(اُٺ ۽ گڏهه جي ڳالهه)هڪڙي اٺ ۽ هڪڙي گڏهه پاڻ ۾ ياراني رکي. پوءِ ٻئي گڏجي، ڳوٺ کان ٻاهر پرائيءَ پوک ۾ چرڻ ويا. چرندي چرندي جڏهن گڏهه جو پيٽ ڀرجي ويو ۽ ڍوء ٿي ويس، تڏهن اٺ کي چيائين ته يار! آءٌ هاڻي راڳ ڳائيندس. اٺ چيس ته ڀلائي ڪيري ائين نه ڪجانءِ. متان ڪو تنهنجو هينگون ٻڌي وٺي ۽ پاڻ پڪڙجي پئون. پر گڏهه هو ضدي، تنهن چيو ته آءٌ ضرور ڳائيندس. ڳائڻ کان سواءِ سُک ئي نه ايندم.. ائين چئي، نڙي ڦاڙي، وڏي آواز سان هينگڻ لڳو. اتفاق سان اتان هڪڙو قافلو لنگهي رهيو هو، سو جڏهن ماڻهن گڏهه جي هينگڻ جو آواز ٻڌو ته اُٺَ ۽ گڏهه کي پڪڙي وام ڏئي، سَٽي ڪُٽي پا۾ سان ڪاهي وڃڻ لڳا. ان مهل به گڏهه گوهي ڪئي، ضد ڪري بيهي رهيو. اصل نه پيو هلي. اهو حال ڏسي قافلي وارن گڏهه کي اُٺَ جي پٺيءَ تي کنيو. پنڌ ڪندي قافلو هڪ پُل تان لنگهڻ لڳو. اُتي اُٺ گڏهه کي چيو؛ دوست! تنهنجي راڳ منهنجي دل تي ڏاڍو اثر ڪيو آهي. سو هاڻي آئون ناچ ڪندس. اهو ٻڌي گڏهه چيس؛ اڙي يار اُٺَ! اِئين نه ڪجانءِ! آءٌ ڪري پوندس ته هڏ گڏ ڀڄي پوندم. اُٺَ چيو ته آءٌ ضرور نچندس. نه نچان ته مزو ئي نه اچي. ائين چئي، اُٺ ٻٽي ڪُڏَ ڏنا ۽ گڏهه اچي پٽ تي ڦهڪو ڪيو. ڪرندي ڪنڌ ڀڄي پيس ۽ مري ويو. تڏهن چوندا آهن ته جهڙي ڪرِڻي تهڙي ڀرڻي، جهڙي نيت تهڙي مراد.