شاعري

سهڻي پارس

سينيئر رڪن
مان خالي بـ آهيان
مان ڪاوڙ ۾ بـ توکي
محبت وانگر ياد ڪندي آهيان،
آهستـي آهستي
موسمن جيان سڀئي
غير محسوس
انداز ۾ مون کي
ڇڏيندا ٿا وڃن،
محبت کان خالي،
زندگيءَ ۾
منهنجي لاء فقط
هڪڙي دلچسپي آهي،
۽ جنهن جو ڪوبـ نالو ڪونهي،
مان رڳو عشق ۾ گرفتار ناهيان،
مان خالي بـ آهيان.............
 
سهڻن احساسن جو اظهار ۔۔۔ ٿورڙن لفظن ۾ گهڻو ڪجهه چئي وڃڻ جي ڍنگ سان لکيل هي نظم ۔۔۔۔ ڀريل سان گڏ خالي پڻي جو هجڻ ڪنهن ڪنهن کي محسوس ٿيندو آهي ۔۔۔

خوشي ان ڳالهه جي ته اوهانکي ليک ونڊ ڪرڻ اچي ويا ۔۔۔ نه فقط اچي ويا پر سينگاري وچ تي بيهاري پيش ڪرڻ جو ڏانءُ به اچي ويو ۔۔۔

سدا سلامت رهو ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top