اسلام عليڪم،جيئي لطيف سنڌ سلامت جا سڄڻو ڪجھ هفتن کان هي دل گھُري ويب سائيٽ فيس بڪ سان نه پئي کُلي ان ڪري مان هن اڱڻ تي غير حاضر رهيس، مون کي وري رجسٽريشن ڪرڻي پئي باقي مان اوهان سڀني جو پراڻو خادم آهيان وري به نون دوستن کي تعارف ڪرائيندو هلان منهنجو ادبي۽ فني ( آرٽسٽ ) نالو شاهين سنڌي آهي مان 1996 کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان وابسته آهيان ان سان گڏوگڏ سنڌي ٽي وي چينلن ۽ اسٽيچ تي اداڪاري ۽ ڪمپئرنگ ڪندو پيو اچان۔ سنڌي ادب سان ساهه جو رشتو1990کان آهي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڳڙهي ياسين جو بنياد دوستن سان گڏجي رکيو ۽ پهريون سيڪريٽري ٿيڻ تي اڄ به خوش ٿيندو آهيان۔ سنڌسلامت به اهڙي ئي ويب سائيٽ آهي جتان سڪَ ۽ معلومات ملندي آهي جتان هم ذهن دوست مختلف خيالن جي سوکڙي ڏيندا آهن پوءِڪوئي نظم ۾ ته ڪو شاعري وسيلي اسان ته سدائين پنهنجي خالي جهولي ان اوسئڙي ۾ جهليون بيٺا هوندا وڌيڪ هن اڳڻ تي سدائين گڏ هونداسين باقي جيڪي دوست هي اوطاق سجائين ٿا هن اوطاق وسيلي پنهنجي ٻولي پنهنجي ڌرتي جي خدمت ڪن ٿا ۽ پنهنجي ٻولي پنهنجي ڌرتي جي خدمت ڪرڻ جوموقعو ڏين ٿا۔۔۔۔۔۔۔اهڙن سمورن دوستن کي ۽سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي جس ڏيان ٿو جن جي اڻ ٿڪَ محنتن جي ڪري اسان سڀ هن سهڻي جاءِ تي گڏ آهيون ۔۔۔۔۔۔۔۔ 1479 اٽيچمينٽ ڏسو 1480 اٽيچمينٽ ڏسو 1480 اٽيچمينٽ ڏسو سنڌي ٻولي زندھ باد۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سنڌسلامت زندھ باد
هڪ ڳالهه ته ڀلو ٿيو جو اوهان فيسبڪ جو آسرو ڇڏي پاڻ اچي رجسٽر ٿيا ۔۔۔ تمام ڀلو ٿيو ۔۔۔ اوهان ساٿي، ڀائر ۽ دل گهريا دوست آهيو ۔۔۔ اوهانجو اڱڻ ۽ اوهانکي ڀليڪار چوڻ مناسب ته ناهي پر ڪيترن ڏينهن جي غير حاضريءَ کانپوءِ وري ڀليڪار ضرور چئبي ۔۔۔۔ اوهان ۽ اوهانجي سٿ کي سنڌي ثقافتي عيد جون واڌايون هجن ۔۔۔ سدا سرها رهو ۔۔۔ سدا سنڌ ۽ سنڌيت جي مان ۾ پاڻ پتوڙيندا رهو ۔۔۔ ننڍڙي شاهين کي اسان پاران پيار چوندا ۔۔۔
ادا شاهين لطيف سنڌي اسان توهان کي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار ٿا چئون ادا اميد ته سنڌ سلامت جو ڀيرو ڪندا رهندا سدائين گڏ
الا!خوشي ٿيندي آهي،جڏهن ”سنڌ سلامت“ جي اڱڻ تي،ڏٺل اڻ ڏٺل ساٿي سنگتي ميڙا مچائيندا آهن.تڏهن چت چوندي ۽ چاهيندي آ ته:ُبس انهن سان،ڳالهين جي ڳوٺ ۾ سنگ سنگ رهجي شاهين لطيف سنڌي!ٻُڌ ته !لاڙڪاڻي ۾ ريڊيو استيشن ڪهڙي دور ۾ ٺهي؟جيستائين منهنجي ڄاڻ آهي ته 1986 ع ۾ ان جو وجود لاڙڪاڻي ۾ ناهي ۽ ها!اوهان جي ٻولي سٺي آهي پر پروفن جي چُڪ سبب سموري حسناڪي مريو وڃي ٿي،ان ڪري ان تي جوڳو ڌيان ڌر
ادا شاهين لطيف سنڌي اسلام عليڪم۔ ڏاڍي خوشي ٿئي جو اوهان پنهنجي مصروفيت مان ٽائيم ڪڍي هڪ دفعو وري هن ڪکائون محبتي اڳڻ جا ڀاتي ٿيا آهيو۔ توهان ته فنون لطيفا سان تعلق رکو ٿا،اميد ته توهان پنهنجي تجربن ؤ ليکن سان هن اڳڻ جي زينت ۾ اضعافو ڪندا۔ توهان کي اسان وڏي حب سان ڀليڪار چئون ٿا۔
ادا معصوم سائين اوهان درست اهيو لاڙڪاڙي ۾ ريڊيو 1995ع ۾ قائم ٿيوآهي ۽اپريل 1996 کان مون ريڊيو تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ادا اصلاح ڪرڻ جي مهرباني
دوست شاهين لطيف سنڌي کي هن فورم تي ڀليڪار ڪريون ٿا۔ ممبر ٿيڻ شرط ڀا تي لازمي ٿي پيو آهي ته پنهنجي ٽهي کي به هي گس ڏيکارين ته جيئن ملي جلي ڪري اونداهين ۾ گهيرجي ويل سست، ڪاهل، پاڻ پڏائڻ واري قوم لا ڪو دڳ ڳولي ڪڍون ۽ پاڻ به حقيقي معنائن ۾ ٻين قومن وانگر هڪ سولائيزڊ قوم سڏجون جيڪا پاڻ پڏائي پاڻ کي ست هزار سالن جو وارث ته سمجهي ٿي پر عملي ميدان ۾ هڪ نانگ وانگر پنهنجو پاڻ پنهنجا ٻچا کائي ٿي۔ اهو سمجهڻ لا ڀا کي مُهنجو هي چُڀندڙ مضمون پڙهڻو به پوندو ۽ ٻين کي به دعوت ڏئي پڙاهڻو پوندو جنهن جي جواب جو آئون طلبگار آهيان۔مضمون پڙهڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔