ٽن دوستن جي مختصر ڪهاڻي۔۔۔۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏9 نومبر 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    علم، دولت ۽ عزت ٽئي دوست هئا ۔۔۔۔ ٽنهي ۾ پيار به گهڻو هو۔۔۔
    هڪ وقت اهڙو آيو جو ٽنهي کي جدا ٿيڻو پئجي ويو ۔۔۔ ٽنهي هڪ ٻئي کان سوال ڪيو ته هاڻي وري ڪاٿي ملبو۔۔۔۔؟
    علم چيو ته ۔۔”مان مسجدن، مدرسن ۽ تعليمي درسگاهن ۾ ملندس۔۔۔۔“
    دولت چيو ته۔۔۔ ” مان اميرن ۽ محلن ۾ ملندس۔۔۔۔“
    پر۔۔۔۔۔ عزت خاموش رهي۔۔۔ ٻنهي سندس کان خاموش رهڻ جي وضاهت پڇي۔۔۔۔
    جنهن تي عزت ٿڌو ساه کڻندي چيو ته۔۔ ”مان هڪ دفعو هلي ويم ته وري واپس نه ايندم۔۔۔۔“
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوست رشيد؛
    حق موجود
    سئو فيصد صحيح آهي ته عزت وئي ته سڀ ويو ... جيئن انگريزيءَ جي هڪ چوڻي آهي ته دولت جو نقصان ڪو نقصان ناهي، صحت جو نقصان ڪجه نقصان آهي پر ڪردار جو نقصان معني هر شئي جو نقصان آهي ...
    سائين رشيد، اوهانجي ڏنل ان بيمثال ڪهاڻيءَ منهنجي اندر ۾ هيٺيون خيال اڀاريو آهي، ڇونه اوهان سان ونڊ ڪجي؛
    ڏنل ڪهاڻيءَ ۾ ٽي دوست جڏهن وڇڙي رهيا آهن ته علم پنهنجي وري ملڻ جي جاءِ ٻڌائي مدرسه ۽ تعليمي ادارا، دولت پنهنجي ملڻ جي جاءِ ٻڌائي اميرن جا محل ته پوءِ عزت پنهنجي ملڻ جي جاءِ ڇونه ٻڌائي، جڏهن ته سندس ملڻ جي جاءِ آهي مومن ۽ ايمان وارا ماڻهون ....
    ٻي ڳالهه ته قرآن شريف بلڪل ڪريل ۽ نقصان ۾ ويل ماڻهن کي هدايت ڪندي ڪيترين ئي جاين تي چيو آهي ته اوهان لئه توبهه جا دروازا کليل آهن ... توبه ڪيو، نيڪ عمل ڪريو، صبر ۽ حق کان ڪم وٺو ته اوهين ٻيهر معاشري ۽ الله جي نظر ۾ مٿي ٿي ويندا ۽ ڪريل مقام کان مٿاهينءَ طرف سفر شروع ٿيندو ...
    اسان سڀني انسانن آڏو ذلت ۽ عزت جا رستا کليل آهن ... بس پاڻکي بدلائڻ جي دير آهي، باقي رنگيءَ جا رنگ نرالا آهن ... ڪيترائي بڇڙا ۽ بدڪردار ماڻهون هن دنيا ۾ هئا پر پوءِ جڏهن انهن پاڻ بدلايو ته ولي الله جي درجي تي وڃي پهتا ...
    ممڪن آهي دوست، ان تي وڌيڪ ٽيڪا ٽپڻي ڪن ۽ ڪي وڌيڪ خيال سامهون اچن ...

    sindhsalamatsaathsal
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    تمام بهترين ونڊ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو