• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ مُنهنجي ايڪتا ريليون ڪاوش ۽ ڪي ٽِي اين سان يڪجهتي جو اظهار

نثارناز

سينيئر رڪن
دوستو اڄ 23 ڊسمبر 2012 هو ٽنڊومحمد خان ۾ سنڌ مُنهنجي امان ايڪتا ڏينهن جي سلسلي ۾ مختلف ادبي سياسي سماجي تنظيمن سول سوسائٽي جي ماڻهن ۽ عام ماڻهن شرڪت ڪئي چارئي طرف سنڌ جي ثقافت جا رنگ هُئا ننڍڙا سنڌي ٻارڙا پنهنجي مُک تي مرڪون سجايو ، مٿي تي ٽوپيون پايون ڪُلهن ۾ اجرڪون سجايو منهنجي جيجل جو مان ۽ شان وڌائي رهيا هُئا ان سلسلي ۾ ٽنڊو محمد خان جي سنڌي ادبي سنگت به گهڻي مصروف عمل هُئي خير توهان سان سنڌ مُنهنجي امان ايڪتا جي سلسلي جون اڄوڪيون تصويرون ونڊ ٿو ڪريان يقينن توهان بي اختيار چوندا ته منهنجي سنڌ جا سڀ رنگ لاجواب آهن ۔

تصويرون​
282880_10151320589808216_274123910_n.jpg
66721_10151320582308216_1285813657_n.jpg
560593_10151320586748216_1966487548_n.jpg
65175_10151320591373216_1647284604_n.jpg
28749_10151320593953216_1259349336_n.jpg
3505_10151320593503216_1186595059_n.jpg
393030_10151320592988216_302226967_n.jpg
537584_10151320581233216_579122648_n.jpg
393094_10151320577833216_1592375008_n.jpg
541816_10151320442683216_1455512101_n.jpg
 
ثقافتي ڏڻ تي سڄي سنڌ وانگر ٽنڊي محمد خان جي سنڌين به جس لهڻو جيڪي پنهنجي ثقافت کي جيارين پيا۔ اوهان جا به ٿورا جو اوهان تفصيلي ۽ تصويري رپورٽ شيئر ڪئي۔
 
سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ۽ محمد خان غني تنظيم ٽکڙ پاران ڪاوش ڪي ٽي اين جي مان ۾ ادبي مذاڪرو ٿيو جنهن جي صدارت سنڌ مشهور ليکڪه سانئڻ زيب نظاماڻي ڪئي انهي ادبي مذاڪري جون تصويرون به پيش خدمت آهن۔​
399223_10151313135973216_1109490506_n.jpg
44467_10151313144158216_1701648744_n.jpg
154737_10151313145768216_934612485_n.jpg
34694_10151313149488216_351838302_n.jpg
533511_10151313154163216_202423229_n.jpg
532366_10151313145033216_104321626_n.jpg
3857_10151313155258216_1320510070_n.jpg
154898_10151313161023216_121880020_n.jpg
548647_10151313159793216_1247329169_n.jpg
406639_10151313721778216_255852544_n.jpg
 
سنڌ جا سمورا انڊلٺي رنگ ڌرتي جي هنن سهڻن موتين جيان چمڪندڙ ٻارڙن جي مرُڪ مان ڇُلڪي رهيا آهن، الا! سدا سُرها رهن منهنجي من جا تارا، منهنجي سنڌ جا موتين جيان مهڪندڙ سونهارا۔ هڪ هڪ تصوير منهنجي جيجل جي نقشي جو ڏيک ڏئي رهي آهي۔
 
ثقافتي ڏڻ تي سڄي سنڌ وانگر ٽنڊي محمد خان جي سنڌين به جس لهڻو جيڪي پنهنجي ثقافت کي جيارين پيا۔ اوهان جا به ٿورا جو اوهان تفصيلي ۽ تصويري رپورٽ شيئر ڪئي۔
مهرباني ادا محمد سليمان وساڻ مينجنگ ايڊيٽر آف سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو توهان کي منهنجي موڪليل تفصيلي خبر تصويرن سميت پسند آئي ، ٽنڊو محمد خان جا سمورا سنڌي توهان جا شڪر گُذار آهن جو توهان هنن مٿان پنهنجا پيار واريا آهن۔ قرب ادا توهان جا۔
 
الا مونکي اڄ خبر پئي ته منهنجي شهر ۾ ايڪتا جي رنگن ته هن سياري جي موسم ۾ به رنگن جي بهار آڻي ڇڏي، سائين نثاراحمدناز سنڌ جي رنگن کي توهان سان ونڊ ڪري تمام بهترين ڪم ڪيو آهي وڏي خوشيءَ جي ڳالهه ته هن تصويرن ۾ آئون به هڪ هنڌ آهيان توهان کي ٻُڌائيندي هلان ته آپا زيب نظاماڻي صاحبه کي اجرڪ پارائڻ کانپوءِ ان سان هٿ ملائي رهي آهيان تمام بهترين ونڊ سائين نثاراحمدناز جي
 
Back
Top