پيار ڇا آهي۔۔۔؟

پيار اهو آ ۔۔۔ جڏهن امڙ منهنجو مٿو چميو۔۔پيار اهو آ۔۔۔ جڏهن بابا تيسين جاڳندا رهيا جيسين مان رات دير سان گهر پهتس۔۔۔
پيار اهو آ ۔۔ جڏهن ڀيڻ منهنجو ڪم ڪندي چيو۔۔ ”جڏهن منهنجي شادي ٿي ويندي۔۔ ته تنهنجو ڪم ڪير ڪندو۔۔۔“
پيار اهو آ ۔۔ جڏهن وڏي ڀاء چيو ته ”توکي پسند آ۔۔ چڱو تون کڻ۔۔۔ مان ٻيو خريد ڪري وٺندس۔۔“
پيار اهو آ ۔۔ جڏهن ننڍي ڀاء چيو ته ”ڏس هي ڀلو آ نه۔۔۔ هڪ تنهنجو ۔۔۔ هڪ منهنجو۔۔۔“
پيار اهو آ۔۔۔ جڏهن دوست چيو ته۔۔ ”ٽينشن ڇو ٿو وٺين يار۔۔ مان آهيان نه۔۔۔“
الائي ڇو پوء به اسان هميشه پيار جو بس هڪ الڳ ۽ مختلف مطلب رکندا ۽ سمجهندا آهيون۔۔۔