وقت ٿيو آ هو وري ناهي ڏٺي.

فواد علي سومرو

سينيئر رڪن
وقت ٿيو آ هو وري ناهي ڏٺي
زندگي ڄڻ زندگي ناهي ڏٺي
پنڌ ساڳيو درد جو آهي اڃان
زرد آسن ڪا خوشي ناهي ڏٺي
ڪا خبر ناهي اکين جي شهر جي
ڏينهن ٿي آرسي ناهي ڏٺي
پٿرن تي پير هلندا هن رهيا
دل ڪنواري تازگي ناهي ڏٺي
وقت لوڌي دور آ ايڏو ڪيو
ڳوٺ پهنجي جي مٽي ناهي ڏٺي
جا لکي وئي روح تي تازا غزل
ساحلن سا ڇوڪري ناهي ڏٺي
سو انڌيري جي شهر ۾ آ رهيو
جنهن ڪڏهن ڪا بيرخي ناهي ڏٺي
وقت ٿيو آ هو وري ناهي ڏٺي
زندگي ڄڻ زندگي ناهي ڏٺي
 
وقت ٿيو آ هو وري ناهي ڏٺي
زندگي ڄڻ زندگي ناهي ڏٺي
لاجواب سٽون
 
Back
Top