اڄوڪو ڏينهن 25 ڊسمبر تاريخ جي دري مان

'ڊسمبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 ڊسمبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 25 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    25 ڊسمبر 1876ع قائد اعظم محمد علي جناح جي جهرڪن ۾ پيدائش ٿي.
    25 ڊسمبر 1889ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر ڊاڪٽر چوئٿرام جو جنم ڏينهن آهي.
    25 ڊسمبر 1911ع ليکڪ ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر مانيرام سيتاڻي جي سکر ۾ پيدائش ٿي.
    25 ڊسمبر 1922ع ليکڪ جهمت مل تلواڻي (حيدرآباد / اجمير) جو جنم ڏينهن.
    25 ڊسمبر 1920ع مولوي ميان منظور احمد پيرزادي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    25 ڊسمبر 1922ع اردو ۽ سنڌي ٻوليء جي نامياري شاعر الياس عاشقي جو جنم ڏينهن آهي.
    25 ڊسمبر 1924ع ڀارت جي اڳوڻي وزير اعظم اٽل بهاري واجپائي جو جنم ڏينهن آهي.
    25 ڊسمبر 1925ع ريسرچ اسڪالر ڊاڪٽر ايم ايڇ پهنور جو جنم ڏينهن آهي.
    25 ڊسمبر 1930ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ليکڪ غلام مرتضى ڀٽي جو جنم ٿيو.
    25 ڊسمبر 1931ع ليکڪ قنمبر ڪريمي جو جنم ڏينهن آهي.
    25 ڊسمبر 1936ع صحافت سان تعلق رکندڙ سيد غلام مرتضى راشدي جو جنم ڏينهن آهي.
    25 ڊسمبر 1949ع اڳوڻي وزيراعظم ۽ سياستدان نواز شريف جو جنم ڏينهن آهي.
    25 ڊسمبر 1950ع ليکڪ عزيز شهزاد منگي جو جنم ڏينهن آهي.
    25 ڊسمبر 1956ع شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو جنم ڏينهن آهي.
    25 ڊسمبر 1962ع قومپرست سياستدان ڊاڪٽر قادر مگسي جو جنم ڏينهن آهي.
    25 ڊسمبر 1964ع شاعر انور ڏنگڙائي جو جنم ڏينهن آهي.
    25 ڊسمبر 1968ع ليکڪ حبيب ساجد جو جنم ڏينهن آهي.
    25 ڊسمبر 1976ع جي يو پي اڳواڻ حافظ بدرالدين آگرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    25 ڊسمبر 1982ع ليکڪ ڪاشف سومرو جو جنم ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:

    25 ڊسمبر 1977ع عظيم مزاحيه اداڪار چارلي چپلن جو انتقال ٿيو.
    25 ڊسمبر 1979ع عالم، مفسر ۽ جماعت اسلامي جي باني مولانا ابوالاعلى مودودي جو انتقال ٿيو.


    اڄوڪي ڏينهن 25 ڊسمبر جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    _______
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏25 ڊسمبر 2013
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اڄ به قصو گهڻو آهي۔ هونئن به اڄ جي ڏينهن آئون مڪمل آرام کي ڏيندو آهيان۔ ڇو ته موڪل ئي موڪل آهي۔ اسڪول آفيس سڀ بند۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    25 ڊسمبر 1876ع تي محمد علي جناح جي جهرڪن ۾ پيدائش ٿي۔ اڳتي هلي اهو نوجوان قائد اعظم بڻيو ۽ پاڪستان کي آزاد ملڪ بڻايو۔ پر اڄ سندس جنم جو هنڌ تبديل ڪري ڪراچي ڪيو ويو آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    [​IMG]

    سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
    سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔

     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    قائداعظم محمد علي جناح۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سليم گل چنا،

    قائداعظم محمد علي جناح 25 ڊسمبر 1876ع تي ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ جهرڪن ۾ ڄائو. ( نوٽ هاڻ زبردستي جناح صاحب لاء اهيو لکيو ۽ پڙهايو وڃي ٿو ته جناح صاحب ڪراچي ۾ ڄائو، خبر نه آهي ڇو؟ ) سندس والد جو نالو جناح پونجها هو، جيڪو ان وقت کلن جو واپار ڪندو هو. کيس،محمد علي جناح ستن ٻارن ۾ سڀني کان وڏو هو. قائداعظم جي پيءُ جو واپار ڪراچي ۾ هو ان ڪري کيس جهرڪن جي شروعاتي تعليم کان پوءِ 1887ع ۾ سنڌ مدرسه هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. بعد ۾ ڪجهه عرصو هو مشن هاءِ اسڪول ۾ رهيو 16 سالن جي ڄمار ۾ هن بمبئي يونيورسٽي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. سندس والد پنهنجي دوست جي صلاح تي اهو فيصلو ڪيو ته محمد علي کي انگلينڊ موڪلجي ته جئين واپار ۾ مهارت حاصل ڪري سگهي پر هن نوجوان اهو فيصلو ڪيو ته هو لنڊن مان بئريسٽر بڻجي وطن واپس ايندو. ان وقت جي رسمن مطابق سندس مائٽن انگلينڊ روانو ٿيڻ کان پهرئين ننڍي ڄمار ۾ سندس شادي ڪرائي ڇڏي.۔۔۔۔۔۔۔۔ تفصيلي مضمون پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو