• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جنهن کي هاڻي نڪ ناهي

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
1422 اٽيچمينٽ ڏسو
سنڌ جنهن کي هاڻي نڪ ناهي
’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’
معصوم
سيتا ۾ راوڻ جاڳيا، جن لڇمڻ جهڙي سادي ڳوٺاڻي کي مذهبي تهمت مڙهي موت جي ڪاري اداس حبشي سان ملائي ڇڏيو
سيتا ۾ جاڳيل راوڻ جديد دور جا مسلمان راوڻ آهن، جن سيءَ ۾ سٽيل ڳوٺاڻي کي بي گناهه قتل ڪيو.
ان ڳوٺ (سيتا وليج) جي هڪ نوجوان سان منهنجي ان معاملي تي ڳالهه ٿي، جنهن ٻڌايو ته اهو ڳوٺاڻو هُيو ته ڪچي جو پر شهر ۾ ڪم سانگي آيو، اوير ٿيڻ ڪري وڃي مسجد ۾ ستو.جتي سيءُ کيس لڳو، ٻاهر اچي هن باهه ٻاري، چوڪيدار هن کي ست سريون ٻڌايون ۽ ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اڌ رات جو ويچارو وڃي به ته ڪيڏانهن.مسجد جنهن کي هن الله جو گهر سمجهيو جتي پناهه ورتائين پر چوڪيدار پنهنجي انا ۽ ضد جي ڪري ان الله جي ماڻهو کي الله جي گهر ۾مت موڙهيل ماڻهن هٿان رت م ڳاڙهو ڪرائي پوليس حوالي ڪيو.
ٿاڻي تي جيڪي ڪجهه ٿيو ان ۾ پوليس جي غفلت شامل آهي
جيتوڻيڪ ان واقعي جا ڪجهه مخفي پاسا رهيل آهن جن جي کوج ٿيڻ گهرجي؟
 
ادا جنهن ڪتاب جي حُرمت ئي اها آهي ته انسانيت بچي پوي ان جي نالي تي انسانيت سان ايڏو ظلم الامان الحفيظ۔
 
افسوس صد افسوس حقيقت جي ته پاڻ کي خبر نه آهي پر بنا ڪنهن ثابتي جي ڪنهن کي ائين بيدردي سان مارڻ جڳائي نه ٿو۔ هيءَ سنڌ جيڪا امن سک ۽ شانتي جو گهوارو هئي سا هاڻ ڏينهون ڏينهن درندگي جي طرف وڃي رهي آهي. ڪٿي معصوم ٻار ٿاڪسجن ته وري ڪٿي عورتن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي ڪٿي گهرو ويڙه ۾ پورو گهرٻارن ٻچن سان واه ۾ ٽپو پيو ڏئي.

شل الله تعالا ڀٽائي جي سنڌ کي امن ۽ سڪون ڏئي. آمين.
 
1422 اٽيچمينٽ ڏسو
سنڌ جنهن کي هاڻي نڪ ناهي
’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’
معصوم
سيتا ۾ راوڻ جاڳيا، جن لڇمڻ جهڙي سادي ڳوٺاڻي کي مذهبي تهمت مڙهي موت جي ڪاري اداس حبشي سان ملائي ڇڏيو
سيتا ۾ جاڳيل راوڻ جديد دور جا مسلمان راوڻ آهن، جن سيءَ ۾ سٽيل ڳوٺاڻي کي بي گناهه قتل ڪيو.
ان ڳوٺ (سيتا وليج) جي هڪ نوجوان سان منهنجي ان معاملي تي ڳالهه ٿي، جنهن ٻڌايو ته اهو ڳوٺاڻو هُيو ته ڪچي جو پر شهر ۾ ڪم سانگي آيو، اوير ٿيڻ ڪري وڃي مسجد ۾ ستو.جتي سيءُ کيس لڳو، ٻاهر اچي هن باهه ٻاري، چوڪيدار هن کي ست سريون ٻڌايون ۽ ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اڌ رات جو ويچارو وڃي به ته ڪيڏانهن.مسجد جنهن کي هن الله جو گهر سمجهيو جتي پناهه ورتائين پر چوڪيدار پنهنجي انا ۽ ضد جي ڪري ان الله جي ماڻهو کي الله جي گهر ۾مت موڙهيل ماڻهن هٿان رت م ڳاڙهو ڪرائي پوليس حوالي ڪيو.
ٿاڻي تي جيڪي ڪجهه ٿيو ان ۾ پوليس جي غفلت شامل آهي
جيتوڻيڪ ان واقعي جا ڪجهه مخفي پاسا رهيل آهن جن جي کوج ٿيڻ گهرجي؟
اڄ صبح سان منهنجي موبائل فون تي سيتا مان هڪ دوست جو پتڪڙو نياپو (ايس ايم ايس) آيو، جنهن ۾ هن ڄاڻ ڏني ته مارجي ويل همراهه ملتان جو هو۔
هن جي ان ڏنل ڄاڻ منهنجي اندر ۾ ڪيترائي شڪ جا پکي اڏارڻ شروع ڪيا آهن مان اتان جي ٿاڻي تان وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لا نياپو ڇڏيان ٿو هڪ سپاهي جنهن پنهنجو نالو نه ٻڌايو جو چوڻ هو ته ها اهو ملتاني هو
 
ادا مُلتاني هو ته ڇا ان جي اهو جُرم به ڪيو آهي ته انجي اها سا اسلام جي ڪهڙي اصول ۾ آهي ته ماري ان کي ساڙيو وڃي۔
اسلام ڪڏهن به لاشن جي پامالي جو حُڪم ناهي ڏنو
خندق ۾ جڏهن حضرت علي عه عمرو عبدود جي ڄنگھ ڪٽي ان کي ڪيرايو ۽ ان کانپوءِ ان جو سر قلم ڪيو جڏهن پاڻ عه کي فتح نصيب ٿي ته پاڻ وري ان جي ڪٽيل ڄنگھ ۽ ان جي سر کي ان سان جوڙيائون ۔
ٻئي طرف عربن جي اها ريت هوندي هئي ته جڏهن هو پنهنجي مقابل تي قابض ايندا ها ته انهن جي حُرمتن جي پامالي پنهنجي لاءِ باعثِ فخر سمجهندا ها۔
وسلام
 
Back
Top