رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
انتها ئي خوشي ٿي جو سنڌي پنهنجي تهذيب تمدن ڪلچرل سوچ کي سگهارو ڪندي هي ڏينهن ملهايو گهڻا رايا گهڻيو صلاحون منطقي ڳالهيون سڀ سر اکين تي پر هي ڏينهن پروموٽري وي سان هڪ تمام مانائتو ۽ ضروري هيو ۽ ان کي هڪ نه پر هر هڪ پنهنجي گهر کان ويندي ميدان تائين ملهايون ۽ پنهنجن اهڃاڻن جي آڌر ڀاء ڪئي جنهن ۾ سنڌ سان وابسته هر رخ ۽ رجهان جو تصور پختو بنايو ويو پنهنجي پائڻ کان وٺي هر استعمال جي شين جي واکاڻ ۽ واڌارو ٿيو ٻڌايو ويو ته اسان وٽ هڪ خاص طور تي جيڪي شيون آهن اهي دنيا ۾ هڪ شاندار ۽ شانائتو وڻندڙ تصور اتي آهن
جنهن ۾ سنڌي ٽوپي،اجرڪ،پٽڪو،پهراڻ پوشاڪ ،سوسي لُنگي لوئي سنڌي برٿ ڀريل ويس وڳا،جنڊيٕ جا پلنگ موڙا ڪاشيٕ جو ڪم سنڌي موسيقي جا منفرد سر ۽ ساز چنگ ،الگوزو بانسري بين،راندين ۾ مله ملاکڙو ڪوڏي ڪوڏي ونجه وٽي ۽ مچ ڪچهريون ، هڪ بهترين ٻولي جنهن ۾ طاقتور ادب ،شعر وشاعري ۽ لکڻ پڙهڻ لإ ٻولي جيڪا هاڻي ڪنهن به ريت دنيا جي ٻين ٻولين کان گهٽ نه آهي جنهن وٽ پنهنجي پرنٽ ميڊيا به آهي ته اليڪٽرانڪ ميڊيا به آهي ته انٽر نيٽ جي به ٻولي ٿي وئي آهي جنهن جا ڳالهائيندڙ صدين جو سفر ڪري اڄ جي هن ماڊرن گلوبل ڳوٺ م پڳي آهي لک مبارڪون انهن جي ڳالهائيندڙن کي اپنائيندڙن کي ۔۔۔۔اهو ڏينهن ان وچن جو ڏينهن به چئبو جنهن ۾ سنڌ امڙ جا ڄاوا مستون مست ٿي موجن جي مهراڻ ۾ موج بڻجي دنيا کي ٻڌايو ته اسان صدين کان هئاسين آهيون ۽ رهندي دنيا تائين پر اميد آهيون۔۔۔۔۔انشإالله سنڌ جو دشمن موذي مٽجي ويندو ٿُڪجي ويندو ۔۔۔۔انشإالله