نثارابڙو
نائب منتظم
سرمد سنڌ ۾ ۽ سنڌ هئي سرمد ۾ ....
ڪي ماڻهون مرندا ناهن پر جدا ٿي ويندا آهن، سرمد اسانکان جدا ٿي ويو آهي ، سندس آواز، سندس گيت ۽ سندس يادون اسان سان گڏ آهن ۽ جيستائين سهڻي سنڌ جو ادب ۽ سنگيت زنده هوندو تيستائين سرمد سنڌي به زنده رهندو ....
اڄ وري سندس قومي گيت ٻڌي اکيون آليون ٿي پون ٿيون، انڪري نه ته سرمد اسانجي وچ ۾ ناهي بلڪ انڪري ته سرمد جنهن مقصد لاءِ رات ڏينهن قومي گيت ڳائي ستل قوم جي ڪنن ۾ پنهنجي آواز جا پڙاڏا ٿي ورجايا سا حالت اڃان به قائم آهي ... اڄ به سندس ڪيل جدوجهد جو سفر جاري آهي .... ۽ اڄ به سرمد جو آواز سنڌ جي ڳلين، رستن ۽ کيتن ۾ گونجندو رهي ٿو ....
سرمد جي روح جي راحت ته سنڌ جي آزادي، خوشحالي ۽ ترقي آهي . ۽ . سرمد جي روح کي خوش صرف ۽ صرف سنڌي ڏئي سگهن ٿا ... سنڌ جي سورن جي نجات ئي سرمد جي نجات آهي ...
اي دوست سرمد! اڄ به تنهنجا گيت اسانجي چپڙن تي آهن ۽ قوم جا سور سيني ۾ سانڍيل آهن ....
اي دوست تون پڪ سان رب العالمين جي ويجهو هوندين ۽ سنڌ جي لاءِ ويٺو ٻاڌائيندو هوندين ...
سلام قبول پون اي دوست!!!