خرابي ڪنهن ۾ آ؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منصور ميراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2012۔

  1. منصور ميراڻي

    منصور ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    153
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڄامشورو
    خرابي ڪنهن ۾ آ؟


    خراب نظام آهي يا نظام هلائڻ وارا؟ جيڪر نظام خراب آهي ته نظام بدلجي ويو، پراڻي نظام جي جاءِ تي ٻٽو نظام اچي ويو. ها! پر اڃا به مسئلا ساڳيءَ ريت قائم آهن؟ پوءِ ٿي سگھي ٿو ته نظام هلائڻ وارا خراب آهن؟ معنى ته نظام هلائڻ وارا مٽائڻ گھرجن! اها به ڳالھ درست ته نظام هلائڻ وارا بدلائڻ گھرجن پر اهي نطام هلائڻ وارا ته گذريل 60 سالن کان پيا بدلبا اچن ٿا، تڏهن به ڪو کڙ تيل نه ٿو نڪري... ان مان اهو ٿو نتيجو نڪري ته اڃا ڪجھ ٻيو آهي نه جيڪو خراب آهي. هاڻي سوال اهو ٿو اڀري ته انهن نظام هلائڻ وارن کي آڻي ڪير ٿو؟ بابا! نظام هلائڻ وارن کي به ته ڪو آڻيدو هوندو نه؟ ڪو ته مقرر ڪندو هوندو نه! ها چوندا آهن ته نطام هلائڻ وارا چونڊن ذريعي چونڊبا آهن جن کي ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهو ووٽ ڏيندا آهن جنهن کان پوءِ هو اچي نظام سنڀاليندا آهن، معنى ته نظام ۽ نظام هلائڻ وارن کي چونڊڻ وارا اڳي کان موجود آهن پر رڳو نظام هلائڻ وارا پيا تبديل ٿيندا رهن ٿا. هاڻي سوال اچي ٿو ته آخر خرابي آهن ڪنهن ۾ جو ملڪ جا مسئلا حل نه ٿا ٿين. اڳي ۾ ڳالھ ڪئي سين ته نظام تبديل ٿيو ته ان سان به ڪو فرق نه پيو، نظام هلائڻ وارا گذريل 60 سالن کان پيا تبديل ٿيندا اچن ٿا ان مان به ڪو کڙ تيل نه نڪتو. پو ته اها چٽي ڳالھ آهي ته نظام هلائڻ وارن کي چونڊڻ وارن ۾ ڪا خرابي آ نه!
     
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قميص لاهي گنجي ۾ عوام جي سامهون اچڻ ۾ ۽ پو۔۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڀاء منصور اوهان جي راء سان متفق آهيان ۔۔۔

    هتي ڪهڙو به نظام آڻيو اهو ناڪاره ئي رهندو جيستائين نظام هلائيندڙ ڪونه بدلبا۔ اسان وٽ تبديلي آڻيندڙ ماڻهن جي ضرورت آهي۔ پر اسان وٽ تحريڪون حڪومتن جي خلاف هليون آهن۔ سنڌ کي ڏنو ته گذريل نظام به ڪجهه ناهي۔

    تنهنڪري اسان کي ماڻهن جي سوچ ۽ پنهنجي سوچ بدلائڻي پوندي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ضرورت آهي انقلابي شخص جي خبر نه آهي ڪڏهن۔ باقي پي پي پي وري نواز ليگ وري پي پي پي وري نوازليگ جان ئي نه پئي ڇٽي انهن ٻن پارٽين مان۔ آزمايلن کي باربار پياآزمايون ۔ خبر نه آهي عوام ۾ شعور ڪڏهن ايندو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو