نسرين هنڱورو
سينيئر رڪن
منهنجونالو نسرين هنڱورو آ هي مان سنڌ جي لاڙ پٽ جي خوبصورت شهر ٽنڊو محمد خان سان تعلق رکان ٿي، پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر آهيان مونکي تمام گهڻي خوشي پئي ٿئي ته آئون سنڌ سلامت جي سٿ جي ميمبر ٿي آهيان ڪافي عرصي کان سنڌ سلامت منهنجي مشاهدي هيٺ آهي هن خوبصورت اڱڻ جو ڏس ادا نثاراحمدناز ڏنو جيڪو منهنجو استاد به آهي ادبي لحاظ کان ڪالم نويسي، مضمون نگاري منهنجا پسنديده سبجيڪٽ آهن ڪوشش ڪنديس ته پنهنجا مضمون توهان سڀني ڀائرن سان ونڊي سگهان۔ اسان سنڌي آهيون توهان کي صرف لاکيڻي لطيف جي هن بيت سان اڳيان وڌڻ جي صلاح ڏينديس:
جان جيئن تان جل، ڪانهي جاءِ جلڻ رِي
تتي ٿڌِيءَ هل ڪانهي ويل ويهڻ جِي (شاهه سائين)
ته اسان جا سنڌي محنت ڪن ايڪو ڪن ته پوءِ ئي سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهون ٿا۔ الله توهان سڀني کي سلامت رکي آمين ثم آمين۔