اڄوڪو ڏينهن 17 ڊسمبر تاريخ جي دري مان

'ڊسمبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 ڊسمبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 17 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    17 ڊسمبر 1845ع صوفي شاعر موهن فقير آهوجا (عاقل) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    17 ڊسمبر 1917ع شاعر، صحافي، نثر نويس ۽ آرٽسٽ قاضي عبدالحئي قائل جو جنم ڏينهن آهي۔
    17 ڊسمبر 1924ع شاعر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر ارجن شاد (سکر/بمبئي) جي پيدائش ٿي.
    17 ڊسمبر 1926ع ليکڪا ڪماري اندرا شوداساڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    17 ڊسمبر 1934ع سياستدان آفتاب احمد شيخ جو جنم ڏينهن آهي.
    17 ڊسمبر 1952ع ڊرٻ ميهر شاهه جو گادي نشين ۽ سياستدان سيد بچل شاهه جيلاني پيدا ٿيو.
    17 ڊسمبر 1972ع باليووڊ اداڪار جان ابراهيم جو جنم ڏينهن آهي.
    17 ڊسمبر 1980ع غوثپور سان تعلق رکندڙ شاعر زاهد علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    17 ڊسمبر 1839ع سنڌ جو حڪمران مير نور محمد ٽالپور لاڏاڻو ڪري ويو.
    17 ڊسمبر 1949ع مذهبي اسڪالر مولوي محسن شاهه جي وفات ٿي.
    17 ڊسمبر 1950ع نواب مير محمد چانڊيو جي وفات ٿي.
    17 ڊسمبر 1960ع صوفي شاعر نصير محمد فقير جلالاڻي جي وفات ٿي.
    17 ڊسمبر 1970ع سياستدان سيد وريل شاهه (رتوديرو) جو انتقال ٿيو.
    17 ڊسمبر 1975ع سائنسدان ڊاڪٽر وڏل شاهه جي وفات ٿي.
    17 ڊسمبر 1984ع لاڙڪاڻي جي صحافي ڪامريڊ جمال بخاري جي وفات ٿي.
    17 ڊسمبر 2005ع هند ۽ سنڌ جي مشهور ليکڪا پوپٽي هيراننداڻي ديهانت ڪري وئي.
    17 ڊسمبر 2012ع هند ۽ سنڌ جومشهور شاعر پرڀو جوتومل ڇڳاڻي وفا ديهانت ڪري ويو.
    17 ڊسمبر 2015ع اداڪار ۽ ليکڪ الف ن ڊرامي جو ليکڪ ڪمال رضوي انتقال ڪري ويو.
    17 ڊسمبر 2016ع شاعر سعيد ميمڻ جي وفات ٿي.


    اڄوڪي ڏينهن 17 ڊسمبر جا ڪجهه اهم واقعا

     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    17 ڊسمبر 2012ع هند ۽ سنڌ جومشهور شاعر پرڀو جوتومل ڇڳاڻي وفا ديهانت ڪري ويو۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    پوپٽي ھيراننداڻي سنڌي ٻوليءَ جي ويڙھاڪ ليکڪا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ابو رافع

    حيدرآباد، سنڌ جو علمي ۽ ادبي شهر، اسان جي جديد علم ۽ تهذيب جي هڪنئين سڃاڻپ رکندڙ شهر، جنهن سنڌ جي علم ۽ ادب۾ نهايت معتبر حيثيت رکندڙ عالم ۽اديب پيدا ڪيا. جنهن شهر جي شام جون هوائون پنهنجي خاص سڃاڻپ رکنديون هيون، جيڪياڳتي هلي ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ رت هاڻيون ٿي ويون ۽ حيدرآباد شهر لساني گروپن۾ ورهائجي ويو. ڌرتيءَ ڌڻي ڌرتيءَ ڌڪاڻا بڻجي ويا ۽ هن سنڌ جي سدا بهار شهر ۾پناهه وٺندڙ ان جي وارثيءَ جي دعوا ڪرڻلڳا. ڪيئي طوفان آيا، ڪيئي قتل ٿيا. اڻڳڻيون گوليون هليونپر هن شهر جي علمي ادبي اهميت اڄ به اها ساڳي آهي، جيڪا ٻناڍائي سون سالن کان هئي. ادب جي ميدان ۾ ورهاڱي کان اڳ هن شهر جي ٽن نهايت اهم خواتين کي جنمڏنو. مون کي فخر حاصل رهندو ته انهن ٽنهي سان منهنجو مکا ميلو ٿيو. اهي آهن؛ پوپٽيهيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي ۽ ريٽا شهاڻي. اڄ مون کي ان خاتون ليکڪا تي لکڻوآهي، جنهن هڪ پڙهيل ڳڙهيل گهر ۾ جنم ورتو ۽ اڳتي هلي سنڌي ادب کي ايترو ڏنو جو اهوسندس ان دان عيوض کيس ڪڏهن به وساري نه سگهندو. هن خاتون جو نالو آهي، پوپٽيهيراننداڻي. سندس جنم۱۷-۰۹-۱۹۲۴ تي رامچند هيراننداڻيءَ جي گهر ۾ٿيو۽ عجيب اتفاق ته اهو ئي ڏهاڙو هن جي وفات جو به آهي، جيڪو۱۷-۱۲-۲۰۰۵ آهي. ائين پوپٽي هيراننداڻيءَ جيسالگرهه جو به ڏينهن اهو آهي ته ورسيءَ جو ڏينهن به اهو آهي.
    پوپٽيءَ ورهاڱي جي هاڃي وقت حيدرآباد سان گڏ سنڌ به ڇڏي ۽ سنڌ هنڪهڙين حالتن ۾ ڇڏي اهو داستان سندس لکيل آتم ڪٿا واري ڪتاب ”منهنجي زندگيءَ جاسونا روپا ورق“۾ پڙهي سگهجي ٿو، هي ڪتاب نه رڳو پوپٽي هيرا ننداڻيءَ جو ورهاڱي جوداستان آهي، پر هي ڪتاب انهن سڀني سنڌي هندن جو داستان آهن، جن کان زوريءَ سنڌڇڏرائي وئي هئي، مان ڳالهه ورجايان ٿو ته سنڌي هندن کان زوريءَ سنڌ ڇڏرائي وئيهئي، هنن پاڻ سنڌ ڇڏي نه هئي، اهڙو دستاويز هيءُ ڪتاب آهي، ٻيءَ طرحپوپٽيهيراننداڻي سنڌي ٻوليءَ جي اها بيباڪ ليکڪا آهي، جنهن ادب جي لڳ ڀڳ سڀني صفن ۾لکيو آهي، ڪهاڻيون، ناول، مضمون، خاڪا، سفر ڪٿا، شعر، آتم ڪٿا، ادبي تاريخ ۽ سنڌيٻولي، انهن صفن ۾ شامل آهن، ائين هن پنهنجي ايڪاسي سالن جي ڄمار ۾ لڳ ڀڳ ايترائيڪتاب سنڌي ٻوليءَ کي ڏنا آهن، جن ۾ منهنجي ڄاڻ موجب سندس آخري ڪتاب ”سچ ٿا مردچون“ آهي، جنهن ۾ هن زندگيءَ جا ڪي ڪڙا واقعا بيان ڪيا آهن، جيڪي اڄ تواريخ جو حصوبڻجي ويا آهن. هيءَ ڪتاب پوپٽيءَ جي زندگيءَ جي واقعن سان ڀرپور آهي، ”سنڌي ڪالهه۽ اڄ، ماڻڪ موتي لعل، شاهه جون سورميون“ سندس اهم ترين ڪتابن ۾ ڳڻيا ويندا آهن،ماڻڪ موتي لعل ڪتاب ۾ پوپٽيءَ جا شخصيتن بابت لکيل خاڪا آهن، جيڪي هن نهايت ئي سچ۽ روشنيءَ جي پاڇي ۾ ويهي لکيا آهن. جن ۾ ڪي بزرگ آهن، ڪي درويش آهن، ڪي عالم اديب۽ شاعر آهن، ڪي تعليمي ماهر آهن ۽ ڪجھه سماج جون اهم شخصيتون آهن، جن تي پوپٽيءَائين ئي لکيو آهي، جيئن هن انهن کي ڏنو آهي، هيءُ سڀ پهلو پوپٽيءَ جا واڌ وجهلوآهن، پر بنيادي طور هوءَ هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس طور ئي ادب ۾ سڃاتي ويندي آهي ۽اها ئي سڃاڻپ هن لاءِ فخر واري آهي، هن جا ڪيترائي ڪتاب هندستان گڏ سنڌ ۾ شايع ٿياآهن، هوءَ هڪ بيباڪ ليکڪا طور مشهور آهي، هن جي سڃاڻپ جتي بيباڪ ڪهاڻيون ۽ ناولآهن، اتي هن جي شخصيت جي هڪ سڃاڻپ هن جا بيباڪ ٽهڪ پڻ آهن، جيڪي سندس آخري عمر ۾جهيڻا ئي سهي پر ٻڌڻ جو هڪ ڀيرو مون کي موقعو مليو، چيو ويندو آهي تهسندس انهن بيباڪڪهاڻين، ناولن ۽ ٽهڪن پويان هن جو باغي مزاج موجود آهي، جنهن جو هڪڙو مثال اهو بهآهي ته هڪ نوجوان جيڪو کيس پسند ڪندو هو، ان جي مائٽن هن جي گهراڻي کان وڏي ڏاج جيگهر ڪئي، جنهن تي هناحتجاج ڪندي چيو ته هو مون کي به وٺڻ ٿا چاهين ۽ ڏاج کي به. ان ڪري هن اهو رشتو ٺڪرائي ڇڏيو ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين شادي نه ڪيائين،سنڌ ڇڏي هند ۾ رهندي، پڙهائڻ جي پيشي کي اختيار ڪيائين، پروفيسر بڻي، سنڌين کي نهرڳو ڪاليجي علم ڏنائين پر پنهنجي لکڻين وسيلي هڪ اعليٰشعور بهڏنائين ته سنڌيت جو شعور به ڏنائين، نئين ٽهيءَ کي پنهنجي تهذيب، ثقافت ۽ ٻوليءَسان پيار ڪرڻ جا درس ڏنائين، سنڌيت سان جڙيل پهرئين ٽمور تي گوبند مالهي، اي جياتم ۽ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ سان گڏجي سڄي هندستان ۾ رٽن ڪيائين۽ سنڌين ۾ سنڌيت جي جوتجاڳايائين، عورتن ليکڪائن جي پهرئين ٽمورتي، پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي ۽ڪالا پرڪاش ئي لکي ۽ ليکي ويندي آهي، باقي ليکڪائون پوءِ ٿيون اچن، ڪيتريون محبتونماڻيائين، ڪيتريون ئي مخالفتون ڀوڳيائين، تنقيدن جا تير سٺائين، هند ۽ سنڌ ۾ هڪليکڪا طور گهڻي گهڻي مڃتا ماڻيائين،سترهين ڊسمبر ٻه هزار پنج تي ممبئيءَ جهڙيمهانگريءَ ۾ سنڌ کي هڪ ڀيرو ڏسڻ جي خواهش دل ۾ سانڍي دم ڏنائين ۽ بس!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو