(ٿوري غفلت)هڪڙا هئا ٻه ڪاريگر، اهي گڏجي ڪاٺ جي طاقن مان هڪڙي ٻيڙي ٺاهي رهيا هئا. ڪم ڪندي هڪ طاق کي ڏٺائون ته ان ۾ ننڍڙو سوراخ آهي. جنهن ۾ هڪڙو ننڍڙو جيت ويٺو آهي. اهو ڏسي هڪڙي ڪاريگر چيو؛ هيءُ طاق ٻيڙيءَ ۾ نه لڳائجي، متان اڳتي هلي ان طاق سبب ڪو نقصان ٿئي. پر ٻئي ڪاريگر چيو؛ هن ننڍڙي جيت سان ڪهڙو فرق پوندو؟ ان کي اڇلائبو ته ڪجهه روپين جو اجايو نقصان ٿيندو. مطلب ته هن ٻئي ڪاريگر جي چوڻ تي جيت جي سوراخ وارو طاق ٻيڙيءَ ۾ هڻي ڇڏيو. ٻيڙي ٺهي تيار ٿي ته درياءَ ۾ هلڻ لڳي. سال کن گذرڻ بعد ان جيت طاق ۾ هڪ ٻيو جيت به ڄڻيو. پوءِ ته آهستي آهستي جيت وڌندا ويا. تان ته ان طاق کي اندران ئي اندران کائي کوکلو ڪري ڇڏيائون. هڪ ڏينهن ٻيڙي وچ درياءَ ڻ هلي رهي هئي ته ان کاڌل طاق ۾ اوچتو سوراخ ٿي پيو ۽ پاڻي ٻيڙيءَ ۾ ڪاهي پيو. پوءِ ته ٻيڙي ٻڏي وئي ۽ ان ۾ چڙهيل ڪيترا ماڻهو به ٻڏي ويا. ظاهر آهي ته ٻيڙي ٺاهيندڙ ڪاريگر پهرين ڏينهن غفلت ڪري جيت وارو طاق ٻيڙيءَ ۾ نه هڻن ها، بي پرواهي نه ڪن ها ته هيڏو وڏو حادثو نه ٿئي ها.
ادڙي شيرين اسلام عليڪم۔ واقعي ٿورڙي غفلت جي ڪري اڳتي هلي ڪيڏو نقصان ٿيو۔ توهان جي ليک ۾ مرڪزي نصحيت تمام گهڻي ڪم واري آهي۔ اسان کي هر عمل ڪرڻ وقت شروع ۾ اهو ڏسڻ گهرجي ته اسان جي غفلت جي ڪري ڪا ڪوتهائي چاهي پوء اها معمولي هجي ته نه رهجي ويندو۔ تمام سٺو ليک۔ ان فڪر کي ضرور جاري رکندا پر پهريائين تعليم جي طرف توجهه۔