اڄوڪو ڏينهن 24 ڊسمبر تاريخ جي دري مان

'ڊسمبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 ڊسمبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 24 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهورشخصيتون

    جنم ڏينهن:

    24 ڊسمبر 1896ع ليکڪ منگهارام ملڪاڻي (حيدرآباد / ڪلڪتو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    24 ڊسمبر 1900ع شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر ابراهيم خليل جو جنم ڏينهن آهي.
    24 ڊسمبر 1915ع ناليواري قانوندان اي ڪي بروهي جو ڳڙهي ياسين ۾ جنم ٿيو.
    24 ڊسمبر 1919ع ناليواري اردو شاعر قتيل شفائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    24 ڊسمبر 1924ع برصغير جي عظيم گلوگار محمد رفيع جو جنم ڏينهن آهي.
    24 ڊسمبر 1924ع ليکڪ دولترام ڪيولراماڻي (لاڙڪاڻو / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
    24 ڊسمبر 1952ع اديب، استاد ۽ محقق ٻلديو مٽلاڻي (لاڙڪاڻو / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    24 ڊسمبر 1956ع باليووڊ اداڪار انيل ڪپور جو جنم ڏينهن آهي.
    24 ڊسمبر 1964ع صحافي ڊاڪٽر عبدالغفور ملڪ جو جنم ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:

    24 ڊسمبر 1931ع سياستدان ۽ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ميمبر سردار واحد بخش ڀٽو جي وفات ٿي.
    24 ڊسمبر 1941ع صحافي کيمچند امرت راءِ جي ديهانت ٿي.
    24 ڊسمبر 1994ع شاعر استاد پيرل قنمبر جو لاڏاڻو ٿيو.
    24 ڊسمبر 1995ع صوفي بزرگ ۽ شاعر جانڻ چن (ٺري ميرواهه) جو لاڏاڻو ٿيو.
    24 ڊسمبر 2006ع سنڌي ڊرامن جي مشهور اداڪار مشتاق جسڪاڻي گذاري ويو.
    24 ڊسمبر 2007ع فلمن ۽ ڊرامن جي مشهور اداڪار اظهار قاضي جي وفات ٿي.

    _______

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏24 ڊسمبر 2014
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    24 ڊسمبر 1972ع ۾ پختون رهنما خان عبدالغفار خان اڍن سالن جي جلاوطني ختم ڪري ڪابل مان واپس پشاور پهتو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو