سرمد سنڌي جي ياد ۾ نثري نظم۔۔۔ سُر تڙپن ٿا

شاهين لطيف سنڌي

سينيئر رڪن
سرمد سنڌي جي ياد ۾
1499 اٽيچمينٽ ڏسو

نثري نظم۔۔۔ سُر تڙپن ٿا
هر اک آلي آلي
هر دل ڏاڊي ڏکاري
سُر ۽ سنگيت روئين ٿا
ڪيڏارو مان وائي ڳائين ٿا
هي سُر
هُن کي ڳولهين پيا
اتر لاڙ ۾
گلابن ۽چمن ۾
تهر جي ڀٽُن ۾
ڌرتي جي خوشبوءِ ۾
وائي،بيتَ ڇا
ڀٽائي جي سڀني سُرن ۾
هي سڏڪن ۽ تڙپن ٿا
مڌر آواز جي وڇوڙي تي
سڏڪن ٿا سڏڪا
۽ آهون تڙپن ٿيون
سُر ۽ سنگيت به تڙپن ٿا
سرمد جي وڇوڙي تي ۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔
 
پيارو من مهڻو شخص، جنهن جي ملڻ سان روح کي راحت اچي ويندي هئي ۔۔۔ ساڻس گڏ گذاريل ڪجهه گهڙيون اڄ به يادن جي دامن ۾ گلن جيئان ٽڙيل آهن ۔۔۔۔ رب العالمين کيس جنت ۾ جايون عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
 
Back
Top