مان آهيان عمران علي پٺاڻ ڪافي ڏينهن کان سنڌ سلامت جي متعلق ٻڌو هو ليڪن لاگ ان ٿيڻ جو مسئلو سمجهه ۾ نه پئي آيو اڄ سائين مولوي رحيم بخش ڏاهري جن وٽ آيس ته مسئلو سمجهه ۾ اچي ويو هاڻي انشاء الله سنگت سان ساٿ ۾ رهبو۔
خوش آمديد ۔ ڀلي ڪري آيا هن محبتي ميڙاڪي ۾ ۔ قرب ڀريا قدم کڻي آيا هن خوبصورت پليٽ فارم تي۔ توهان جو طئ دل سان آڌر ڀاءُ ڪجي ٿو . اميد ته ساٿ سلامت رهندو.
سائين عمران پٺاڻ کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔خوشي ٿي جو اوهان به پنهنجي ئي فورم سنڌ سلامت جي سٿ ۾ شامل ٿيا ۽ هن اڱڻ تي پير پاتو۔ سنڌ سلامت اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون ۽ نڪور خيال فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔ سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔اوهان جو ساٿ اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ڀا عمران علي پٺاڻ کي هن فورم تي ڀليڪار ڪريون ٿا۔ ممبر ٿيڻ شرط ڀا تي لازمي ٿي پيو آهي ته پنهنجي ٽهي کي به هي گس ڏيکارين ته جيئن ملي جلي ڪري اونداهين ۾ گهيرجي ويل سست، ڪاهل، پاڻ پڏائڻ واري قوم لا ڪو دڳ ڳولي ڪڍون ۽ پاڻ به حقيقي معنائن ۾ ٻين قومن وانگر هڪ سولائيزڊ قوم سڏجون جيڪا پاڻ پڏائي پاڻ کي ست هزار سالن جو وارث ته سمجهي ٿي پر عملي ميدان ۾ هڪ نانگ وانگر پنهنجو پاڻ پنهنجا ٻچا کائي ٿي۔ اهو سمجهڻ لا ڀا کي مُهنجو هي چُڀندڙ مضمون پڙهڻو به پوندو ۽ ٻين کي به دعوت ڏئي پڙاهڻو پوندو جنهن جي جواب جو آئون طلبگار آهيان۔ مضمون پڙهڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔