نثارابڙو
نائب منتظم
لطيف سائينءَ جا لطيف احساسَ
ڊائريءَ جو ورق
1988ع
منهنجو هڪ جگري دوست ”آصف علي شيخ“، لاڙڪاڻي شهر جو انتهائي سهڻو، سلڇڻو ۽ بهادر نوجوان، سندس گهراڻو لاڙڪاڻي جي چند وڏن گهراڻن مان هڪ، شيخن وارو تَڪُ، غيبي ديري ويندي قمبر شهر کان شروع ٿيندو هو ته وڃي چانڊين جي تڪ سان لڳندو هو ... جنهن ۾ سنڌ جي مشهور ”ڊرگهه ڍنڍ“ پڻ اچي ٿي وئي ... هي نوجوان ان ڍنڍ جي مالڪن مان هڪ هو ...
دوستن جو دوست، سندس دين سنڌ ، سندس ايمان سنڌ، انتها جو قومپرست ۽ ان ننڍي عمر ۾ ايترو سڄاڻ دوست جو جڏهن سن ويندو هو ته محترم سائين جي ايم سيد کيس دروازي تائين ڇڏڻ ايندو هو ... دوستيءَ جو ايترو پڪو ۽ جان نثار جو دوست جي تڪليف کائنس ڏٺي نه ٿيندي هئي، قومپرست دوستن جو اجهو ۽ اٽو ... مطلب ته سنڌي نوجوانن ۾ هڪ سهڻو نوجوان ...
آصف هميشه، شاه جو هي بيت جهوگاريندو رهندو هو ...
ڪڪر منجهه ڪپار، جهڙ نيڻنئون نه لهي،
جهـــڙا منهنجا سپريــــــن، تهڙا مينگهه ملهــار،
کڻ اکيون، کل يـــار!، وڃن سور سنڌا ڪـــريو.
ڪجه سال زندگيءَ جا آصف سان اهڙا گذريا جو شايد سڳن ڀائرن سان به نه گذرن، راتين جون راتيون، ڏينهن جا ڏينهن گڏ گذرندا هئا ... خوشي هجي يا غم، راند هجي يا روند، ويڙه هجي يا امن پنهنجو گڏ هجڻ لازم، هلندي هلندي مون ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ آصف به پنهنجي ڳوٺ وڃي پنهنجون زمينون سنڀالڻ شروع ڪيون ...
سندس شادي طع ٿي ته هو ان شاديءَ جي خريداري ڪرڻ ڪراچيءَ آيو، سموري خريداري ڪئي سون، ڪچهريون ٿيون، دعوتون وراهيون سين، ان ڏينهن آصف صبح سوير يونيورسٽيءَ آيو ۽ لاڙڪاڻي هلڻ لاءِ زور ڀريائين پر منهنجا سيمسٽر ٿي هليا سو مون ڪجه ئي ڏينهن ۾ پهچڻ جو واعدو ڪيو. دوست آصف موڪلائي هليو ويو ...
رات ٿي ته آصف جو ننڍو ڀاءُ ”پاشا“ آيو، سندس منهن لٿل هو، اچڻ سان چيائين غازي جلدي ڪر ته گهر هلون جو سڄو گهر لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ تيار آهي جو لاڙڪاڻي ويندي ميهڙ شهر جي ڀرسان آصف کي ڌاڙيلن گوليون هڻي زخمي ڪري وڌو آهي ...
هيٺيون هيٺ، مٿيون مٿي ٿي ويون، چڙهي ويٺس پاشا سان، سندن گهر ڪراچيءَ جي پي اي سي ايڇ ۾ هيو، گهر آياسون ته سڀ ڀاتي پريشان ويٺا هئا، سندن حالت ڏسي سمجهي ويس ته دوست زخمي نه پر شايد ...!!!
دوست جي خاندان جي مڙدن پنهنجي گهر جي عورتن کان لڪايو ٿي انڪري ڪنهن سان ڪا اهڙي ڳالهه نه ٿي ڪيائون ته متان عورتون هاڻي کان ئي نه گهل گهوڙا شروع ڪن ... بهرحال، سڀ ڀاتي ڪٺي ڪندي رات جا ٻه ٽي ٿي ويا ۽ سفر شروع ٿيو .... سپر هاءِ وي تي گاڏيون هليون ته آصف جي وڏي ڀاءُ نور محمد خان روئڻ شروع ڪيو ته، مونکي پڪ ٿي ته دوست شايد جيئرو ناهي پر پوءِ به الائجي ڇو دل نه پئي مڃي ...!!!
وڳڻن کان سڌو رستو قمبر جو وٺي اچي صبح جو سندن وڏي ڳوٺ پهتاسون ته سامهون دوست جو لاش، سڀ ماڻهون روئڻ ۾ شروع ٿي ويا، ماتم شروع ٿي ويو، پر مونکي اڃان الائجي ڇو يقين نه ٿي آيو، ڊڄندي ڊڄندي وڃي لاش جي مٿان بيٺاسون، دوست جي منهن تان پردو هٽيو، منهنجي ذهن ۾ لطيف سڳوري جو بيت جو آصف هميشه جهوگاريندو رهندو سو تري آيو ...

بيت ياد ڇا آيو، دل ساٿ ڇڏي ڏنو، اکين مان آب جاري ٿي ويو ۽ نه چاهيندي به وڏي واڪي روئيندو رهيس ۽ شاه جو اهو بيت جهوگاريندو رهيس ... پر موت حقيقت آهي انجي خبر پئجي وئي ... زندگي ڇا آهي، موت ڇا آهي انجي اهميت جي خبر پئجي وئي ... ٽي ڏينهن پورا روئيندو رهيس ۽ شاه جو بيت جهوگاريندو رهيس ...
رب العالمين دوست آصف کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ سنڌ کي امن عطا ڪري ... پنهنجي گهر جي دشمن ”ڌاڙيل“ کان سنڌين کي ڇوٽڪارو ملي .... آمين
________________________________________
هيٺ ڏنل شهيد آصف جي هڪ يادگار تصوير آهي