عبدالرحيم
سينيئر رڪن
اسلام عليڪم سنڌي ڀائرو،
گهڻي وقت کان پوءِ آئون توهان لائي هڪ نئون سافٽويئر کڻي آيو آهيان.
ڪلهه هڪ دوست جي يو ايس بي ۾ ڪو اهڙو وائرس اچي ويو هيو جو هن جي يو ايس بي مان سڀ فائلون ۽ فولڊر ڊليٽ ٿي ويا هيا. هو مون وٽ يو ايس بي کڻي آيو ۽ پنهنجو مسئلي جي حل لاءِ چيائين. سڀ کان پهرين مون هن جي يو ايس بي کي ايواسٽ اينٽي وائرس سان اسڪين ڪيو ۽ پوئي ان جي ميموري چيڪ ڪئي ته برابر ان ۾ مواد پيل هو ڊليٽ نه ٿيو هيو بس نظر نه اچي رهيو هيو. پوءِ مون هِڊن فائلس کي شو ڪيو فولڊر آپشن منجهان پر پوئي به ڪا فائل نظر نه آئي. وري مون فولڊر آپشن مان سسٽم فائل کي به شو ڪرايو ته دوست جون سڀ فائلون نظر اچي ويون. مسئلو ته حل ٿيو پر مون سوچيو ته انهن فائل کي پنهنجي اصلي حالت ۾ آڻڻ کپي، بار بار سسٽم فائلس شو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو. پوءِ مون گوگل جي ويب سائيٽ کولي ۽ سسٽم فائلس کي نارمل فائلس ۾ ڪنورٽ ڪرڻ جو طريقو سرچ ڪرڻ لڳس ڪافي طريقا مليا جيڪي ڊاس ۾ هلندا هئا، اهي سڀ طريقا آزمايم پر حل نه نڪتو. آخر ۾ هڪ ويب سائيٽ جي لنڪ ملي جنهن ۾ هڪ اينٽي وائرس جو ذڪر هو. ان لنڪ کي کوليم ته ان ۾ انهي مسئلي جو حل هو جنهن جي مون ڳولا پي ڪئي. ان لنڪ مان هڪ انٽي وائرس مليو جنهن جو نالو آهي سماڊيو.
اهو هڪ فري اينٽي وائرس آهي ۽ ان جو ڪم اهو آهي ته جيڪي فائلس ڪنهن وائرس جي ڪري هِڊن ٿي ويون آهن يا سسٽم فائل ٿي ويون آهن انهن کي هي اينٽي وائرس درست ڪندو آهي.
پوءِ مون ان اينٽي وائرس کي هن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪيو
۽ پوءِ انسٽال ڪري پنهنجي دوست جي يو ايس بي کي اسڪين ڪيو ۽ پوءِ ان جا ايرر فڪس ڪيا.
ان کان پوءِ مون سسٽم فائلس هِڊن ڪري وري يو ايس بي کي کولي ڏٺو ته سڀ فائل ۽ فولڊر نظر اچي رهيا هئا.
جڏهن منهنجو اهو مسئلو حل ٿي ويو ته سوچيم ته هاڻ سنڌي ڀائرن کي به اهو تجربو ونڊ ٿو ڪريان.
سنڌ سلامت ساٿ سلامت