• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اندازِبيان

راشد ميمڻ

سينيئر رڪن
ڪنهن دؤر جي ڳالهه آهي ته ڪنهن بادشاه نجومي کي گهرائي پنهجي زندگي باري ۾ پڇڻ پئي چاهيو ان سلسلي ۾ نجومين کي دعوت ڏني ويئي، هڪ نجومي بادشاه وٽ حاضر ٿيو ۽ ان کي پنهنجي زندگي جي باري ۾ ٻڌائڻ لڳو ته ”بادشاه سلامت اوهانجي زندگي ۾ تمام وڏي آهي ۽ ان گهڻا ڏک ۽ تڪليفون آهن اوهان جي زندگي ۾ اوهان جي اوهان جا ما پي مَري ويندا“ اهو ٻڌي باشاهه صاحب کي تمام گهڻي ڪاوڙ اچڻ لکي ۽ وزيرن کي چيائين هن کي قيد ڪريو ۽ ٻئي نجومي کي سڏ ڪيو، جڏهن ٻيو نجومي آيو ته ان بادشاه سلامت کي عرض ڪيو ته بادشاه سلامت ”الله سائين اوهان جي زندگي دَراز ڪئي آهي، پر ان ۾ ڪجهه لاها چاڙها ضرور ايندا، اوهان پنهجي والدين جا
ڪُلهي ڪانڌي ٿيندا“ اهو ٻڌي بادشاه سلامت کي تسلي ٿي ۽ ان نجومي کي قيمتي انعام سان نوازيو۔

اوهان ڏٺو ته ٻنهين نجومين جي ڳالهه تقريباََ ساڳي هئي پر اندازِ بيان الڳ الڳ هو، ان ڪري اگر اوهان ڪنهن سان ڀلي ان جي مخالفت ۾ ئي ڳالهايو پر اندازِ بيان کي بهتر ڪريو ان سان نفرتن ۾ گهٽتائي ايندي۔
 
بلڪل صحيح ٿا چئو ۔۔۔۔

منفي ڳالهه کي بيان ڪرڻ جو انداز به مثبت هجڻ گهرجي۔ اهائي دانائي آهي۔
 
Back
Top