علم، دولت ۽ عزت ٽئي دوست هئا ۔۔۔۔ ٽنهي ۾ پيار به گهڻو هو۔۔۔ هڪ وقت اهڙو آيو جو ٽنهي کي جدا ٿيڻو پئجي ويو ۔۔۔ ٽنهي هڪ ٻئي کان سوال ڪيو ته هاڻي وري ڪاٿي ملبو۔۔۔۔؟ علم چيو ته ۔۔”مان مسجدن، مدرسن ۽ تعليمي درسگاهن ۾ ملندس۔۔۔۔“ دولت چيو ته۔۔۔ ” مان اميرن ۽ محلن ۾ ملندس۔۔۔۔“ پر۔۔۔۔۔ عزت خاموش رهي۔۔۔ ٻنهي سندس کان خاموش رهڻ جي وضاهت پڇي۔۔۔۔ جنهن تي عزت ٿڌو ساه کڻندي چيو ته۔۔ ”مان هڪ دفعو هلي ويم ته وري واپس نه ايندم۔۔۔۔“
دوست رشيد؛ حق موجود سئو فيصد صحيح آهي ته عزت وئي ته سڀ ويو ... جيئن انگريزيءَ جي هڪ چوڻي آهي ته دولت جو نقصان ڪو نقصان ناهي، صحت جو نقصان ڪجه نقصان آهي پر ڪردار جو نقصان معني هر شئي جو نقصان آهي ... سائين رشيد، اوهانجي ڏنل ان بيمثال ڪهاڻيءَ منهنجي اندر ۾ هيٺيون خيال اڀاريو آهي، ڇونه اوهان سان ونڊ ڪجي؛ ڏنل ڪهاڻيءَ ۾ ٽي دوست جڏهن وڇڙي رهيا آهن ته علم پنهنجي وري ملڻ جي جاءِ ٻڌائي مدرسه ۽ تعليمي ادارا، دولت پنهنجي ملڻ جي جاءِ ٻڌائي اميرن جا محل ته پوءِ عزت پنهنجي ملڻ جي جاءِ ڇونه ٻڌائي، جڏهن ته سندس ملڻ جي جاءِ آهي مومن ۽ ايمان وارا ماڻهون .... ٻي ڳالهه ته قرآن شريف بلڪل ڪريل ۽ نقصان ۾ ويل ماڻهن کي هدايت ڪندي ڪيترين ئي جاين تي چيو آهي ته اوهان لئه توبهه جا دروازا کليل آهن ... توبه ڪيو، نيڪ عمل ڪريو، صبر ۽ حق کان ڪم وٺو ته اوهين ٻيهر معاشري ۽ الله جي نظر ۾ مٿي ٿي ويندا ۽ ڪريل مقام کان مٿاهينءَ طرف سفر شروع ٿيندو ... اسان سڀني انسانن آڏو ذلت ۽ عزت جا رستا کليل آهن ... بس پاڻکي بدلائڻ جي دير آهي، باقي رنگيءَ جا رنگ نرالا آهن ... ڪيترائي بڇڙا ۽ بدڪردار ماڻهون هن دنيا ۾ هئا پر پوءِ جڏهن انهن پاڻ بدلايو ته ولي الله جي درجي تي وڃي پهتا ... ممڪن آهي دوست، ان تي وڌيڪ ٽيڪا ٽپڻي ڪن ۽ ڪي وڌيڪ خيال سامهون اچن ... sindhsalamatsaathsal