غزل: چپن مان روح: شيخ اياز

'شيخ اياز' فورم ۾ ننگر پرويز عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏20 ڊسمبر 2012۔

  1. ننگر پرويز عباسي

    ننگر پرويز عباسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 مئي 2012
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    99
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ٺٽو
    غزل
    قدم قدم تـي هجـوم رنـدون، نــــظــر نـــظــر ۾ شـــراب خانا
    ڪــري ويـــــو ڪيـــر بــارشِ مَيءَ، خــــمـار آلود ٿيــــا زمـــانا

    شعورِ هـــــستي جتـــي ڪٿي آ، شعارِ هستي ڪٿي ڪٿي آ
    پيئـــو پيـاريـــو،جــيــئــو جيئــاريو، مگــر بــه اــدازِ عـارفـانـا

    اسان جو چاهيو روح تنهنجو.چپن مان چُوسي وٺون ساقـي
    گهڙي نه گذري خلاف پنهنجي ٿيا سمورا جاني شراب خانا

    ڪڏهن مؤج مَيءِ مان اُڀري خودي وري غرقِ جام ٿي وئي
    ڪنـدو رهــيـــو ســـاحــلِ تمـــنــا ســـويــن اشـارا، سويــن بهانا

    مثالِ سيلاب وقت گذري، لَٽـي ڇـڏيـو قصـرِ عــاشــقـيءَ کــي
    ڪٿي جبينون جهڪيون اَلائي، ڪٿـي هيــو سنــگِ آستــانــا

    اڙي! اڙي! ترس ڪنهن کــي مٽائين ٿو بي خبر،نــظـر ڪـر
    ’ايــاز‘ آ شــــاعــرِ مــحــبــت، اڙي زمــــانــا، اڙي زمــانا
    شاعر: شيخ اياز
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ’ايــاز‘ آ شــــاعــرِ مــحــبــت، اڙي زمــــانــا، اڙي زمــانا

    لاجواب ۔۔۔ واقعي اياز شاعر محبت آهي۔ هڪ هنڌ اياز چوي ٿو:

    پيار کان ڪونه ٿو مڙين اڄ به
    ايترو اي اياز لوڙيو ٿئي


     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو