اسلام عليڪم

'تعارف' فورم ۾ ڊاڪٽر صلاح سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏9 نومبر 2009۔

  1. ڊاڪٽر صلاح سومرو

    ڊاڪٽر صلاح سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2009
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اسلام عيلڪم سنڌ سلامت جا دوستو!
    جيئن ته اڄ منهنجو ماروٽ ادا زاهد حسين سومرو ڪنهن ڪم سانگي هتي نواب شاهه آيو۔۔ ادا مونکي سنڌ سلامت فورم جو تعارف ڪرايو ايترو ئي نه پر مون تي تمام گهڻو زور به رکيو ته اوهان اڄ ئي سنڌ سلامت جي رڪنيت حاصل ڪيو۔ ادا جي چوڻ موجب مون سنڌ سلامت جي رڪنيت حاصل ڪئي۔
    ادا منهنجو نالو صلاح الدين سومرو آهي، منهنجو به ادا زاهد جي ڳوٺ پاٽ شريف سان تعلق آهي۔ پرائمري جي تعليم مون ڳوٺ پاٽ شريف مان حاصل ڪئي ۔ باقي انٽر تائين ڪيڊيٽ ڪاليج لاڙڪاڻو مان حاصل ڪئي ۔۔۔ ايم بي بي ايس جي ڊگري اسرا يونيورسٽي حيدرآباد مان حاصل ڪئي۔
    هاڻي آئون ايف سي پي ايس جي تياري نوابشاهه ۾ ڪري رهيو آهيان۔۔۔ اميد ته اوهان سڄڻ اسان جي لاءِ دعاڳو رهندا۔

    اسان جي سنڌي ٻولي جو پهريون فورم آهي جنهن تي مون رجسٽريشن ڪرائي آهي۔ جس آهي ادا عبدالرشيد سمون جن کي ، جنهن پنهنجي ٻولي جي بقا خاطر ايتري محنت ڪئي آهي۔ اڄ پهريون دفعو سنڌ سلامت فورم جو معائنو ڪيوسين۔ جنهن کي ڏسي ڪري تمام گهڻي دل خوش ٿي۔

    وڌيڪ ڪچهريون قائم رهنديون ۽ اوهان دوستن کان پڻ سکبو۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    السلام عليڪم ادا ڊاڪٽر صلاح الدين صاحب

    ادا سڀ کان پهريائين ته مان اوهان کي سنڌ سلامت انتظاميه طرفان فورم جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار چوان ٿو اسان کي سنڌ سلامت فورم تي توهان جهڙن پڙهيل لکيل دوستن کي ڏسي ڪري دل خوش ٿئي وئي ۽ ان سان گڏ اسان ادا زاهد حسين جا پڻ ٿورائتا آهيون جن اوهان کي سنڌ سلامت فورم جوائن ڪرڻ جي صلاح ڏني ادا توهان کي سنڌ سلامت فورم تي سکڻ ۽ سيکارڻ جو ڀرپور موقعو ملندو bhali kareaya ادا ڊاڪٽر صلاح صاحب اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو شدت سان انتظار رهندو bhali kareaya ادا سنڌ سلامت تي حسب روايت توهان کي ڪجهه تحفا پيش ڪجن ٿا اميد ته اهي فقيراڻا تحفه قبول پوندا sadayeen gud

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    shal judy hujeen


    sindhsalamatsaathsal
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا فقير سائين،
    حق موجود
    يار! اڄ ته ادي صلاح کي ڀليڪار چوندي، اصل اميرن کي به ماري وئي، اهڙا تحفا جو اصل وات ۾ پاڻي اچي ويو ... ادي صلاح کي اسان سڀني طرفان ڀليڪار ... اميد ته صلاح ۽ اصلاح ٿيندي رهندي ... ۽ اسان دوستن کي اوهان جهڙن سڄاڻ دوستن کان سکڻ لئه گهڻو ڪجه ملندو ... ماشاء الله سٺي تعليم سان آراسته سنڌي دوستن کي ڏسي خوشيءَ مان من پيو مهڪندو آهي ...

    ڀلا ڀاڳ اسانجا ۽ ٿورا اسانجي دوست زاهد سومري جا جنهن اهڙا مکڻ ماڻهون هن فورم تي دعوت ڏئي گهرايا آهن ...

    ادا صلاح، اسانجي هن سنڌ سلامت تي صحت سرير جي عنوان سان هڪ پنو آهي ... جنهن ۾ اسانجا دوست طبيب ۽ ڊاڪٽر اسان سان موذي مرضن جي علاج ۽ شفا بابت پيا ونڊ ڪندا آهن ... اميد ته اوهان به اسانجي صحت جو خيال ڪندي اسان سان قيمتي ۽ معلوماتي ونڊ ڪندا ته ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ...

    خلقڻهار اوهانکي وڌيڪ علم سان مالا مال ڪري ۽ زندگيءَ جي ورن وڪڙن واري راه ۾ رهنمائي ڪري ... آمين.


    نثار ابڙو
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ڊاڪٽر صاحب، لک ڀيرا ڀليڪار۔۔۔
    هن سنڌي فورم تي اوهان کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا۔ ادي زاهد جا ٿورائتا آهيون جن هيترا سارا پيارا دوست هن محبتي ميڙاڪي ۾ آندا آهن
     
  5. Ranjit

    Ranjit
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    Sain dr. Sahib. Bhali kare aya. Asaan pardesyun paraan bhi twhan parrhyal garhyal nojawanan khe dil je gahrayun saan bhli kre. Asin bhotar zahid saieen ja thoraita ahyun jahn twhan khe otaq te aando. Umeed ta chilam maan bhuniko kadhande. Pahnje nikor likhniyun saan asaan abhojan ji berri par lagainda.

    Shall khush hujo. Pahnje kharch te.

    (ade phulpote khe guzarish ta hin tahrir khe sauli sindhi'a ma tarjumo kare)
     
  6. Ranjit

    Ranjit
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    Sain dr. Sahib. Bhali kare aya. Asaan pardesyun paraan bhi twhan parrhyal garhyal nojawanan khe dil je gahrayun saan bhli kar. Asin bhotar zahid saieen ja thoraita ahyun jahn twhan khe otaq te aando. Umeed ta chilam maan bhuniko kadhande asaan ji sehat khe sudharin ja mufeed triqa budhainda. aein Pahnje nikor likhniyun saan asaan abhojan ji berri par lagainda.

    Shall khush hujo. Pahnje kharch te.

    (ade phulpote khe guzarish ta hin tahrir khe sauli sindhi'a ma tarjumo kare)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو