غزل قدم قدم تـي هجـوم رنـدون، نــــظــر نـــظــر ۾ شـــراب خانا ڪــري ويـــــو ڪيـــر بــارشِ مَيءَ، خــــمـار آلود ٿيــــا زمـــانا شعورِ هـــــستي جتـــي ڪٿي آ، شعارِ هستي ڪٿي ڪٿي آ پيئـــو پيـاريـــو،جــيــئــو جيئــاريو، مگــر بــه اــدازِ عـارفـانـا اسان جو چاهيو روح تنهنجو.چپن مان چُوسي وٺون ساقـي گهڙي نه گذري خلاف پنهنجي ٿيا سمورا جاني شراب خانا ڪڏهن مؤج مَيءِ مان اُڀري خودي وري غرقِ جام ٿي وئي ڪنـدو رهــيـــو ســـاحــلِ تمـــنــا ســـويــن اشـارا، سويــن بهانا مثالِ سيلاب وقت گذري، لَٽـي ڇـڏيـو قصـرِ عــاشــقـيءَ کــي ڪٿي جبينون جهڪيون اَلائي، ڪٿـي هيــو سنــگِ آستــانــا اڙي! اڙي! ترس ڪنهن کــي مٽائين ٿو بي خبر،نــظـر ڪـر ’ايــاز‘ آ شــــاعــرِ مــحــبــت، اڙي زمــــانــا، اڙي زمــانا شاعر: شيخ اياز
’ايــاز‘ آ شــــاعــرِ مــحــبــت، اڙي زمــــانــا، اڙي زمــانا لاجواب ۔۔۔ واقعي اياز شاعر محبت آهي۔ هڪ هنڌ اياز چوي ٿو: پيار کان ڪونه ٿو مڙين اڄ به ايترو اي اياز لوڙيو ٿئي