سنڌ سلامت ساٿ سلامت www.sindhsalamat.com انٽرنيٽ تي سنڌين جي سهڻي اوطاق جي سڀني انتظامي ساٿين سميت سڀني سڄڻ ۽ سنڌ دوستن کي سنڌ جي ثقافتي ڏينهن تي واڌيون پيش ڪريانٿو ۽ اميد ڪريانٿو ته سنڌ سلامت سميت فييسبڪ ۽ ٻين انٽرنيٽ جي اوطاقن تي سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار جاري رکندا ۽ سنڌ جو مان رکي پاڻ ملهائيندا رهندا سنڌ سلامت جا ثقافتي رنگ ساراهه جوڳا آهن ...
ادا نثار ابڙو اسلام عليڪم! سائين منهنجا هر دفعي وانگر هڪ دفعو وري توهان گوء کڻي سنڌ ثقافت واري اهم ڏينهن جي باري ۾ وڌايون ڏنيون۔ سائين منهنجا اسان به ان ڏينهن جون توهان کي تمام گهڻيون مبارڪون ڏيون ٿا۔ الله پاڪ جي در تي دعا آهي ته سٻاجهڙا سنڌي، ٻولي ، ٽوپي ،اجرڪ ؤ اسان جو ڪلچر هميشه قائم دائم رهي۔ دشمنن جي ناپاڪ نظر کان حفاظت ۾ هجي۔ اسان جي قوم ۾ ٻڌي ٿئي وڃي ۽ اسان هڪ ٻئي جي ڪم اچڻ وارا ٿئي وڃون ۔الله سائين سنڌ ۽ پاڪستان ٻنهي کي هميشه سلامت رکي۔الله پاڪ ملڪ ۾ آمن آمان قائم ڪري۔ آمين ۔ توهانجون وڏيون مهربانيون۔
سائين منهنجو هڪ عرض آهي ته اهيو پوشاڪ سنڌ سلامت فورم تي هميشه هجي ته تمام سٺو لکندو فورم؟ پو توهان جي ڇا صلاح آهي؟
قومن جي سڃاڻ انهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافتي قدرن مان معلوم ٿيندي آهي. اهي قومون دنيا جي نقشي تي سدائين آباد رهنديون آهن جيڪي پنهنجي ثقافتي قدرن کي زندهه رکن ٿيون. سنڌ کي صدين کان پنهنجي ثقافتي قدرن ۽ ثقافتي لباس سبب هڪ الڳ ئي سڃاڻ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه وقت کان سنڌ جي قومي ٻولي ۽ قومي لباس سان گڏ ثقافت کي اها موٽ ڪانه ملي سگهي. جس هجي سنڌ جي ميڊيا ۽ باشعور سنڌي ماڻهن کي جن ثقافتي ڏڻ جي شروعات ڪري پنهنجي ڌرتي ماء جي سڃاڻ ۽ سندس ثقافت کي ٻيهر هڪ نئين جوش ۽ ولولي سان جيئاريو آهي. سنڌ سلامت ساٿ سلامت 1406 اٽيچمينٽ ڏسو
ٺيڪ آهي ته سنڌ سلامت جي هن پوشاڪ تيار ڪرڻ ۾ منهنجو ڪردار آهي پر سڀ کان اهم ڪم هميشه وانگر محترم عمران درويش سومرو جو ئي آهي۔۔ جن موڪليل اميجز کي سمجهايل طريقي ڪار مطابق تيار ڪري سنڌين جي هن ثقافتي عيد جي خوشين ۾ سنڌ سلامت کي پڻ شامل رکيو۔۔۔ سندن مهرباني۔۔ اميد ته دوست هميشه وانگر هن ثقافتي ڏڻ کي بجاء ناچ گانن ۽ جهمرين ۾ وڃائڻ جي هن دفعي دنيا آڏو اهڙي طرح ملهائين جو ڏسندڙن کي سنڌ جي قديم ثقافت دنيا جي جديد ثقافت کي لڄائيندي نظر اچي۔۔
ماشاالله جنهن فورم جو نالو ئي سنڌ سلامت هُجي ان فورم کي سنڌ جي سهڻن رنگن سان اسان نه سجائينداسين ته ڀلا ٻيو ڪير سجائيندو، سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ هر موڙ تي سنڌيت جي پرچار، سنڌي ٻوليءَ جي خدمت، سنڌ جي سُهڻي ثقافت کي ساري دنيا ۾ خوشبوءَ جيان ڦهلايو آهي، سنڌي ثقافت جو ڏيهاڙو، هُجي، سنڌي ٻولي کي هٿي ڏيارڻ جو مسئلو هُجي يا ڪو سنڌي ادبي رنگ هُجي سنڌ سلامت جا جاکوڙي ساٿي سائين عبدالرشيد سمون، سائين نثاراحمد ابڙو ، پيارو ڀاءُ محمد سليمان وساڻ ادا علي علي، محترم طاهر سنڌي، اسان جو پيارو دوست اسد مست، سائين غلام مصطفى ميمڻ، محترم سائين رحيم بخش ڏاهري آف مورو سنڌ جي وارو دوست سائين فقير ڦلپوٽو الغرض ڪهڙن جاکوڙي دوستن جا نالا کڻي ڪهڙا کڻان هر وقت سنڌي ٻولي جي خدمت لان پاڻ پتوڙيندا نظر ايندا، هن ثقافتي ڏيهاڙي جي موقعي تي دنيا جي سڀني سنڌين سميت سنڌ سلامت جي سڀني جاکوڙي محبتي عهديدارن سميت سڀني ميمبرن کي جهوني نثارناز پاران ثقافتي ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون۔ شل مهڪندار رهو مسڪرائيندو رهو خوشين جا جهول ڀريندا رهو آمين
سنڌ سلامت جي سڀني ميمبرن ساڻ اهي جيڪي انٽرنيٽ جي مختلف سوشل فورمس تي آهن ۽ اهي سٻجهڙاسنڌي جن جي پهنچ ۾ انٽرنيٽ جي دنيا نه آهي انهن سڀن کي سنڌي ثقافتي عيد مبارڪ هجي.
ادا نثار ناز اسلام عليڪم، توهان پنهنجي نفيس طبيعت سان هميشه گلن وانگر هر طرف پياري خوشبوء پکڙيندا رهو ۔ توهانجون مهر بانيون جو اسان جي ڪوششون هن اڳڻ کي ترقي ڏيارڻ ۾ ، کي ساراهيو پيا۔ سائين منهنجا اها بلڪل به تمام وڏي زيادتي هوندي جيڪڏهن اسان اوهانجي اڻٿڪ محنتون جيڪي هن اڳڻ کي سنوارئڻ ۾ شامل آهن کي نه ساراهيون۔ توهان پنهنجي ڏاهپ وارن ليکن، شاعري، تاريخي سنڌي ماڳن جي باري ۾ نه رڳو تصويرن پر پنهنجي موثر انداز واري رپورٽنگ سان ليکل ليکن سان ايتري ته بهترين ڄاڻ ونڊ ڪئي آهي جنهن جي باري ۾ ڪجه لکڻ ڄڻ تي چنڊ کي ڏيئي جي روشني ڏيکارڻ جي مترادف ٿيندو۔توهان به پنهنجون ڪوششون سنڌي ٻولي ۽ سنڌي پريت ڀريل سٻاجهن ماڻهون جي ترقي لاء دل سان ڪيو پيا، جيڪي اوهان جي ليکن مان ظاهر ٿينديون آهن۔ پر هاڻي الائي ڇو اوهان جي ليکن جو تعداد تمام گهڻو گهٽجي ويو آهي۔ ڪافي وقت کان اسان توهان جو ڪو ڏاهپ وارو ليک، ياشاعري کي هن اڳڻ جي زينت ٿيندي نه ڏٺي آهي۔ اسان جي اوهان لاء اها دعا آهي ته جتي به رهو هميشه الله پاڪ جي حفاظت ۾ رهو آمين۔ توهانجون مهربانيون۔
محترم ڀا غلام مصطفى ميمڻ سنڌ سلامت سان سر جا سودا آهن ، ۽ توهان سنڌي ڀائر ته مُنهنجي دل ۾ ويٺا آهيو، مٺا ڀاءُ مصطفى آئون ڪجهه به ناهيان ڪا شيءَ ناهيان سنڌ سلامت کي سجائڻ ۽ سنڌ سلامت کي مهڪائڻ ، سنڌ سلامت لاءِ راتيون ڏينهن هڪ ڪرڻ صرف توهان جهڙن جاکوڙي ۽ سنڌ سان پيار رکڻ واري دودن ۽ سپوت پُٽن جو ڪم آهي، مان کوٽو سڪو، هن وقت جي بازار ۾ نه هيڏانهن جو آهيان نه هوڏانهن جو آهيان توهان پيارن ۽ مٺڙن دوستن جي ڪري صرف تڳان پيو۔ باقي رهي منهنجي شاعري ضرور توهان ڀائرن سان ونڊ ڪندس، مون ٽي درجي واري شاعر وٽ انهن چند ڀڳل ٽُٽل لفظن (جنهن کي توهان شاعريءَ) جو نانءُ ڏيوکان علاوه ڪجهه به ڪينهي، الله سائين توهان سڀني دوستن کي سلامت رکي سدائين مهڪندا مُسڪرائيندا رهو آمين۔