏15 ڊسمبر 2012۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    شير درياهه بي بي سي واري صحافي رضا علي عابدي جو مشهور ڪتاب آهي۔ جنهن ۾ هو هڪ وڏي سفر جي ڪهاڻي اکين ڏٺي احوال لکندي ٻڌائي ٿو۔ هو گهاٽ گهاٽ جا قصا ۽ هر وسندي جي ريتن رسمن رواجن کي ڏسندو لکندو لداخ کان شاهه بندر پُهچي ٿو جتي سنڌو بادشاهه به آخري ساهي کڻي ٿو۔ هن جي ڪتاب جا آخري باب نهايت ئي دلسچپ آهن۔ جن ۾ هو حيدرآباد، سجاول ۽ ٺٽو تي لکي ٿو۔ مون کي حيدرآباد جي مختصر لکيل تاريخ ۽ شهر جي خوبصورتي وڃائڻ جا سبب مختصر پر جامع انداز ۾ پڙهڻ لاءِ مليا ته هتي ونڊ ڪرڻ چاهيم۔ هونئن به حيدرآباد شهر سان دلي لڳا آهي۔ ۽ حيدرآباد جي قلعي جو در ٺاهيندڙ ٻن لغارين کي تحفي ۾ مليل ٻُهري ڍنڍ ڪناري اڄ اسان جو ڳوٺ ملڪاڻي آباد آهي۔

    [​IMG]
    رضا علي عابدي هڪ باب آخري پناهه گاهه ۾ لکي ٿو:


    حيدرآباد هاڻي گهڻو بدلجي ويو آهي. ڪجهه اهڙيءَ ريت به بدليو آهي جو اسان ننڍپڻ ۾ جيڪو حيدرآباد ڏٺو هو، ان جي رستن تي وڻ هوندا ها. فٽ پاٿ هوندا ها، سڪون هوندو هو، جيڪو اڄ ختم ٿي ويو آهي. هي شهر هڪ عجيب معاشي بدحاليءَ ۾ وڪوڙجي ويو آهي ۽ سڀ کان وڏي بدنصيبي اها آهي، ته هيءُ شهر جنهن کي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي امن جو شهر ڄاڻائيندي جڏهن قلعي تي تختي هڻائي هئي ته ان تي هڪ فارسي شعر لکرايو هو، جنهن مطلب اِهو هو ته يا خدا هيءَ شهر امن جو شهر ٿئي. اڄ هيءَ شهر امن جو شهر نه آهي. هتي ڀاءُ ڀاءُ جو دشمن آهي.
    اها ڳالهه ان ڏينهن مون کي حيدرآباد جي مشهور صحافي مدد علي سنڌيءَ ٻڌائي. آئون جنهن صبح جو حيدرآباد پهتس شهر ۾ پريشاني هئي. ماڻهو سرٻاٽ ڪري رهيا هئا، ته ريشم ڳليءَ جي اڳيان ڪٿي گولي هلي آهي، ٻه ٻار مري ويا آهن. هڪ ته هيءَ ڳليءَ ريشم جي نالي تي ان ۾ ڳولين جو هلڻ ۽ ٻارن جو مارجڻ، ائين لڳو ته حيدرآباد جي زندگيءَ مان خوبصورتي به نڪري چڪي آهي، ته ذهانت پڻ. جن رستن تي رش جي ڪري پنڌ هلڻ ڏکيو ٿي پوندو هو. هاڻي انهن تي ويرانيءَ جو وائسو هو. ماڻهو ڊنل پکين وانگر پر سهيڙي ڪٿي آکيرن ۾ لڪا هئا، سو به ڪنڊان آکيرن ۾.
    حيدرآباد جي ڪهاڻي دلچسپ آهي. گهٽ ماڻهن کي ڄاڻ آهي، ته هن پنهنجي زندگي جون صرف ٻه صديون ڏٺيون آهن. هن شهر جو قديم رهواسي مراد علي مرزا ٻڌائي رهيو هو، “حيدرآباد شهر هونئن ته ايڏو پراڻو نه آهي ٻه سؤ، سوا ٻه سؤ سال اڳ 1768ع ۾ هن جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو هو.”
    سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ ڪلهوڙي خاندان پنهنجي گاديءَ جو هنڌهتان کان پري دادوءَ ۾ ٺاهيو هو، پر دريا جي مست موجن کين اُتي رهڻ نه ڏنو، جيئن اڍيئ هزار سال اڳ موهن جو دڙو اجڙيو هو. تيئن سندن شهر به به درياهج جي ٻڏندڙ ڪنارن سان گڏوگڏ پاڻي ۾ لڙهي ويو ته کين نين وسندين لاءِ نئين ماڳ جي ڳولا هئي.
    سنڌ جي مشهور تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ باقي داستان ٻڌايو “ڪلهوڙن جي گاديءَ جو هنڌ خدآباد هو، جتي 1757ع ۾ زبردست ٻوڏ اچڻ ڪري گاديءَ جو هنڌ ٻڏي ويو. کين انهيءَ ڳالهه جي ضرورت محسوس ٿي ته ڪو نئون گاديءَ جو هنڌ ٺاهيو وڃي. تنهن ڪري هنن هي ءَ جاءِ چونڊي جتي هاڻي حيدرآباد آهي.”
    ڪلهوڙن سڀ کان پهريائين قلعو ٺاهيو ۽ ان جي اندر رهڻ لڳا. ڪجهه عرصي کان پوءِ ٽالپر خاندان جي حڪمراني ٿي، اُهي به انهيءَ قلعي ۾ رهڻ لڳا. قلعي ۾ رڳو ڪجهه عمارتون هيون، ساديون ۽ معمولي. جتي هاڻي ڦليليءَ جو علائقو ۽ مرزائن جو پاڙو آهي. اُتي پراڻو شهر آباد ٿيو ۽ جتي هاڻي ڦليليءَ جو علائقو ۽ مرزائن جو پاڙو آهي. اُتي پراڻو شهر آباد ٿيو ۽ جتي حاڪمن جو قلعو هُجي، جنهن وڏي دروازي وٽ ڏينهن رات سواريون اينديون وينديون هجن، اتي رونق جا ڪجهه ٻيا سبب پئدا ٿي ويندا آهن. تنهن ڪري قلعي جي سامهون بازار ٺهي وئي جيڪا اڄ تائين شاهي بازار جي نالي سان سڃاتي ويندي آهي. ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ چواڻي اها به هڪ پراني اسلامي روايت هئي ته مسلم شهرن ۾ ڇت واريون بازارون هونديون هيون ته جيئن گرمي ۽ مينهن کان بچاءُ ٿئي. انهيءَ ڪري سنڌ جي ڪيترن شهرن ۾ ساهي بازارون موجود آهن.
    1843ع تائين ڪلهوڙا به ويا، ٽالپر به موڪلاي ويا ۽ ان درويش جي اڳڪٿي سچ ثابت ٿي جنهن سنڌو درياهه ۾ اڇن انگريزن جي ٻيڙين جي پهرين جٿي کي گذرندي ڏٺو ته چيو، فرنگين درياهه جو رستو ڏسي ورتو آهي، هاڻي سنڌ جو خير ناهي. هن ڌرتي تي انگريزن جو قبضو ٿيو. حيدرآباد شهر جي شڪل بدلجڻ لڳي.
    ڊاڪٽر مبارڪ علي ٻڌائي رهيو هو، “1850ع ۾ انگريزن قلعي جي ڏکڻ ۾ پنهنجي ڇانوڻي ٺاهي، هتي پنهنجا مشن اسڪول کوليا، اسپتالون ٺاهيون ۽ پنهنجيون ٻيون جايون ٺاهيون، جيڪو اڄ صدر جو علائقو يا ڇانوڻيءَ جو علائقو چيو ويندو آهي.”
    پر انگريز جي اک ڪراچيءَ جي بندرگاهه تي هئي. اها ڏاڍي سٺي ۽ محفوظ بندرگاهه ننڍي کنڊ جي هن پوري علائقي جو بندرگاهه بڻجي پئي سگهي. اهي خوبيون ڏسندي ئي انگريزن سنڌ جي گادي جو هنڌ حيدرآباد کان ڪراچي منتقل ڪيو. پر ان وقت تائين حيدرآباد جا ڀاڳ ڄاڳي پيا هئا. سڌرڻ ۽ سنوارجڻ سندس مقدر ۾ لکجي چڪو هو ۽ هن ڀيري اهو ڪم ٻيءَ قوم سنڀاليو. ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ ٻڌايو “جڏنهن هتي هبدو واپاري طبقو خوش حال ٿيو ۽ انهن پرڏيهه ۾ پنهنجي واپار کي وڌايو ته انهن وٽ اُتان پئسو به آيو ۽ انهن حيدرآباد ۾ نون علائقا آباد ڪيا. سندن آباد ڪيل مشهور علائقو هيرآباد آهي. جتي هندن جون ٻه برادريون هيون، هڪ ڀائي بند سڏبي هئي ۽ ٻيءَ کي عامل چيو ويندو هو. عاملن هتي پنهنجي عامل ڪالوني ٺاهي. جيڪو حيدرآباد جو سڀ کان خوبصورت علائقو هوندو هو. انهيءَ ۾ ڪيترائي گهر اهڙا آهن، جن جي اڱڻ ۾ باغ به آهن. گهرن جي اڏاوت ۾ انهن پرڏيهه مان آندل سامان لڳايو. هندو واپارين جي هڪ روايت اها به هئي ته هو سڄي زندگي سمنڊ پار ملڪن ۾ واپار ڪندا هئا، پر مرڻ لاءِ هو هتي پنهنجي شهر ايندا هئا، انهي لحاظ کان هنن هن شهر کي سهڻو ٺاهيو. گاڏي کاتي جي علائقي ۾ انهن جو خوبصورت اڏاتون اڄ به ڏسي سگهجن ٿيون، ڇتن تي سهڻو ڪم ٿيل آهي. دروازن تي به نقش نگار جو ڪم ٿيل آهي. ديوارن ۽ فرش تي بهترين ٽائيل لڳايا ويا آهن. ڪجهه گهر اڄ به انهي حالت ۾ باقي آهن.”
    ڊاڪٽر صاحب ان ڏينهن مون کي ٻڌائي رهيو هو ته خوشحال هندن حيدرآباد شهر جي ڪردار کي بدلائي ڇڏيو ۽ ان کي صرف جيئرو ڄاڳندو شهر ئي به ٺاهيو پر ان جي زندگيءَ ۾ دلڪشيءَ دانشوريءَ جا رنگ ڀري ڇڏيا.
    هندو مڊل ڪلاس جيڪو پڙهيل لکيل هو، تنهن خاص طور تي حيدرآباد کي خوبصورت بنايو. انهن گهڻا باغ پوکيا باغن کان سواءِ هر هنڌ ڪيتريون ئي لائبريريون کوليون. ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد کي باغن جو شهر چيو ويندو هو. شهرن ج اندر ۽ اوسي پاسي ۾ باغ هوندا هئا. پوءِ انهن علمي ليڪچرز لاءِ ليڪچر حال ٺهرايا. مثال طور ٿيسافيڪل سوسائٽيءَ پاران بسنت هال اڃان تائين موجود آهي يا هوم اسٽينڊ هال هو جنهن ۾ هندوستان جا وڏا وڏا ماڻهو ايندا هئا ۽ ليڪچر ڏيندا هئا. جنهن جي ڪري حيدرآباد جي ڪلچر لائيف ڏاڍي سٺي ٿي. پوءِ انهن هتي مختلف ڪلب قائم ڪيا. جئين ان وقت جو ديال داس ڪلب آهي. جمخانو آهي. اُتي ڊراما ٿيندا هئا ۽ ادبي ويهڪون ٿينديون هيون. انهن سڀني شين حيدرآباد کي ثقافتي اعتبار کان گهڻو ترقي آفته ڪري ڇڏيو هو.
    اهي ته هيون ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جون ڳالهيون. مراد علي مرزا نه صاحب نه صرف ريڊيو پاڪستان جو پراڻو آفيسر آهي ۽ هن شهر جو پراڻو رهاڪو آهي، پر هن ڌرتي جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي زندگيءَ ۾ سڄو سارو رنگيل آهي. ان ڏينهن جو شهر جي ڳالهه هلي ته ستت ئي حيدرآباد جي شامن جو ذڪر نڪتو. سڄي دنيا ڄاڻي ٿي، جي نه ٿي ڄاڻي ته هاڻي چاڻي وڍي ته هن شهر ۾ سڄو ڏينهن کڻي ڪيتري به باهه وسي، شام ايندي آهي ته انسان جي گرم وجود تي ڄڻ ٿڌو پهو رکي ڇڏيندي آهي. مون مراد علي مرزا صاحب کان پڇيو اُهي جيڪي سُٺا ڏينهن هئا، تن جو شامون اوهان کي ياد آهن ماڻهو ٽيهل ٽڪو ۽ پسار لاءِ نڪرندا هوندا، بگين ۾ ويهي کليل هوا ۾ سير سپاٽي لاءِ درياهه ڪناري ويندا هوندا!؟”
    هن وراڻيو، “ها! مون پاڻ ڏٺو، آئون پاڻ به ويندو هيس، توهان حيدرآباد ڏٺي آهي، گرمين جي ڏينهن ۾ سڄو ڏينهن ڪيڏي به گرمي هجي. پر جيئن ئي سج لٿو ۽ شام ٿي ته هلڪي هلڪي هوا لڳڻ شروع ٿي ويندي آهي. ٿڌي ٿڌي هوا. حيدرآباد جو شامون ته مشهور آهن. انهن ڏينهن ۾ ايئن ٿيندو هو ته جيترا به اشراف ۽ امير ۽ جيڪي سرنديءَ وارا هوندا هئا، سي پنهنجين گاڏين ۾ ويهي ويندا هئا. درياهه جي ڪناري گدو بندر ۾ هڪ وڏو ۽ سهڻو پارڪ هوندو هو. اتي بينچون رکيل هونديون هيون، جتي ماڻهو ويندا هئا، سامهون درياهه وهندو هو ۽ سائين ان باغ ۾ گهڻا سهڻا گل لڳل هوندا هئا. هڪ ته باغ ٻيو درياهه جو ڪنارو ۽ وري شام جي هوا. ڏاڍو سٺو ڏيک هوندو هو، ماڻهو سرها ٿيندا هئا.”
    پراڻن وقتن جون ڳالهيون ٻڌي ٽڙي پيس، “چڱو اهو ٻڌايو،” اتاولائي مان پڇيو، “شهر ان وقت ڪيئن هو، زندگي ڪيئن هئي، آبادي ڪيئن هئي؟”
    هن چيو، “ورهاڱي کان اڳ هن شهر جي آبادي لڳ ڀڳ به لک هئي. ڏاڍو ننڍڙو شهر هو. هتي ايڏيون گاڏيون نه هيون، ٽانگا هلندا هئا. ۽ ماڻهو گهڻو تڻو پن گهمندا هئا. گهڻي پئسي وارا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن گاڏين ۾ نظر ايندا هئا. پر گهڻو ڪري ماڻهو پنڌ گهمندا هئا. شهر ۾ وڏا باغ هئا، هر ڪنڊ ۾ سٺو باغ هو. صاف سٿرا ۽ ويڪرا رستا هئا، هن زماني وانگر گهما گهمي نه هوندي هئي، سڪون هو، ۽ ٽريفڪ گهڻي نه هئي. ماڻهو آرام سان هئا. ڇو ته سڄي شهر ۾ سڪون هو ته اها حالت هئي. پر ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ آبادي وڌڻ لڳي ۽ ايئن صرف حيدرآباد شهر ۾ ئي نه نه پر سڄي دنيا ۾ ٿيو، اهو قدرتي عمل هو. بهرحال حيدرآباد ۾ به اها ئي حالت آهي ته گهڻا ماڻهو آهن، گهڻي ٽرئفڪ آهي، اهو جيڪو سڪون هو سو غائب ٿي ويو.”
    سڪون صرف غائب ئي هجي ها ته غنيمت هئي، سڪون ختم ٿي ويو آهي. ڦرجي ويو آهي. حيدرآباد هاڻي پهريان جهڙو حيدرآباد هاڻي پهريان جهڙو حيدرآباد شهر نه رهيو آهي. ان ڏينهن ائون ريشم گليءَ جي هڪ ننڍي چؤواٽي تي بيل هيس. گولي هلي ته دڪان وارا جلدي جلدي دڪان بند ڪري وٺي ڀڳا ۽ خريدار ائين غائب ٿيا ڄڻ ڪڏهن آيائي نه هئا. صرف سامهون هندن جي زماني جي هڪ عمارت جي اڱڻ تي ٽائيلن جي فرش تي ويٺل هڪ اڪيلو ڇوڪرو پنهنجو پاڻ سان راند ڪري رهيو هو.
    گذريل شام جي ئي ڳالهه آهي، جو ڊڪٽر مبارڪ عليءَ سان اهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته حيدرآباد جي مزاج ۽ ڪردار ۾ هي انقلاب ڪيئن آيو، هن شهر ۾ جيڪي به خوبيو هيون هڪ هڪ ڪري اُهي سڀ ڪيئن ختم ٿي ويون ۽ حالتن ۽ حاڪمن جي اکين تي اها ڪهڙي پٽي ٻڌجي ويئي جنهن سڄي شهر کي انڌو ڪري ڇڏيو.
    ڊاڪٽر صاحب جو جواب!
    “ظاهر آهي ته هندوستان مان مهاجر وڏي انگ ۾ آيا، رهڻ جي مسئلن ڪر کنيو، وري آبادي وڌڻ لڳي ۽ تنهن ڪري، انهيءَ کان پوءِ هوريان هوريان حيدرآباد شهر جو ڍانچو بدلجڻ لڳو. هاڻي مثال طور حيدرآباد ۽ عامل ڪالونيءَ اندر ائين ٿيو آهي ته پراڻن گهرن کي ڊاهي هيٺ دڪان ۽ مٿي فليٽ ٺاهيا ويا آهن. هتي شهرن ۾ جيڪي باغ هئا، انهن مان گهڻن کي مينوسپلٽي پاڻ ختم ڪري ڇڏيو ۽ ختم ڪري اُتي دڪان ۽ فليٽ ٺاهيا ويا آهن. هتي شهر ۾ جيڪي باغ هئا، انهن مان گهنن کي مينوسپلٽي پاڻ ختم ڪري ڇڏيو ۽ ختم ڪري اتي دڪان ۽ فليٽ ٺاهيا. مثال طور سرفراز پارڪ هوندو هو، اهو ختم ٿي ويو، جتي هاڻي حيدر چونڪ آهي اتي هڪ پارڪ هوندو هو اهو به مٽجي ويو. گول بلڊنگ جتي آهي، اتي پارڪ هوندو هو، اهو به موڪلائي ويو. اسٽيشن جي سامهون ٻه وڏا خوبصورت پارڪ هوندا هئا، اُهي به ختم ٿي ويا. پوءِ گورنمنٽ ڪاليج ڀرسان ٽي چار باغ هوندا هئا، اهي سڀ ختم ٿي ويا. آخري پارڪ جيڪو ختم ٿيو، انهيءَ جو مون کي گهڻو ڏک آهي، اهو هو پريم پارڪ جيڪو ڪئنٽ جي علائقي جي اندر هو ان کي به ختم ڪيو ويو. ان ۾ به فليٽ ۽ گهر ٺاهيا ويا ۽ ٻاهران دڪان ٺاهيا ويا. هاڻي صورتحال اها آهي ته حيدرآباد شهر ۾ ڪابه کليل جاءِ رهيل نه آهي، ڪو پارڪ نه رهيو آهي، ساڳيو حال هتي لائبريرين جو ٿيو آهي. جيتريون به لائبريريون هيون، اُهي هڪ هڪ ٿي سڀئي ختم ٿيديون ويون. هن وقت حيدرآباد جي حالت اها آهي ته سوڙهيون گهٽيون ۽ سوڙها رستا آهن، ٽرئفڪ گهڻي ٿي وئي آهي. بلڊنگون ٺهنديون پيو وڃن. اهو سوچڻ کان کان سواءِ ته ماحول تي انهن جو ڪهڙو اثر پوندو، ماڻهن جي صحت تي ڪهڙا اثر پوندا. هتي ورهاڱي کان اڳ اسڪولن جون بهترين عمارتون هونديون هيون، انهن کي به ڊاهي مارڪيٽ ٺاهيا ويا. جهڙوڪ سٽي ڪاليج کي مارڪيٽ ڪيو ويو. نور محمد هاءِ اسڪول کي مارڪيٽ ٺاهيو ويو ته اهو سڄو تعليمي ڍانچو ڪاروباري ڍانچي ۾ بدلجي ويو. هاڻي اسڪول ۾ بارن کي تعليم جو ماحول نه ٿو ملي. انهن کي راندين لاءي ميدان نه ٿا ملي. انهن کي راندين لاءِ ميدان نٿا ملن، نه تفريح لاءِ پارڪ ۽ نه پڙهڻ لاءِ لائبريرون ملن ٿيون ته انهن سڀني شين جو اسين جيڪڏهن کڙتيل ڪڍي سگهون ته وڏي آسانيءَ سان اهو چئي سگهون ٿا ته هن وقت حيدرآباد شهر جي نوجوانن جو جيڪو ذهن تشدد طرف وڃي رهيو آهي، ان جو ڪارڻ سمجهه م اچي ويندو ته اسان جي شهر انهن کي ڪجهه به نه ڏنو آهي.”
    ها! ته آئون ريشم ڳليءَ جي هڪ چوواٽي تي بيٺل هيس. گولي هلي چڪي هئي، دڪاندار ۽ خريدار غائب ٿي چڪا هئا ۽ سامهون هندن جي زماني جي عمارت جي اڱڻ تي ٽائيلن جي فرش تي ويٺل اڪيلو ڇوڪرو پنهنجو پاڻ سان کيڏي رهيو هو. مون ويجهو وڃي پڇيو، “نالو ڇا آهي؟”
    “نانڪ“
    “تون ڇا ڪندو آهين“
    “اسڪول ۾ پڙهندو آهيان”
    “ڪٿي رهندو آهي”
    “لياقت ڪالونيءَ ۾”
    “هن وقت ريشم ڳليءَ ۾ تون ڇا ڪري رهيو آهين”
    “هن وقت اسين ڪم ڪري رهيا آهيون”
    “ڪهڙو ڪم ڪندو آهينئ”
    “منهنجي ماءُ غسل خانو ڌئندي آهي ۽ آئون ڪچرو کڻندو آهيان.”
    “پر هتي ته گولي هلي آهي، ڪجهه ٻار مري ويا آهن توکي ڊپ نه ٿو لڳي”
    “هو راند ڪندي ڪندي بيهي رهيو، هن منهنجي اکين ۾ غور سان ڏٺو جيئن هو منهنجو سوال ٻيهر پڙهي رهيو هجي ۽ پوءِ چيائين، “نه آئون هر وقت پنهنجي ماءُ سان گڏ رهندو آهيان.”
    بس! نئين نسل لاءِ هاڻي آخري پناهه گاهه بچيل آهي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو