لطيف سائينءَ جا لطيف احساسَ

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    لطيف سائينءَ جا لطيف احساسَ

    ڊائريءَ جو ورق
    1988ع

    منهنجو هڪ جگري دوست ”آصف علي شيخ“، لاڙڪاڻي شهر جو انتهائي سهڻو، سلڇڻو ۽ بهادر نوجوان، سندس گهراڻو لاڙڪاڻي جي چند وڏن گهراڻن مان هڪ، شيخن وارو تَڪُ، غيبي ديري ويندي قمبر شهر کان شروع ٿيندو هو ته وڃي چانڊين جي تڪ سان لڳندو هو ... جنهن ۾ سنڌ جي مشهور ”ڊرگهه ڍنڍ“ پڻ اچي ٿي وئي ... هي نوجوان ان ڍنڍ جي مالڪن مان هڪ هو ...

    دوستن جو دوست، سندس دين سنڌ ، سندس ايمان سنڌ، انتها جو قومپرست ۽ ان ننڍي عمر ۾ ايترو سڄاڻ دوست جو جڏهن سن ويندو هو ته محترم سائين جي ايم سيد کيس دروازي تائين ڇڏڻ ايندو هو ... دوستيءَ جو ايترو پڪو ۽ جان نثار جو دوست جي تڪليف کائنس ڏٺي نه ٿيندي هئي، قومپرست دوستن جو اجهو ۽ اٽو ... مطلب ته سنڌي نوجوانن ۾ هڪ سهڻو نوجوان ...

    آصف هميشه، شاه جو هي بيت جهوگاريندو رهندو هو ...

    ڪڪر منجهه ڪپار، جهڙ نيڻنئون نه لهي،
    جهـــڙا منهنجا سپريــــــن، تهڙا مينگهه ملهــار،
    کڻ اکيون، کل يـــار!، وڃن سور سنڌا ڪـــريو.

    ڪجه سال زندگيءَ جا آصف سان اهڙا گذريا جو شايد سڳن ڀائرن سان به نه گذرن، راتين جون راتيون، ڏينهن جا ڏينهن گڏ گذرندا هئا ... خوشي هجي يا غم، راند هجي يا روند، ويڙه هجي يا امن پنهنجو گڏ هجڻ لازم، هلندي هلندي مون ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ آصف به پنهنجي ڳوٺ وڃي پنهنجون زمينون سنڀالڻ شروع ڪيون ...

    سندس شادي طع ٿي ته هو ان شاديءَ جي خريداري ڪرڻ ڪراچيءَ آيو، سموري خريداري ڪئي سون، ڪچهريون ٿيون، دعوتون وراهيون سين، ان ڏينهن آصف صبح سوير يونيورسٽيءَ آيو ۽ لاڙڪاڻي هلڻ لاءِ زور ڀريائين پر منهنجا سيمسٽر ٿي هليا سو مون ڪجه ئي ڏينهن ۾ پهچڻ جو واعدو ڪيو. دوست آصف موڪلائي هليو ويو ...

    رات ٿي ته آصف جو ننڍو ڀاءُ ”پاشا“ آيو، سندس منهن لٿل هو، اچڻ سان چيائين غازي جلدي ڪر ته گهر هلون جو سڄو گهر لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ تيار آهي جو لاڙڪاڻي ويندي ميهڙ شهر جي ڀرسان آصف کي ڌاڙيلن گوليون هڻي زخمي ڪري وڌو آهي ...

    هيٺيون هيٺ، مٿيون مٿي ٿي ويون، چڙهي ويٺس پاشا سان، سندن گهر ڪراچيءَ جي پي اي سي ايڇ ۾ هيو، گهر آياسون ته سڀ ڀاتي پريشان ويٺا هئا، سندن حالت ڏسي سمجهي ويس ته دوست زخمي نه پر شايد ...!!!

    دوست جي خاندان جي مڙدن پنهنجي گهر جي عورتن کان لڪايو ٿي انڪري ڪنهن سان ڪا اهڙي ڳالهه نه ٿي ڪيائون ته متان عورتون هاڻي کان ئي نه گهل گهوڙا شروع ڪن ... بهرحال، سڀ ڀاتي ڪٺي ڪندي رات جا ٻه ٽي ٿي ويا ۽ سفر شروع ٿيو .... سپر هاءِ وي تي گاڏيون هليون ته آصف جي وڏي ڀاءُ نور محمد خان روئڻ شروع ڪيو ته، مونکي پڪ ٿي ته دوست شايد جيئرو ناهي پر پوءِ به الائجي ڇو دل نه پئي مڃي ...!!!

    وڳڻن کان سڌو رستو قمبر جو وٺي اچي صبح جو سندن وڏي ڳوٺ پهتاسون ته سامهون دوست جو لاش، سڀ ماڻهون روئڻ ۾ شروع ٿي ويا، ماتم شروع ٿي ويو، پر مونکي اڃان الائجي ڇو يقين نه ٿي آيو، ڊڄندي ڊڄندي وڃي لاش جي مٿان بيٺاسون، دوست جي منهن تان پردو هٽيو، منهنجي ذهن ۾ لطيف سڳوري جو بيت جو آصف هميشه جهوگاريندو رهندو سو تري آيو ...

    ڪڪر منجهه ڪپار، جهڙ نيڻنئون نه لهي،
    جهـــڙا منهنجا سپريــــــن، تهڙا مينگهه ملهــار،
    کڻ اکيون، کل يـــار!، وڃن سور سنڌا ڪـــريو.

    بيت ياد ڇا آيو، دل ساٿ ڇڏي ڏنو، اکين مان آب جاري ٿي ويو ۽ نه چاهيندي به وڏي واڪي روئيندو رهيس ۽ شاه جو اهو بيت جهوگاريندو رهيس ... پر موت حقيقت آهي انجي خبر پئجي وئي ... زندگي ڇا آهي، موت ڇا آهي انجي اهميت جي خبر پئجي وئي ... ٽي ڏينهن پورا روئيندو رهيس ۽ شاه جو بيت جهوگاريندو رهيس ...


    رب العالمين دوست آصف کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ سنڌ کي امن عطا ڪري ... پنهنجي گهر جي دشمن ”ڌاڙيل“ کان سنڌين کي ڇوٽڪارو ملي .... آمين
    ________________________________________
    هيٺ ڏنل شهيد آصف جي هڪ يادگار تصوير آهي

    [​IMG]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين بس ڪهڙا ويهي سور سلجن۔۔! اسان جي سنڌ ۾ جيڪو ڌاڙيل ڪلچر آهي، انهيءَ سنڌ کي ڪاٿي جو نه ڇڏيو آهي۔۔۔۔ ڪيترائي جوڌا جوان اهڙن قهرين اسان کان جدا ڪري ڇڏيا۔ ڪيترن مائن جو جهوليون اُجاڙي ڇڏين۔۔ الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو۔۔
    اڄ به منهنجي سنڌ امڙ پنهنجي هانؓءُ ۾ اهي گهاءُ ڏسي روئندي هوندي، جيڪي انهن ڌاڙيلن ۽ قبيلائي ڪلچر وارن فورسن جي هٿان سنڌين کي لڳن ٿا۔۔۔
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    آمين ثم آمين۔۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    آمين ثم آمين ادا sindhsalamatsaathsal
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين ڏک وارو منظر ٻڌائي توهان ته روئاري ڇڏيو الله تعالي مرحوم کي جنت ۾ اعلي مقام عطا فرمائي ۽ اسان جي سنڌ واسين کي سمجهه ڏئي جو هو سنڌ ۾ امن پسند ٿي رهن هن وقت به سنڌ ۾ باهه ٻريل آهي ڪو شريف ماڻهو پاڻ کي محفوظ نه ٿو سمجهي هي سنڌ ڌرتي الله جي ولين جو مسڪن رهي آهي شال الله انهن بزرگن جي طفيل هن کي امان ۾ رکي۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ سلامت جا سهڻا دوستو، منهنجا هٿ به اوهان سان گڏ مٿي آهن ته رب العالمين اسان سنڌين کي سڌي راه ڏيکاري ۽ انهن ڌاڙيلن واري آزار کان جان ڇٽي ... ايترو نقصان ته ڌاريا به نه ٿا ڪن جيترو نقصان اهي اسانجا پنهنجا گهر جا ويري پيا ڪن ... ۽ پياري پاڪستان جون سڀ حڪومتون پڻ اهو پيون چاهن ته اسين هميشه ان آزار هيٺ هجون ته جيئن ڪنهن آزاديءَ واري راهه طرف وڌي نه سگهون ... انڪري ان مسئلي تي حڪومت جي اک ٻوٽ جاري آهي ...

    دوستو هيءَ هڪ ٻي تصوير هٿ آئي آهي، جا پڻ مرحوم آصف سان گڏ ڪي 25 سال اڳ جي نڪتل آهي .

    [​IMG]
    ..
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: لطيف سائينءَ جا لطيف احساسَ

    اسانجي هن اڱڻ تي اسانجو هڪ دوست همانگير سولنگي پنهنجي سگنيچر ۾ هي هيٺيون بيت رکيو آهي

    دوست همانگير جي هن بيت سان مونکي سڀ اهي دوست ياد اچي ويا جيڪي اسانکي اوچتو ئي اوچتو ڇڏي هليا ويا ۔۔۔ ۽ جڏهن پيارن دوستن جي ياد اچي ته اکين مان آب ضرور وهي نڪرندو آهي ۔۔۔ سو ادي همانگير اسانکي ان بيت سان روئاري وڌو آهي ۔۔۔

    شهيد آصف شيخ
    شهيد سرمد سنڌي
    شهيد خالق سومرو
    سعيد چانڊيو
    ۽ ٽوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد دوست ۽ ٻيا به ڪجهه دوست جي ڪڏهن اسانجي ڏينهن ۽ راتين جا ساٿي هئا ۽ اوچتو ئي اوچتي اسانکان پري تمام پري هليا ويا ۔۔۔ خيالن ۽ خوابن کان علاوهه ۔۔۔۔

    رب العالمين انهن دوستن کي جنت الفردوس عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: لطيف سائينءَ جا لطيف احساسَ

    بس سائين توهان اسان کي هر هر روئاري ٿا ڇڏيو۔۔۔ هي موضوع پڙهي پهرين به اکيون اندر جي پاڻيءَ‌سان ڀنيون هيون۔۔ هاڻي به ۔۔
    بلڪل ئي ڪجهه اهڙا ورق منهنجي ڊائري ۾ لکيل آهي، جيڪي بس ونڊڻ چاهيان ٿو پر دل ساٿ نه ٿو ڏئي۔۔۔
    اکين ڪين ڪيو، جو رت نه رنائون۔۔
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: لطيف سائينءَ جا لطيف احساسَ

    سنڌ سلامت جي دوست عاشق سولنگي هڪ ڌاڳو ٺاهيو آهي ۔۔۔
    ڪنهن پياري جي موت جو اثر دل تي ۔۔۔​

    بيشڪ پيارن جي مرڻ جو اثر ته ٿيندو آهي، دوست جي ان ڌاڳي سان مونکي به پنهنجا اهي دوست ياد اچي ويا جن جو مون هي ڌاڳو ٺاهيو هو ۔۔۔

    رب العالمين سڀني جي پيارن کي جي مري ويا آهن، انهن جي بخشش فرمائي ۽ جنت ۾ جايون ڏي ۔۔۔ آمين
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: لطيف سائينءَ جا لطيف احساسَ

    آمين ثم آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو