پيار ڇا آهي...؟

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پيار ڇا آهي۔۔۔؟

    [​IMG]
    پيار اهو آ ۔۔۔ جڏهن امڙ منهنجو مٿو چميو۔۔
    پيار اهو آ۔۔۔ جڏهن بابا تيسين جاڳندا رهيا جيسين مان رات دير سان گهر پهتس۔۔۔
    پيار اهو آ ۔۔ جڏهن ڀيڻ منهنجو ڪم ڪندي چيو۔۔ ”جڏهن منهنجي شادي ٿي ويندي۔۔ ته تنهنجو ڪم ڪير ڪندو۔۔۔“
    پيار اهو آ ۔۔ جڏهن وڏي ڀاء چيو ته ”توکي پسند آ۔۔ چڱو تون کڻ۔۔۔ مان ٻيو خريد ڪري وٺندس۔۔“
    پيار اهو آ ۔۔ جڏهن ننڍي ڀاء چيو ته ”ڏس هي ڀلو آ نه۔۔۔ هڪ تنهنجو ۔۔۔ هڪ منهنجو۔۔۔“
    پيار اهو آ۔۔۔ جڏهن دوست چيو ته۔۔ ”ٽينشن ڇو ٿو وٺين يار۔۔ مان آهيان نه۔۔۔“

    الائي ڇو پوء به اسان هميشه پيار جو بس هڪ الڳ ۽ مختلف مطلب رکندا ۽ سمجهندا آهيون۔۔۔
     
    18 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ”ٽينشن ڇو ٿو وٺين يار۔۔ مان آهيان نه۔۔۔“

    ها ابا آهن ته گهڻا پر بقول لطيف جي

    ڪم پوي ته ڪل پوي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    خوبصورت سمجهاڻي ۔ پيار جي حقيقي روح کي اجاڳر ڪيو ويو آهي ۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ````````````````````
    دوست! تنهنجي لکڻي م درد ۽ ڪرب آهي مان پڙهندي روئڻهارڪو ٿي ويس۔مون کي منهنجا سيڻ ياد اچي ويا
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين مطلب اهو ٿيو ته ٽينشن ڇو ٿو وٺين يار ۔۔مان ڪا گهٽ ٽينشن آهيان تنهنجي لا۔ ههههههها
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    `````````````
    ”ٽينشن ڇو ٿو وٺين يار۔۔ مان آهيان نه۔۔۔“
    جيتوڻيڪ هي مڪالمو دلجا ۽ آٿت ڏيڻ بابت آهي ۽ آٿت توڙي ڏڍ انهن وٽان ئي ملي ٿو، جيڪي پيار ڪن ٿا يا جيڪي وڌ کان وڌ محبت جو مينهن وسائن ٿا۔
    هي جملو پنهنجي جوهر ۾ معنى رکي ٿو، سماجي عڪس عيان ڪري ٿو،اڄ جي سنڌ ۾ سماجي جوڙجڪ يا ان جي تاڃي پيٽي کي ڏسبو يا موجوده حالتن جي نوعيت ۾ سند الٽراسائونڊ ڪبو ته اتي هي مڪالمو
    ”ٽينشن ڇو ٿو وٺين يار۔۔ مان آهيان نه۔۔۔“
    آرنڀ ٿيو ايندو۔ڇاڪاڻ ته هي جملو اسان جي زندگي جي فلسفي ۽ منطق کي واضح ڪري ٻڌائي ٿو ته ڏک، تڪليف، پيڙا، ڪرب، الم ۽ هجر جي موسم بارهوئي هجي ٿي ۽ ٻارهوئي ان ۾ ورتل جي واهر لا سندس ويجها دوست، سنگتي، ساٿي ۽ عزيز اڏو اچن ٿا۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا ذيشان رشيد اسلام عليڪم، پيارجي اصلي مطلب سمجهندي اوهان جيڪي مثال ڏنا آهن ، جيڪڏهن اسان کي حقيقت ۾ پنهنجي پيارن کان ان قسم جي پيار جو رسپانس ملي ته سچ مچ زندگي پياري ٿئي وڃي۔پيار اندر ۾ اڀريندڙ هڪ تمام پرلطف ڪفيت ؤ احساست جو نالو آهي، جيڪو سڄي انساني جسم کي جهومائي ڇڏيندو آهي ۽ انسان هڪ ايڏي ته خوش نما خواب واري ڪيفيت ۾ رهندو آهي جو ان خوب واري ماحول مان هڪ لمحي لاء به نڪرڻ نه چاهيندوآهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    اهو ئي سچو پيار آهي ، پنهنجائپ آهي ، محبت آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو