• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مونکي چاهت ڇا ڏنو آ۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي فخريه پيشڪش

نثارناز

سينيئر رڪن
مهربان سنڌي دوستو جيئي سنڌ ، سنڌ فنڪاره ثريا سومرو جو هي گيت سائين نورمحمد نور سمون جي ڪتاب سوچن جو سفر واري مهورت ۾ راڳ رنگ جي محفل مان سنڌ سلامت لاءِ فلمبند ڪيو ويو هو، هن وڊيو جو ڪئمرا مين ماستر عبدالغفور سمون هوسڙي شهر، وڊيو ايڊيٽر سنڌ سلامت جو ميمبر محترم محمد جمن شيخ ، ۽ ڊائريڪشن مُنهنجي آهي۔ان کان علاوه مان انتهائي ٿورائتو آهيان جناب سليم سنڌي سمون صاحب سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ پنگريو ضلع بدين جن جو جن جي تعاون سان سنڌ سلامت لاءِ هي گيت فلمبند ڪيو ويو۔

مونکي چاهت ڇا ڏنو آ، ثريا سومرو جو دلڪش آواز، سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي بهترين پيشڪش​


توهان جي راين جو منتظر رهندس
 
ادا نثار واه منهنجي پسند جو سونگ توهان ويڊيو ۾ پيش ڪيو آهي توهان جون لک لک مهرباني
مطلب ته ڪنگ به ” مونکي چاهت ڇا ڏنو آهي“ چئي اظهار ڪري سگهن ٿا۔ ها بابا، هو چوندا آهن ته۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مجبور آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڀلي ڪيڏو به ڪنڌار هُجي۔۔۔۔۔۔۔۔وڏا وڏا بادشاهه پنهنجون بادشاهي ڇڏي ڏيندا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سو ڪنگ جهانداد سمون به بادشاهه آهي پنهنجي سنڌ سلامت جو۔۔۔۔۔۔۔۔۔مهرباني مٺا ڪنگ جهانداد سمان مُنهنجي پسند توکي پنهنجي پسند لڳي۔۔۔۔۔
 
تمام بهترين سائين

توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو
يار وهاب قمبراڻي نعرا هڻي پيو چئي ته ”
ڦڏا نه ڪر فقيرن سان“​
ڀائو وحيد ڳالهه ڇا آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نيڪ بابا نيڪ مائي نيٽ ورڪ تنهنجو اسلام آباد جي ايوانن تائين ڦهيلجي چُڪو آهي اڃان چوين پيو ته تون هٿ کڻي ويو آهين۔۔۔۔۔۔۔۔
 
يار وهاب قمبراڻي نعرا هڻي پيو چئي ته ”
ڦڏا نه ڪر فقيرن سان“​
ڀائو وحيد ڳالهه ڇا آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نيڪ بابا نيڪ مائي نيٽ ورڪ تنهنجو اسلام آباد جي ايوانن تائين ڦهيلجي چُڪو آهي اڃان چوين پيو ته تون هٿ کڻي ويو آهين۔۔۔۔۔۔۔۔

asul matt hall chari khil sahi suhnan saan
سائين منهنجا توهان ته اصل فقير جا ڦيڻا ئي ڦڏي ۾ وجهي ڇڏيا.
 
ويچاري ثريا صاحبه ايتري وساميل وساميل ۽ اُٻاڻڪي ڇو پئي لڳي سائين۔۔؟
 
تمام بهترين سائين

توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو

اڙي جهونا علي علي بابا تون آهين ڪٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ : چُپ چُپ کڙي هو ضرور ڪوئي بات هي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڇا ڳالهه آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڄ تنهنجي چهري تي اها دل لڀائيندڙ مُرڪ ڪونهي، تنهنجي لبن تي ڪا ماحول کي خوشگوار ڪرڻ واري ڳالهه ڪانهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دوست جيڪڏهن اسان کان ڪو رنج پهتو اٿئي ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هٿ جوڙي معافي وٺون ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي ائين مُنهن لٿل اسان جي محبتي اڱڻ تي خاص ڪري علي علي اچي ته يار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان جي اندر ۾ وڍ پئجو وڃن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

اکيون ٻوٽي اوچتو سوچيو جڏهن مُون،
سپني جهڙو تون، سِرجِي آئين خيال ۾
(ايوب کوسو)​
باقي مٺا واڳ ڌڻي تو وس۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top