معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
1422 اٽيچمينٽ ڏسو
سنڌ جنهن کي هاڻي نڪ ناهي
’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’
سنڌ جنهن کي هاڻي نڪ ناهي
’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’
معصوم
سيتا ۾ راوڻ جاڳيا، جن لڇمڻ جهڙي سادي ڳوٺاڻي کي مذهبي تهمت مڙهي موت جي ڪاري اداس حبشي سان ملائي ڇڏيو
سيتا ۾ جاڳيل راوڻ جديد دور جا مسلمان راوڻ آهن، جن سيءَ ۾ سٽيل ڳوٺاڻي کي بي گناهه قتل ڪيو.
ان ڳوٺ (سيتا وليج) جي هڪ نوجوان سان منهنجي ان معاملي تي ڳالهه ٿي، جنهن ٻڌايو ته اهو ڳوٺاڻو هُيو ته ڪچي جو پر شهر ۾ ڪم سانگي آيو، اوير ٿيڻ ڪري وڃي مسجد ۾ ستو.جتي سيءُ کيس لڳو، ٻاهر اچي هن باهه ٻاري، چوڪيدار هن کي ست سريون ٻڌايون ۽ ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اڌ رات جو ويچارو وڃي به ته ڪيڏانهن.مسجد جنهن کي هن الله جو گهر سمجهيو جتي پناهه ورتائين پر چوڪيدار پنهنجي انا ۽ ضد جي ڪري ان الله جي ماڻهو کي الله جي گهر ۾مت موڙهيل ماڻهن هٿان رت م ڳاڙهو ڪرائي پوليس حوالي ڪيو.
ٿاڻي تي جيڪي ڪجهه ٿيو ان ۾ پوليس جي غفلت شامل آهي
جيتوڻيڪ ان واقعي جا ڪجهه مخفي پاسا رهيل آهن جن جي کوج ٿيڻ گهرجي؟