سرمد سنڌ ۾ ۽ سنڌ هئي سرمد ۾ ....

نثارابڙو

نائب منتظم
سرمد سنڌ ۾ ۽ سنڌ هئي سرمد ۾ ....​
ڪي ماڻهون مرندا ناهن پر جدا ٿي ويندا آهن، سرمد اسانکان جدا ٿي ويو آهي ، سندس آواز، سندس گيت ۽ سندس يادون اسان سان گڏ آهن ۽ جيستائين سهڻي سنڌ جو ادب ۽ سنگيت زنده هوندو تيستائين سرمد سنڌي به زنده رهندو ....​
اڄ وري سندس قومي گيت ٻڌي اکيون آليون ٿي پون ٿيون، انڪري نه ته سرمد اسانجي وچ ۾ ناهي بلڪ انڪري ته سرمد جنهن مقصد لاءِ رات ڏينهن قومي گيت ڳائي ستل قوم جي ڪنن ۾ پنهنجي آواز جا پڙاڏا ٿي ورجايا سا حالت اڃان به قائم آهي ... اڄ به سندس ڪيل جدوجهد جو سفر جاري آهي .... ۽ اڄ به سرمد جو آواز سنڌ جي ڳلين، رستن ۽ کيتن ۾ گونجندو رهي ٿو ....​
سرمد جي روح جي راحت ته سنڌ جي آزادي، خوشحالي ۽ ترقي آهي . ۽ . سرمد جي روح کي خوش صرف ۽ صرف سنڌي ڏئي سگهن ٿا ... سنڌ جي سورن جي نجات ئي سرمد جي نجات آهي ...​
اي دوست سرمد! اڄ به تنهنجا گيت اسانجي چپڙن تي آهن ۽ قوم جا سور سيني ۾ سانڍيل آهن ....​
اي دوست تون پڪ سان رب العالمين جي ويجهو هوندين ۽ سنڌ جي لاءِ ويٺو ٻاڌائيندو هوندين ...​
سلام قبول پون اي دوست!!!​
 
مونکي ٻالڪپڻي جا ڏينهن اڄ به ياد آهن جڏهن مون پنهنجي اسڪول ۾ سرمد جي گيت ” ٻالڪ ٻالڪ هاري جو، ڪائنر اک ۾ ڪنڊو آ، ننڍڙي ننڍڙي هٿڙي ۾ ڳاڙهو ڳاڙهو جهنڊو آ۔“ تي ٽيبلو پيش ڪيو هئم ۔۔۔الا الا اهي سُر ، اهي آلاپ اڄ به روح کي ريجهايو وڃن، ڄڻ ته سرمد جو آواز اڄ به سنڌ جي مست هوائن ۾ پڙاڏو بڻجي گونجي رهيو آهي ۽ سُر راڻي جي آواز ۾ اڄ به چوندي نظر ٿو اچي ته ” راڻا تنهنجي راڄ ۾ مونکي چوڏهون چنڊ ڏٺو،، نه ڪي داڻو پيٽ ۾ الا۔۔۔۔۔۔۔ نه ڪي اکين ان ڏٺووو،، وڃي راڻي کي چئجوووو۔۔۔ووو ته مومل ! رات مري وئي۔۔ هو الا ووو الاا۔۔۔

سنڌ جي هن اربيلي قومي راڳي کي عظيم ڀيٽا پيش ڪيان ٿو۔
 
Back
Top