اڄوڪو ڏينهن 21 ڊسمبر تاريخ جي دري مان

'ڊسمبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 21 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ معروف شخصيتون​

    جنم ڏينهن:

    21 ڊسمبر 1925ع خيرپور سان تعلق رکندڙ وڪيل ۽ سماجي ورڪر الاهي بخش ڪيهر جو جنم ڏينهن آهي.
    21 ڊسمبر 1932ع ليکڪ ڪمال الدين سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
    21 ڊسمبر 1933ع شاعر ۽ سياستدان ڊاڪٽر نذير جروار جو جنم ڏينهن آهي.
    21 ڊسمبر 1934ع ليکڪ ۽ اداڪار مدن جماڻي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    21 ڊسمبر 1940ع تي مشھور شاعر ۽ اديب ڪرم ٽالپر اصل نالو قادر بخش ولد عنايت علي ٽالپر ڳوٺ ٽالپر وڏا ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
    21 ڊسمبر 1948ع شاعر سيد عالم شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
    21 ڊسمبر 1948ع شاعر اختر لڪياري جو جنم ڏينهن آهي.
    21 ڊسمبر 1959ع شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ جو جنم ڏينهن آهي.
    21 ڊسمبر 1960ع صحافت ۽ سياست سان واڳيل شيري رحمان جو جنم ڏينهن آهي.
    21 ڊسمبر 1963ع باليووڊ اداڪار گووندا جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    21 ڊسمبر 1262ع شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتاني جو لاڏاڻو ٿيو.
    21 ڊسمبر 1949ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ سياستدان خانبهادر علي بخش جي وفات ٿي.
    21 ڊسمبر 1968ع مولانا عبدالرزاق پيرزادو جي وفات ٿي.
    21 ڊسمبر 1977ع شاعر مولانا ثناء الله سنائي جي وفات ٿي.
    21 ڊسمبر 1982ع اردو شاعر ۽ پاڪستان جي قومي تراني جي خالق حفيظ جالنڌري جي وفات ٿي.

    اڄوڪي ڏينهن 21 ڊسمبر جا ڪجهه اهم واقعا

    21 ڊسمبر 2001ع تي امن جو عالي ڏينھن طور ملهائڻ جو اعلان گڏيل قومون جي جنرل اسيمبلي منظور ڪيو، گڏيل قومن جي عالمي اداري جي 1981ع کان اها ڪوشش جاري هئي.

    حواله:


    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏24 ڊسمبر 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سائين ڪمال الدين سولنگي صاحب ولد مولوي جمال الدين سولنگي صاحب 21 ڊسمبر 1932 ۾ ڳوٺ شاهه آباد تعلقه دادو ۾ جنم ورتو، سندس والد هڪ وڏو عالم دين هو، جنهن جون ديني خدمتون به نمايان حيثيت رکن ٿيون،
    ڪمالدين صاحب شروعاتي تعليم شاهه آباد دادو مان حاصل ڪئي، ۽ 1951 ۾ دادو هاء اسڪول مان ميئٽرڪ پاس ڪيائين، تنهن کانپوء بي اي ايم اي پڻ ڪيائين۔سندس لاڙو شروع کان کان ئي علم ادب ۽ تعليم ڏانهن هو،
    ڪمال صاحب پنهنجي زندگي جا 26 سال تعليم ڏيندي صرف ڪيا، پاڻ نه صرف تعليم دان هئا مگر پاڻ هڪ موسيقار پڻ هئا، اسان جي ڪلاس فيلو محرم ناز سان گڏ راڳ جي روح رهاڻ پڻ ڪندا رهندا هئا۔
    ڪمال الدين صاحب هڪ ايماندار ۽ سخت قسم جا استاد هوندا هئا۔ کين انگريزي زبان تي عبور حاصل هو، سليم سولنگي سندس شاگرد رهيو آهي جنهن شيخ اياز جي ڪجهه شاعري کي انگريزي ۾ ترجمو ڪيو آهي جنهن جو ذڪر شيز اياز صاحب پنهنجي ڪتاب ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون ۾ ڪيو آهي۔
    ڪمال الدين صاحب راقم ( متاز علي وگهيو ) جا به استاد رهيا آهن۔ عمر جي آخر ۾ دادو پرمانند هاء اسڪول دادو ۽ طالب الموله اسڪول دادو جا هيڊ ماسٽر پڻ رهيا آهن۔ڪمال الدين صاحب 4 جون 1999 ۾ وفات ڪري ويا۔
    دعا آهي ته رب پاڪ سندس بشري خطائون معاف ڪري ۽ کين جنت ۾ جايون عطاء ڪري آمين۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏22 ڊسمبر 2013
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو