سُهڻن جي ساک!

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
اسان جهڙيون توکي وفائون نه ملنديون
اسان مان ڪڏنهن به جفائون نه ملنديون
فراقن ۾ فٽجي ٿا ڪيڏارو ڳايون
سريليون ڪي اهڙيون صدائون نه ملنديون
حُسن وارا دنيا سڄي ۾ رهن ٿا
توبِن هي ڪنهن سان نگاهون نه ملنديون
ڀلي وڃ تون دنيا سڄي هي گهُمي ڏس
اسان جهڙيون ڪنهن ۾ ادائون نه ملنديون
سدا سينڌ تنهنجي سلامت رهي
ڪڏنهن توکي اهڙيون دعائون نه ملنديون
 
فيراقن ۾ فٽجي ٿا ڪيڏارو ڳايون
سريليون ڪي اهڙيون صدائون نه ملنديون
فراقن ۾ ڦٽجي ڪيڏارو۾ سريلي صدا !!! واه زبردست
ڀلي وڃ تون دنيا سڄي هي گهُمي ڏس
اسان جهڙيون ڪنهن ۾ ادائون نه ملنديون
ڀلي وڃ ؟؟؟
آءُ اچي اکين ۾ ويه ته واري ڍڪيان
 
حُسن وارا دنيا سڄي ۾ رهن ٿا
توبِن هي ڪنهن سان نگاهون نه ملنديون
شاعري وڻي ۔۔۔ خوبصورت چونڊ ۔۔۔ پر شاعر ڪير آهي؟​
 
ڀلي وڃ تون دنيا سڄي هي گهُمي ڏس
اسان جهڙيون ڪنهن ۾ ادائون نه ملنديون
سدا سينڌ تنهنجي سلامت رهي
ڪڏنهن توکي اهڙيون دعائون نه ملنديون
زبردست لاجواب سٽون ۔ من کي موهيندڙ۔ بهترين شاعري اصل دل وٽان۔
 
Back
Top