معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
ابراهيم شاهه واڙيءَ وارو
(ٻاروتڻ کان هاڪ ٻڌندو هئس.نئين آباد (کڏي)مان منهنجا مائٽ لاري ڀري ويندا هئا ۽ پوءِ شاهه بندر وٽان ٻيڙين تي ڇڙهي مراد/سکا ڏئي موٽي ايندا هئا.ٻاروتڻ ۾ هڪ ڀيرو مان پنهنجي ماءُ سان ويو هئس پوءِ سال گذري ويا نه وڃي سگهيس،هن جي هاڪ جيڪا منهنجي من تي ڇانيل هئي، اها اڄ ڏينهن تائين واسو ڪري ويٺل آهي.هڪ لڱا مان ۽ منهنجو يار جيدي سنڀري نڪتاسين، اتي پهچي سمونڊ سان سنگت ويتر پڪي ۽ پختي ٿي وئي.ايئن هاڻي هر سال مان ۽ منهنجو يار جيدي هتي ويندا آهيون..مون کي هن تي لکڻ جو ڏاڍو اشتياق هو ۽ آهي ٺوس کوجنا به ڪئي پر مان چاهيان ٿو ته هن تي رزميه انداز ۾ نه پر نيوز فيچر اسٽائيل ۾ لکان.جيستائين منهنجي اها ڪاوش ڪوشش ۾ تبديل ٿئي تنهن کان اڳ مان چاهيان ٿو ته هن بابت جيڪا ڄاڻ سنڌيانا انسائيڪلو پيڊيا وارن ڏني آهي،اها توهان سان ونڊ ڪيان ؛معصوم)
سنڌ جي ڊيلٽا ۾ اوڀر طرف سير کاريءَ جي ويجهو هڪ ٻيٽاريءَ تي هر سال هڪ وڏو ميلو لڳندو آهي. ٻيٽ تي جنهن بزرگ جي مزار آهي، تنهن کي ’ابراهيم شاهه واڙيءَ واري‘ جي نالي سان شهرت حاصل آهي. هن ميلي ۾ سنڌ، ڪڇ ۽ بلوچستان جي سامونڊي ڪنڌين ۽ کارين تي رهندڙ مهاڻا لازمي طور شريڪ ٿيندا آهن. هيءُ سامونڊي مهاڻن جو وڏي ۾ وڏو ميلو آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ڏينهن جاري رهندو آهي. هن موقعي تي هوڙهن جا مالڪ پنهنجن پنهنجن پتڻن ۽ بندرگاهن تان ٻيڙا ڪاهي، ابراهيم شاهه واڙيءَ واري جي سلامي ڀرڻ ويندا آهن. ٻيڙا رنگارنگي جهنڊن ۽ جهنڊين سان سينگاريا ويندا آهن ۽ عورتون، ٻار، جوان ۽ پوڙها دهلن دمامن سان ٻيڙين تي سوار ٿيندا آهن. ڪي باسون باسڻ لاءِ نڪرندا ته ڪي مرادون پوريون ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ چادرون (پَڙُ) کڻي ايندا آهن. هيءُ ميلو هر سال مارچ اپريل ڌاري لڳندو آهي. مهاڻن جو عقيدو آهي ته جيڪو مهاڻو هن ميلي ۾ شريڪ نه ٿيندو ۽’بادشاهه‘ ابراهيم شاهه جي حاضري نه ڀريندو، اُهو ايندڙ سال مڇيءَ جي شڪار کان محروم ٿي ويندو، بيماريون ڏسندو يا جوکم ۾ پوندو. ابراهيم شاهه جي ميلي جي موقعي تي زيارتي، ابراهيم حيدري، لٽ بستي، ڪيٽي بندر، کاري ڇاڻ، جنگي سر، ڳاڙهي يا شاهه بندر وٽان ڪنهن به هوڙهي تي چڙهي وڃن ته ٻيڙياتا پنهنجي روايت موجب ڀاڙو نه وٺندا آهن. سخي ابراهيم تائين اوٽ موٽ ٻه ڏينهن لڳي ويندا آهن.