اڄوڪو ڏينهن 18 ڊسمبر تاريخ جي دري مان

'ڊسمبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 ڊسمبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 18 ڊسمبرتي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    18 ڊسمبر 1878ع تي ڪميونسٽ اڳواڻ جوزف اسٽالن جو جنم ڏينھن آهي.
    18 ڊسمبر 1909ع تي ماسٽر چندر پٽ آسن داس ٺارو شاهه ضلعي نوشھرو فيروز ۾ ڄائو. پاڻ سنڌ ۽ هند جو مهان ڪلاڪار ٿي گذريو آهي. ماسٽر چندر جو اصل نالو چانڊومل ڏامواڻي هو.
    18 ڊسمبر 1932ع بدين سان تعلق رکندڙ شاعر شاهنواز شائق جي پيدائش ٿي.
    18 ڊسمبر 1932ع شاعر موهن لال ڪوٽائي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    18 ڊسمبر 1934ع موري سان تعلق رکندڙ ليکڪ قاضي انور احمد پيدا ٿيو.
    18 ڊسمبر 1935ع موسيقار لڪشمڻ گيهي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    18 ڊسمبر 1945ع شاعر ڊاڪٽر سعيد هالائي جو جنم ڏينهن آهي.
    18 ڊسمبر 1946ع شاعر رتن دلبر(لاڙڪاڻو/ بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    18 ڊسمبر 1957ع شاعر نذير ناشاد جو جنم ڏينهن آهي.
    18 ڊسمبر 1957ع قومپرست سياستدان هاشم کوسي جو جنم ڏينهن آهي.
    18 ڊسمبر 1971ع شاعر آغا جان آغا جو جنم ڏينهن آهي.​
    18 ڊسمبر 1973ع تي شاعر پريتم قاضي اصل نالو سڪندر آفتاب قاضي، خضر حيات جي گهر تعلقي رتيديري جي شھر نئين ديري ۾ پيدا ٿيو.

    وڇوڙو:

    18 ڊسمبر 1961ع مذهبي اسڪالر ۽ آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ مولانا محمد هاشم کٽي جي وفات ٿي.
    18 ڊسمبر 1967ع موسيقار رشيد عطري جو انتقال ٿيو.
    18 ڊسمبر 1973ع مذهبي اسڪالر علامه رشيد ترابي جي وفات ٿي.
    18 ڊسمبر 1977ع تي مولوي محمد حسن پهوڙ راهه رباني وٺي وڃي ابدي آرامي ٿيو. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ عبدالواحد پهوڙ لڳ منگلان چاڙهي جي مقام ۾ آهي.
    18 ڊسمبر 2006ع اردو جي نامياري ليکڪ ۽ ناول نگار شوڪت صديقي جو انتقال ٿيو.
    18 ڊسمبر 2007ع ناليواري سياستدان، اديب ۽ ڪهاڻيڪار ڪامريڊ قاسم پٿر جي وفات ٿي.
    18 ڊسمبر 2011ع تي چترڪار حفيظ الله کوهارو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.


    اڄوڪي ڏينهن 18 ڊسمبر جا ڪجهه اهم واقعا


    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏17 ڊسمبر 2014
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو