سنڌ شاد رهي آباد رهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رضوان علي جمالي طرفان آندل موضوعَ ‏15 ڊسمبر 2012۔

  1. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ڪالهـ اوچتو ئي اوچتو هڪٻئي جي ڪڍ ۽ تيز رفتار سان 40404 جي مختلف نيوز سڄڻن کان موبائيل تي ميسج اچڻ شروع ٿيا ، ته ڪراچي مڪمل طور 15 منٽن ۾ بند ، سنڌ سڄي ۾ فائرنگ شهرَ بند ، شهرن ۾ خوف و حراس ، ٻيو ته ٺهيو پر لاڙڪاڻي شهر ۾ به فائرنگ ؟؟؟ هي ڪنهن پئي ڪئي ؟؟ ٽي وي جا مختلف چئنل ڏسندو رهيس ، سواءِ ٻن شهرن جي دادو ۽ جيڪب آباد جي باقي ڪو شهر بچيل نه هو جتي فائرنگ نه ٿي هجي خوف نه ڦهلايو ويو هجي ۔ وڏن شهرن جي ۽ جتي مڪڙن جو زور آهي اتي ته سمجه ۾ آيو جو هڪ دهشتگرد کي ڪورٽ سڳوري طلب ڪيو آهي ، ٻين شهرن ۾ ڪهڙي خيال کان خوف ڦهلايو ويو ؟ ۽ ڪنهن ڦهلايو ؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سائين عرض ته مشرف جي د ور ۾ جڏهن سنڌ جي وسيلن تي قبضي جو پلان جوڙيو ويو جنهن جو منظر پي پي پي جي هن دور ۾ ڏسو پيا ٿا ، ان وقت پوليس تي ايم قيو ايم جو پورو ڪنٽرول رهيو هو جنهن سنڌ اندر خاص قدم کڻي ان شئي کي هٿي وٺرائي ۽ پنهجي ميمبرشپ لاء سنڌ جي ڪاوڙيل ۽ لالچي وڏيرن کي پاڻ سان ملائن لاء ايجنسين جي معرفت علائقن جي لوفر ترين ماڻهن کي ايم قيو ايم جا يونٽ کولڻ اڪسايو ويو ۽ انهن کي جڏهن پوري سپورٽ ملي ٽه آهستي آهستي بدمعاش قسم جا ماڻهو انهن جا ساٿي بنجندا ويا ۽ بدترين لوفرن کي حد جو صوبيدار يا ڊي ايس پي به جهڪي ملڻ لڳا ،ان روش کي ڏسندي جنهن تي به ظلم پئي ٿو ۽ داد فرياد نه پئي ٿيو ته اهي ماڻهو ايم قيو ايم جي يونٽن ۾ڀرتي ڪيا ٿي ويا جتي انهن کي ٻيو نه ته تحفظ جو يقين ٿيڻ لڳو ۽ انهي سبب سان هنن جي پرڇار سان گڏ هنن کي هر قسم جي غنڊا گردي جو به لائسنس ۽ سکيا پڻ ڏني پي ويئي جن ۾ هر يونٽ ۾ چند فرد اسپيشل ٽريننگ حاصل ڪرڻ کان پوء انهن ماڻهن مان چونڊ ڪري پانهجي مخصوص ڦورو ٽولي جي نظام ۾ واڌارو آڻيندي رات وچ ۾ پنهجون خواهشون پوريون ڪندي امير ٿيڻ جهڙا خواب به بنا ڪنهن ڊپ جي پورا ڪرڻ لڳا ، ۽ اهيو نه رڪجندڙ سلسلو جتي جو صوبيدار ۽ سپاهي پنهجي ڊيوٽي فقط رشوت جي ڏوڪڙن کي سمجهي ڪري انهن لاء هڪ آسان رستو هو ،اهيو ئي سبب آهي جو وارداتن ۾ اضافو ۽ امن ۾ خلل جو رجهان وڌندو ويو سپاهي ۽ صوبيدار دولتمند ٿيندا ويا پي انهن کان ڪير پڇڻ وارو به ڪونهي ته 8 هزار پگهار وارو 18 لکن جي ڪار ۾ ڪهڙي حساب سان ٿو چڙهي گهمي ،خير مطلب ته انهن کي هر واٽ آسان بنائي ڏني ويئي مطلب چوڻ جو ته سنڌ جا لوفر ماڻهو به انهن سان ٻِٽُ آهن ۽ هي ڪارنامه انهن ڪميڻن جا آهن جيڪي توهان اسان جي پاڇي ۾ لڪندا رهندا آهن پر انهن وٽ نه ديد آهي نه لڄ نه حياء اهي انتها درجي جا بيغيرت ماڻهو آهن جيڪي انسانيت جي درجي کان هزارين ميل پري ڌڪجي ويا آهن هي اهي فسادي آهن جن لاء الله پاڪ جو به حڪم آهي ته انهن کي ڳولي ماريو ايستائين جو فساد ختم ٿي وڃي پر ڪير ڪري همٿ ۔ شريف ماڻهن لاء ٿاڻا ۽ ڪورٽون اڳئي اذيت جو گهر آهن سو هر ڪو مجبور ۽ بيوس ڏسي به پيو ٿو لنوائي باقي خبر ته سڀن کي آهي ته ڪير آهن ڪهڙا آهن ،
    وڌيڪ الله پاڪ پاڻ ٿو ڄاڻي ظالم جو ڪردار هميشه يزيدي ڪردار کي ظاهر ڪندو آهي ۽ مظلوم هوندي به آخري ساه تائين ظالم سان وڙهڻ جو حڪم ۾ولا حسين پاڪ عليه صلوات وسلام جن کان ملي ٿو،پر اسان ان تعليم کان پري رهيا آهيون ،اسان ته انگريزي تعليم کي دنيا ۽ جيئڻ جو وسيلو بنائي سڀ ڪجه پڙهڻ ڇڏي ڏنو آهي پوء هاڻي بزدلي سستي ۽ ڪاهلي جو شعوري وجود اسان کي هر شئي کان پري ۽ ظالم کي هر نعمت جي ويجهو ڪري ويٺو آهي
    هو پنهجي ظلمت جي رستي تي يڪجاء آهن اسان حق جي رستي تي به ڇڙوڇڙ آهيون ،
    دينا داستي دهشت جي علامت بنيل ماڻهن جو ڪو نالو وٺڻ وارو ڪونهي ،شريف ماڻحو جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي ،
    هي ڪميڻا انگريز جا پٺو اردو ميڊيا وارا ڏسوحق کي ظاهر ظهور نظرانداز ڪيون ويٺا آهن جڏهن ته الله رسول کان غفلت جو سامان گهڻي کان گهڻو ميسر ڪري ٿو ڏنو وڃي
    مان ته چوان ٿو ته هنن پاڻ موقعو ڏنو آهي ته هاڻي اردو جي نشريات کان مڪمل بائڪاٽ ڪرڻ کپي ۽ ٽيليويزن کي روڊن تي کڻي باهيون ڏنيون وڃن ته جيئن دنيا کي خبر پوي ته اسان پنهجي هر دشمن سان وڙهڻ جو ارادو ڪيو آهي ،
    يا ته ٽي وي کپائي هٿيار ڌارجي ۽ هر هٿيار سان هڪ دشمن مارجي ته جيئن الله رسول جي حڪم جي تڪميل ٿئي ۽ فسادي ختم ڪيا وڃن،
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ڌارين هئنين سڀڪا، پنهنجن هئنين آءٌ
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان جا ٻه ٽي سبب هئا۔

    1 سپريم ڪورٽ پاران الطاف حسين کي مليل توهين عدالت جو نوٽيس۔

    2 حيدرآباد ۾ ٻٽي نظام خلاف ٿيل هيڏو وڏو جلسو ۔۔۔۔

    پر افسوس ته ان ڳالهه تي ٿيو ته حڪومت ڪٿي به نه هئي۔ قومپرست ڪنهن احتجاج جو سڏ ڏين ٿا ته پوليس ۽ رينجرز جا ڪٽڪ شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اچن ٿا پر ڪالهه ته نه پوليس هئي نه وري رينجرز، ڄڻ ته هنن کي کُلي ڇوٽ ڏنل هئي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو