معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
خان پور لڳ جرڳو؛ 7عورتن ۽ 22 مردن جي خون بها 2 ڪروڙ 54 لک رپيا مقرر
خان پور لڳ جتوئي قبيلي جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن مامري تان 14 سالن کان هلندڙ تڪرار جي جرڳي ۾ 7 عورتن ۽ 22 مردن جي خونن ۽ 34 زخمين جو ٻه ڪروڙ 54 لک رپيا مجموعي ڏنڊ وڌو ويو. شڪارپور ضلعي جي خانپور جي ڪچي واري علائقي ۾ جتوئي قبيلي جي سيد خاناڻي پاڙي سان تعلق رکندڙ غازي ۽ جهنڊو جي ڌرين ۾ 14 سال اڳ 1998ع ۾ ڪارنهن تان تڪرار شروع ٿيو. جنهن ۾ غازي ڌر جا 20 مرد ۽ هڪ عورت گولين جو کاڄ بڻجي ويا. جڏهن ته جهنڊو ڌر جون 7 عورتون ۽ 2 مرد مارجي ويا. 14 سالن بعد خان پور لڳ نيپيئرآباد ۾ اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي جي سرپئنچي ۾ ٿيل جرڳي ۾ جهنڊو ڌر تي غازي ڌر جي هڪ عورت ۽ 20 مردن جا خون ۽ 18 زخمي ثابت ٿيا. غازي ڌر جي 21 خونن ۽ 18 زخمين جو جهنڊو ڌر مٿان هڪ ڪروڙ 54 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. جڏهن ته غازي ڌر تي جهنڊو ڌر جي 7 عورتن ۽ ٻن مردن جا خون ۽ 18 زخمي ثابت ٿيا. جنهن تي غازي ڌر مٿان جهنڊو ڌر جي 9 خونن ۽ 18 زخمين جا هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ وڌو ويو. جرڳي ۾ عورت جو خون بها 9 لک رپيا، مرد جو خون بها 6 لک رپيا، سخت زخمي جو معاوضو 2 لک ۽ معمولي زخمي جو 1 لک رپيا معاوضو مقرر ڪيو ويو. ڏنڊ جي رقم قسطن ۾ مارجي ويل مقتولن جي يتيم ٻارڙن ۾ ورهائي ويندي. جرڳي جي فتويٰ ڪريم ڏني بڊاڻي پڙهي ٻڌائي. جنهن کان پوءِ ڌرين کي ڀاڪر پارائي کيرکنڊ ڪيو ويو. جڏهن ته ان جهيڙي دوران غازي ڌر پاران جهنڊو ڌر سان وڙهڻ دوران ٺارو عطراڻي ڌر جا پڻ 7 ماڻهو مارجي ويا هئا. جرڳي ۾ ٺارو عطراڻي ڌر الڳ فيصلو ڏيڻ جي گهر ڪئي، جنهن تي غازي ڌر جي گلشير بيان ڏنو ته ٺارو عطراڻي ڌر سندس پاران وانگارو ٿي وڙهي هئي. تنهن ڪري وانگارو جو عيوضو ناهي ٿيندو. جنهن سبب ٺارو عطراڻي ۽ جهنڊو سيد خاناڻي ڌر ۾ نبيرو نه ٿي سگهيو. واضح رهي ڄاڻايل ڌرين ۾ خوني جهيڙي سبب ڳوٺ جهنڊو، غازي، ياهد، مقدم سنجر، شيرو ۽ جهنگل سميت ڪيترائي ڳوٺ تباهه ٿي ويا. جهيڙي سبب علائقي جا 11 اسڪول گذريل 14 سالن کان بند پيل آهن. ۽ 70 کان وڌيڪ ٻارڙا پيءُ ۽ ماءُ جي شفقت کان محروم ٿي ويا هئا. جهيڙو جو مک ڪردار غازي مارجي ويو جڏهن ته جهنڊو طبي موت مري چڪو آهي.