اڄوڪي ڏينهن 21 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
21 ڊسمبر 1925ع خيرپور سان تعلق رکندڙ وڪيل ۽ سماجي ورڪر الاهي بخش ڪيهر جو جنم ڏينهن آهي.
21 ڊسمبر 1932ع ليکڪ ڪمال الدين سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
21 ڊسمبر 1933ع شاعر ۽ سياستدان ڊاڪٽر نذير جروار جو جنم ڏينهن آهي.
21 ڊسمبر 1934ع ليکڪ ۽ اداڪار مدن جماڻي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
21 ڊسمبر 1940ع تي مشھور شاعر ۽ اديب ڪرم ٽالپر اصل نالو قادر بخش ولد عنايت علي ٽالپر ڳوٺ ٽالپر وڏا ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
21 ڊسمبر 1948ع شاعر سيد عالم شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
21 ڊسمبر 1948ع شاعر اختر لڪياري جو جنم ڏينهن آهي.
21 ڊسمبر 1959ع شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ جو جنم ڏينهن آهي.
21 ڊسمبر 1960ع صحافت ۽ سياست سان واڳيل شيري رحمان جو جنم ڏينهن آهي.
21 ڊسمبر 1963ع باليووڊ اداڪار گووندا جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
21 ڊسمبر 1262ع شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتاني جو لاڏاڻو ٿيو.
21 ڊسمبر 1949ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ سياستدان خانبهادر علي بخش جي وفات ٿي.
21 ڊسمبر 1968ع مولانا عبدالرزاق پيرزادو جي وفات ٿي.
21 ڊسمبر 1977ع شاعر مولانا ثناء الله سنائي جي وفات ٿي.
21 ڊسمبر 1982ع اردو شاعر ۽ پاڪستان جي قومي تراني جي خالق حفيظ جالنڌري جي وفات ٿي.
اڄوڪي ڏينهن 21 ڊسمبر جا ڪجهه اهم واقعا21 ڊسمبر 2001ع تي امن جو عالي ڏينھن طور ملهائڻ جو اعلان گڏيل قومون جي جنرل اسيمبلي منظور ڪيو، گڏيل قومن جي عالمي اداري جي 1981ع کان اها ڪوشش جاري هئي.
حواله:
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: