• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انوکا احتجاج

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن

انوکا احتجاج ڪرڻ رشيد چني جي سڃاڻپ: سکر پريس ڪلب عدالت بڻجي ويو
عوامي احتجاج رڍن اڳيان رباب جو مثال، پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوار رشيد چنو روز نت نوان احتجاج ڪرڻ لڳو
سکر پريس ڪلب کي عدالت سمجهندڙ رشيد چنو انصاف ملڻ کي يقيني سمجهي ديرو ڄمائي ويٺو
رشيد چنو ڪڏهن رڍ آڏو مرلي وڄائي اهو پيغام ٿو ڏي ته حڪمران رڍن مثل آهي ته ڪڏهن پٿر ٽڪي ۽ ڦوڪڻا کپائي ٿو
سنڌ ۾ هڪ طرف 2009ع ۾ تعليم کاتي ۾ خالي پيل آسامين جي ڀرتين لاءِ سنڌ يونيورسٽي ذريعي ورتل ٽيسٽ ۾ طئي ٿيل 60 سيڪڙو مارڪون کڻي ڪامياب ٿيل اميداوار ٽن سالن کان آفر آرڊر جاري نه ڪرڻ خلافِ سراپا احتجاج بڻيل آهن ته ٻئي طرف سنڌ سرڪار پهريان ڪامياب ٿيل اميدوارن کي آرڊر جاري ڪرڻ بجاءِ نيون ڀرتيون ڪري رهي آهي. 2009ع ۾ ڪامياب ٿيل اميدوارن مان آرڊرن کان محروم رهندڙ اڪثر اميدوارن مجبور ٿي ماٺ ڪري ورتي پر سکر سان تعلق رکندڙ اميدوار عبدالرشيد چنو جنهن ورتل ٽيسٽ ۾ 60 بجاءِ 71 مارڪون کنيون پر ان باوجود هو آرڊر ۽ نوڪري کان محروم رهجي ويو. واڳ ڌڻين ۽ ڪامورن جا هن گهڻا ئي دروازا کڙڪايا پر ڪٿان به انصاف کيس پلئه نه پوڻ تي مجبور ٿي هن احتجاج جو رستو ورتو. پاڪستان جهڙي غير جمهوري ملڪ ۾ جتي عوامي احتجاج رڍن اڳيان رباب جو مثال هجن ٿا. اتي پنهنجي احتجاج کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ عبدالرشيد چنو هر ڏينهن احتجاج ڪرڻ جو نئون انداز استعمال ڪري ٿو. سکر پريس ڪلب ڄڻ ته هاڻ هن لاءِ ڪا عدالت بڻيل آهي. جو اتان انصاف ملڻ کي يقين سمجهي ديرو ڄمائي ويٺو آهي. عبدالرشيد چنو ڪڏهن رڍ آڏو مرلي وڄائي اهو پيغام ٿو ڏي ته هن ملڪ جا حڪمران رڍون آهن. انهن اڳيان ڪيترا به رباب وڄائجن پر هو ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن. سنڌ ۾ ميرٽ جي ٿيندڙ لتاڙ جو مثال ڏيڻ لاءِ هو ڪڏهن سکر پريس ڪلب آڏو پٿر ٽُڪي، ڪڏهن گهر جون رليون، ڦوڪڻا ۽ ڪتاب وڪڻي، ڪڏهن سلڦي ڇڪي، ڪڏهن تاس کيڏي احتجاج ڪري هو اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته سنڌ اندر ميرٽ جي قتل سبب پڙهيل ڳڙهيل نوجوان يا پٿر ٽڪي پورهيو ڪن ٿا يا وري جواري ۽ موالي بڻجي وڃن ٿا. عبدالرشيد چنو نه صرف احتجاجي استاد آهي پر هو هن سماج جو باغي ڪردار به آهي. ميرٽ جي لتاڙ خلاف هو ڪڏهن علامتي وزير بڻائي ان کي نوڪرين لاءِ رشوت وٺندي ڏيکاري ٿو، ته ڪڏهن سندس آڏو احتجاج طور توا ٽنگي ٿو. سندس روز جي احتجاج کي ڏسي سکر ۾ سندس کوڙ سارا همدرد پڻ پيدا ٿي ويا آهن، جيڪي مختلف ڏينهن تي اچي سندس احتجاج ۾ شامل ٿي ساڻس همدردي جو اظهار ڪن ٿا. عبدالرشيد چني جو چوڻ آهي ته سنڌ اندر ميرٽ جي لتاڙ جو دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي. 2009ع ۾ ورتل ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيل اميدوارن کي ان ڪري آرڊر جاري نه پيا ڪيا وڃن ته جيئن نيون ڀرتين ذريعي وزيرن، مشيرن، وڏيرن ۽ ڪامورن جي مائٽن، دوستن ۽ هارين کي نوڪريون ڏئي راضي ڪجي. هن چيو ته هو اڃا به مايوس ناهي، پنهنجي ۽ ساٿين جي حقن لاءِ هو پنهنجو احتجاج مطالبن جي مڃتا تائين جاري رکندو. هو چوي ٿو ته سنڌي ميڊيا سندس احتجاج کي ڀرپور ڪوريج ڏني آهي. ان لاءِ هو سندن ٿورائتو آهي. هو چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪندي چوي ٿو ته چيف جسٽس پي ايس ٽي اميدوارن سان ٿيندڙ انياءُ ۽ سنڌ اندر ميرٽ جي لتاڙ جو نوٽيس وٺي کين انصاف ڏياري.
 
Back
Top