• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏسان ٿو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مگسي
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مگسي

سينيئر رڪن
جڏهن به لڇندڙ لاش ڏسان ٿو
آهه ڀري آڪاش ڏسان ٿو
هِت ڏسان جھوپن ۾ انڌيرو
هت محلن منجھه پرڪاش ڏسان ٿو

ڪنهنجا اڻڀا وار ڏسان ٿو
ليلائيندي ڪي ٻار ڏسان ٿو
ڪي جيون جون خوشيون ماڻين
ڪي روئندي زارو قطار ڏسان ٿو.

هيڻا هڏ مزور ڏسان ٿو
تن جا سور ۽ پور ڏسان ٿو
ڄڻ ڪي آهن، زندهه لاشا
چنتائن ۾ چور ڏسان ٿو.

هي نفرت هي پيار ڏسان ٿو
سوجھي هي سنسار ڏسان ٿو
پئسي سان ٿو پيار به ملي
غربت ڄڻ آ گار ڏسان ٿو.

ڪنهنجي چپ تي قول ڏسان ٿو
خوش ڪرڻ جا ٽول ڏسان ٿو
سياست آهي ڏٽو ڄڻ ڪوئي
پنهنجو خالي ڪشڪول ڏسان ٿو.
 
Back
Top