غريب هاري ۽ گوگڙو

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ شيرين طرفان آندل موضوعَ ‏19 ڊسمبر 2012۔

  1. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,569
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    غريب هاري ۽ گوگڙو
    هڪڙو هو غريب مسڪين هاري ٿوري ٻني پنهنجي هئس، جنهن ۾ ڀاڄيون پوکيندو هو ۽ سڄو ڏينهن ٻنيءَ ۾ پيو ڪم ڪار ڪندو هو. ڪڏهن هر ڪاهي ته ڪڏهن ڀاڄين ۾ گاهه ڪڍي يا ٻوٽن کي گُڏ ڏئي. مطلب ته ڏاڍو اورچ ۽ محنتي هو. ڀاڄيون مارڪيٽ ۾ وڪڻي پيو گذر ڪندو هو.
    هڪ دفعي ڪنهن ٻاري ۾ هن گوگڙو پوکيا. الله جي قدرت جو ان ٻاري ۾ هڪڙو گوگڙو ايترو وڏو ٿيو، جو هاريءَ اڳ ۾ هن جيڏو گوگڙو ڏٺو ئي ڪونهه هو. دل ۾ سوچيائين هي ڀلو گوگڙو ملڪ جي بادشاهه کي سوکڙيءَ طور ڏئي اچي.
    اهو سوچي گوگڙو کڻي وڃي وقت جي بادشاهه جي دربار ۾ پهتو. سندس اڳيان گوگڙو تحفي طور پيش ڪيائين. بادشاهه هاري جي محنت، محبت ۽ خلوص ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ انعام طور هاريءَ کي به ٽي هزار روپيا کڻي ڏنائين.
    اها خبر ڀر پاسي جي ٻين هارين کي به پئي، جن مان هڪڙو هاري ڏاڍو حريص، لالچي ۽ حاسد هوندو هو، تنهن دل ۾ سوچيو ته اهڙي سخي بادشاهه وٽ ڇو نه آءٌ به ڪو تحفو کڻي وڃي پهچان ۽ وڏو انعام ڪمايان.
    اهو سوچي هڪ ٿلهو متارو ۽ سهڻو گهيٽو ڪاهي وڃي بادشاهه وٽ پهتو ۽ بادشاهه کي چيائين ته؛ بادشاهه سلامت! هي گهيٽو اوهان لاءِ سوکڙي آندو اٿم. بادشاهه کي منٿون ڪرڻ لڳو ته ڀلائي ڪري، منهنجو آندو هديو قبول ڪريو.
    بادشاهه مجبور ٿي گهيٽو قبوليو ۽ حريص هاريءَ کي چيائين ته توکي موٽ ۾ اهڙي شيءِ ڏيان ٿو، جيڪا مون هن جي قيمت کان ٻيڻا پئسا ڏئي ورتي آهي. لالچي هاري ڏاڍو سرهو ٿيو ته اجهو ٿو هزارين روپيا انعام ملي، پر بادشاهه ڇا ڪيو جو هن پهرينءَ هاريءَ وارو آندل گوگڙو کڻي هن هاريءَ کي ڏنائين. اهو ڏسي حريص هاريءَ جي منهن جو پنو ئي لهي ويو. پوءِ ته بنا ڪنهن نفعي جي پريشان ۽ پشيمان ٿي موٽيو ۽ ڳوٺ ۾ مشهور ٿيو ته لالچي هاري گهيٽو ڏئي گوگڙو وٺي آيو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو