رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
ڪالهـ اوچتو ئي اوچتو هڪٻئي جي ڪڍ ۽ تيز رفتار سان 40404 جي مختلف نيوز سڄڻن کان موبائيل تي ميسج اچڻ شروع ٿيا ، ته ڪراچي مڪمل طور 15 منٽن ۾ بند ، سنڌ سڄي ۾ فائرنگ شهرَ بند ، شهرن ۾ خوف و حراس ، ٻيو ته ٺهيو پر لاڙڪاڻي شهر ۾ به فائرنگ ؟؟؟ هي ڪنهن پئي ڪئي ؟؟ ٽي وي جا مختلف چئنل ڏسندو رهيس ، سواءِ ٻن شهرن جي دادو ۽ جيڪب آباد جي باقي ڪو شهر بچيل نه هو جتي فائرنگ نه ٿي هجي خوف نه ڦهلايو ويو هجي ۔ وڏن شهرن جي ۽ جتي مڪڙن جو زور آهي اتي ته سمجه ۾ آيو جو هڪ دهشتگرد کي ڪورٽ سڳوري طلب ڪيو آهي ، ٻين شهرن ۾ ڪهڙي خيال کان خوف ڦهلايو ويو ؟ ۽ ڪنهن ڦهلايو ؟