مرحوم سائين نور محمد نور سمون جي پهرين ورسي ۽ ڪتاب سوچن جو سفر قسط نمبر 2

'سنڌي ادب' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏7 نومبر 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    743
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    بهترين استاد، بهترين شاعر،شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن جو پارکو، معروف صحافي مرحوم نورمحمد نور سمون جي سنڌي ادبي شاخ پنگريو ضلع بدين طرفان ملهايل پهرين ورسي ، مرحوم جي ڪتاب ”سوچن جي سفر جي مهورت ۽ ان مهورت ۾ راڳ رنگ جي محفل جو اکين ڏٺو احوال: قسط نمبر 2 ​


    اسان ٽانگي ۾ ويٺاسين، شهيد هوش محمد شيدي چوڪ کان بس اسٽاپ تقريبن ٻه ڪلو ميٽر پري آهي، ٽانگي ۾ ٻه سيٽون اڳ ۾ خالي هيون سو اسان جي ويهڻ کان اهي ڀرجي ويون. پر ٽانگي وارو اڃان به وڌيڪ سواري ٽانگي ۾ وهارڻ جي لالچ ۾ بيٺو رهيو، مون کيس انتهائي پيارسان چيو ته پُٽ هاڻ تنهنجو ٽانگو ڀرجي چُڪو آهي، تون ڇالئه بيٺو آهين ٽانگي کي هلائي : ٽانگي واري ڪاوڙ واري نظر واريندي چيو ته : جهونا، ٽانگي جي کاٻي ساڄي پاسي واريون ٻانهون اڃان خالي آهن ان تي اڃان سواري کي ويهاريندس پوءِ هلندس، پاسي مان سندس هڪ دوست ٽانگي وارو گُذريو ته ان سان سلام دُعا هڪ وڏي گار ڏيئي ڪيائين، مون سوچيو ڇا اڃا اسان جا سنڌي ڀائر پنهنجي مائرن ڀينرن جي توهين گار جي صورت ۾ ڳوٺن شهرن جي چوراهن ، گهٽين، مين روڊن تي ڪرڻ کي فخر سمجهندا رهندا ؟ ۽ اسان جي تهذيب کي داغدار ڪندا رهندا. عبدالغفور سمون مونکي اونهي ويچار ۾ ڏسي چيو ته سائين شايد توهان به اهو سوچي رهيا آهيو جيڪو مان سوچي رهيو آهيان.! مون جواب ڏنومانس غفور ٿي سگهي ٿو. ايتري ۾ نوجوان ڇوڪرا ٽانگي جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي واري ٻانهن تي اچي ويٺا، جن جا ڳل وات ۾ ٺونسيل مين پڙي يا گُٽڪي سان ڦُونڊاريل هُئا. اڄڪلهه اسان جي نوجوان نسل مين پُڙي ، سگريٽ نوشي ۽ گهٽڪو کي واپرائي پنهنجي نوجواني جو ٻيڙو ٻوڙڻ کي فخر سمجهندا آهن.! ٽانگي وارو اڃا به هلڻ ۾ سُستي ڪري رهيو هو. غفور سمي کيس چيو ته ڀائو تنهنجي ٽانگي جون ٻئي ٻانهون به ڀرجي چُڪيون آهن، هاڻي هلي پئو الله سائين جو نالو وٺي....... ايتري ۾ ڏينهن جا ٻارهن وڄي چُڪا هئا، گورنمنٽ گرلز اسڪول مان موڪل ٿي چُڪي هُئي نظر سامهون وڌم ته وڏو شاگرد نياڻين جو جُهنڊ موڪل کان پوءِ هيڏانهن اچي رهيو هو. شاگردياڻين کي جو ٽانگي واري ڏٺو، ته ٽانگي ۾ فرنٽ سيٽ جي هيٺ فٽ ٿيل بيٽري سميت ٽيپ جيڪو عام طور تي بسن ۾ لڳل هوندو آهي، ان کي ڪلڪ سان وڄائڻ شروع ڪري ڇڏيائين ،جيڪو گيت وڳو انهيءَ مُنهنجا ڇيهه ڇڏائي ڇڏيا،اهو گيت هو، “مجبور آ، عاشق مجبور آ، ڀلي ڪيڏو به ڪنڌار هُجي“ سامهون شاگرد نياڻيون جيڪي جهالت جي انڌيري کي دور ڪرڻ واسطي مستقبل جا نوان خواب سجائي ، پنهنجي اڄوڪي سکيا اسڪول مان حاصل ڪري پنهنجي ماڳن طرف وڃي رهيون هيون، صرف انهن کي مڪروهه انداز سان متاثر ڪرڻ واسطي ٽانگي واري وڄايو هو، هر گيت هر گانو ، هرشاعري پنهنجي وقت ۽ پنهنجي انداز سان سُٺو ٿو لڳي پر هتي ٽانگي واري جِي انهي حرڪت تي مونکي ايڏي ته ڪاوڙ آئي جو دل چيو ته هڪڙي چماٽ وهائي ڪڍان ٽانگي واري کي. پر پنهنجي اندر جي بُزدلي مونکي ائين ڪرڻ کان روڪيو. جيسين ٽانگو هلي تيستائين عبدالغفور سمون جي ٻانهن کي جهلي ٽانگي مان لهي ويس. ٽانگي واري رڙ ڪئي ته اڙي جهونا بس ٽانگو هاڻي هلايان ٿو، مون چيو مانس ته مان هاڻي تُنهنجي ٽانگي ۾ ويهي هلڻ کي ڪُفر ٿو سمجهان. مُنهنجي انهي ديکا ديکي ۾ ٻيا ٽانگي ۾ ويٺل مُسافر به لهي پيا، سواءِ انهن ٻن نوجوانن جي جن جي وات ۾ گهٽڪو ٺونسيل هو! عبدالغفور سمون چيو ته سائين دير ٿي ويندي، مون جواب ڏنومانس ته غفور ڪا ڳالهه ڪانهي هاڻي پاڻ رڪشا ۾ هلنداسين، ايتري ۾ هڪ رڪشو کر کر ڪندي پاسي مان گُذريو، مون فوري رڪشا جو آواز لڳايو، رڪشي وارو، بيهي رهيو، ڏٺم ته ان مان هڪ نوجوان ڇوڪرو لٿو سڌو اچي مونکي پيرين پيو،مان حيران ٿي ويس . چيائين ته سائين مان احمد آهيان چار سال پهرين توهان جنهن هائي اسڪول ۾ پرنسپال هُئا، انهي اسڪول ۾ مان اٺين درجي ۾ پڙهندو هُئس سائين توهان پنهنجي کيسي مان چند مهينن جي مُنهنجي ماهانه في ڀري هُئي، هينئر مان انٽر ۾ شام واري شفٽ ۾ پڙهندو آهيان، ۽ صُبح جو پنهنجي في ۽ پنهنجي ڀائرن ڀيڻن جي روزي روٽي لاءِ رڪشو هلائيندو آهيان ، مون کيس شفقت سان مٿي تي هٿ ڦيري کوڙ ساريون دعائون ڏنيون ، چيم ته پُٽ اسانکي پنگريو وڃڻ لاءِ بس اسٽاپ تي وڃڻو آهي چيائين ته حاضر سائين هينئر ئي ٿو توهان کي بس اسٽاپ تي پهچايان. ڏهن منٽن کان پوءِ اسان بس اسٽاپ تي پهتاسين مون پنهنجي پرس مان پنجاهه روپيا ڪڍي رڪشي هلائيندڙ شاگر احمد کي ڏنا ته ان انڪار ڪندي چيو ته سائين توهان کان ڀاڙو ڪونه وٺندس. اڙي احمد بابا رکي ڇڏي، تون ننڍو آهين ننڍا هميشهه وڏن کان وٺندا آهن زبردستي، سندس کيسي ۾ پنجاهه جو نوٽ وڌم ...... احمد سائين سائين سائين چوندو رهيو پر مون سندس ڳالهه ڪانه مڃي! ۽ بس اسٽاپ جي هڪ ڪُنڊ ۾ بيهي پنگريو وڃڻ واري بس جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. عبدالغفور سمون چوڻ لڳو ته سائين هن دنيا ۾ هرڪو پنهنجو پنهنجو ڪردار نڀائي ٿو، ٽانگي وارو بُرو هو، ان برائي وارو ڪردار نڀايو، هي نوجوان رڪشي وارو سُٺو هو ان پنهنجو سُٺائي وارو ڪردار نڀايو! مون کلي صرف اهو چيو ته غفور لڳي ٿو ته شايد تُون شيڪسپيئر وارو اهو تاريخي جملو ته“ دنيا هڪ اسٽيج آهي، هتي جا ماڻهو انهي اسٽيج جا اداڪار آهن، هرڪو پنهنجو پنهنجو ڪردار نڀائيندو ويندو آهي تازو تازو پڙهي آيو آهين. غفور اڃان مُنهنجي انهيءَ ادا ڪيل جملن تي غور ئي ڪري رهيو هو ته غفور جي کيسي ۾ پيل موبائل مان شمن ميرالي جي گيت واري رنگ ٽون “دلين جا مالڪ” وڄڻ لڳي....... هيلو غفور موبائل ڪن تي رکي چيو............. جي سائين ..........مان ...... پنگريو وڃڻ لاءِ ٽنڊو محمد خان ايوبيه بس اسٽاپ تي بيٺو آهيان، مون سان گڏ سائين نثار ناز به آهي........ جي جي سائين اسان انتظار ٿا ڪريون.............. مهرباني سائين.............. الله حافظ..... ايتري ۾ حيدرآباد کان ايندڙ پنگريو ويندڙ بس اچي رهي هئي بس جو ڪلينر ماتلي. تلهار، پنگريو پنگريو پنگريو جا ڳاٽي ڀڳا آواز لڳائي رهيو هو. مون غفور کي چيو ته وارو ڪر غفور جلدي بس ۾ چڙهي ٻه سيٽون هٿيڪيون ڪر.......... غفور چيو ته نه سائين پاڻ هاڻي بس ۾ ڪونه هلنداسين.......... ڇو يار پنگريو وڃڻ واري بس وري هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ايندي مون کيس چيو ، چيائين ته سائين ٿوري دير پهرين جيڪا موبائل ڪال آئي هُئي ، سا ڏاڏا هاشم سمون ڄام آف سنڌ جي هئي ، جيڪو پڻ پنهنجي پوري قافلي ساڻ سائين نور محمد نُور سمون مرحوم جي ورسي ۽ ڪتاب “سوچن جو سفر” واري مهورت ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهي، سو ڄام آف سنڌ پڻ انهي تقريب ۾ هلڻ لاءِ مونکي موبائل تي چيو، ۽ چيائين ته ٿوري دير ۾ ئي ٽنڊو محمد خان مان سڀئي گُذرنداسين سو انهن وٽ انهن جي گاڏين ۾ ٻن ماڻهن واسطي جڳه خالي آهي ، سو پنگريو هلڻ واسطي قدرتي طور پنهنجو مناسب ۽ سُٺو انتظام ٿي ويو آهي. چئبو ته غفور اڄ الله سائين کان جيڪو به ڪجهه گُهرون ها اهو ملي وڃي ها. مون جواب ڏنو....... تقريبن 15 منٽ انتظار ڪرڻ کان پوءِ ڄام آف سنڌ جي گاڏين وارو قافلو ڏسڻ ۾ آيو اسان ٻئي ڄڻا اڳتي وڌي روڊ تي آياسين، سڀ کان پهرين ڏاڏا حاجي هاشم سمون ڄام آف سنڌ جي گاڏي پيجارو هُئي قداور مڙس، سفيد ڪاٽن وارا ڪپڙا پهريل مٿي تي چاندي جهڙي اڇن وارن واري سفيدي، جيڪو پنهنجي گاڏي پاڻ ڊرائيو ڪري رهيو هو اُن اسان کي ڏسي بريڪ هنئي . عبدالغفور کي چيائين ته غفور تون مُنهنجي گاڏيءَ ۾ ويهه ۽ نثارناز کي پويان ٽوڊي گاڏي ۾ ايندڙ آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن جي مرڪزي صدر جناب غلام رسول سمون جي گاڏي ۾ ويهار. توهان کي اهو ٻُڌائيندو هلان ته عبدالغفور سمون آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن جو مرڪزي فوٽو گرافر پڻ آهي، جيئن ته توهان سڀني دوستن کي خبر آهي ته مُنهنجي ذات به سمون آهي، سو سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن جي هر گڏجاڻيءَ ۾ ضرور شرڪت ڪندو آهيان ان ڪري سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن جي سموري مرڪزي قيادت پڻ مونکي ڀلي ريت سُڃاڻندي آهي. سو جناب غلام رسول صاحب مرڪزي صدر تمام گهڻي محبت سان پنهنجي گاڏي ۾ ويهاريو، ۽ ائين اسان پنگريو شهر جي طرف روان دوان ٿي وياسين رستي تي غلام رسول سمون صاحب يخ ٿڌو مينگو جوس جو پيڪٽ مونکي ڏنو. جيڪو مهرباني چئي مون ورتو...................... باقي ڇا ٿيو..... ٿورو انتظار................

    نوٽ : جيئن ته انهي تقريب جي راڳ رنگ جا ڪافي سارا وڊيو توهان سان سنڌ سلامت اسٽوڊيو واري سيڪشن ۾ ونڊ ڪري چُڪو آهيان پر ڪجهه وڌيڪ تصويرون وري توهان جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان.

    سائين مرحوم نورمحمد نور جي مزار تي گُلن جي چادر چاڙهڻ کان پوٌءِ دُعا گهري پئي وڃي​


    [​IMG]

    محترم جناب عبدالواحد آريسر، ڏاڏا حاجي محمد هاشم سمون ۽ محترم تاج جويو صاحب تقريب ۾ نمايان آهن​


    [​IMG]

    محترم سليم سنڌي سمون صاحب ۽ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ هڪ اهم ترين شخصيت​


    [​IMG]

    محترم سليم سنڌي ۽ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ غريب ترين شخصيت​


    [​IMG]

    چيف آرگنائزر ۽ سنڌ سلامت جو ڪئمرا مين محترم عبدالغفور سمون صاحب​


    [​IMG]

    سنڌ ڌرتيءَ جو مهان دانشور محترم سائين عبدالواحد آريسر صاحب


    [​IMG]

    سنڌ فنڪاره ثريا سومرو جو هڪ خوبصورت انداز​


    [​IMG]

    جناب سليم سنڌي سمون ۽ حاجي محمد صديق سمون آف ٽنڊو محمد خان​


    [​IMG]

    جناب ڄام تماچي سمون آف پيٽارو ۽ تقريب جو هڪ آرگنائيزر​


    [​IMG]

    مهربانيون
     
  2. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    واه استاد سائين توهان جا عمدا خيال جو هڻي ٽانگي واري جا ڇيهه ڪڍي ڇڏيائين. تمام گهڻو مزو آيو سائين. ادي اسد چواڻي ته ايئن لڳو ته اسين به توهان سان غيبي نموني اُتي موجود هونداسين. شاندار تحرير..............

    وڌيڪ قسطن جو انتظار رهندو
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سبحان الله سائين

    تمام خوبصورت نموني توهان هر شي تي روشني وڌي آهي

    سبحان الله
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    743
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا رنجيت توهان ۽ سنڌ سلامت جا سمورا دوست هر فنڪشن هر ادبي يا ثقافتي محفل ۾ غيبي نه پر دلي طور مون ڀيرو هوندا آهن، جڏهن اها محفل پنهنجي عروج تي پهچندي آهي ته مان محسوس ڪندو آهيان ته سنڌ سلامت جي سموري سٿ مون ساڻ آهي۔ اتي جيڪو به دوست ڄاڻو يا اڻ ڄاڻ ملندو اٿم ته رب سائين جي نالي سميت صرف توهان سڀني دوستن جو نالو چپن تي هوندو اٿم، سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي ڳالهه هوندي آهي۔ دُعا ڪر ته صحت اجازت ڏي ته سمورو اکين ڏٺو احوال جلد ازجلد توهان دوستن سان ونڊ ڪري سگهان۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,556
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين توهان جي هن دلچسپ ليک کي لفظ به لفظ پڙهيوسين، ٽنڊو محمد خان ته ڇا پر سڄي سنڌ ۾ اهڙا کوڙ ٽانگي واري جهڙا ڪردار موجود آهن، سنڌ جي نياڻين جو پڙهڻ جنجال ڪري ڏنو اٿن۔۔
    باقي سائين هن سموري ليک اسان کي اهو محسوس ڪرايو ته سفر ۾ صرف توهان ئي نه پر سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي سموري ٽيم موجود آهي، ٻيو ڪير هجي نه هجي مان ته پاڻ کي محسوس ڪيو۔۔
    ٽنڊو محمدخان ڪيترائي ڀيرا ويا آهيون پر ايئن ڪڏهن اسان گهمي نه سگهيا آهيون، صرف ڪلٽس ڪار تي چڙهي ٽاور تي ڪم ڪري وري واپس ۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو